محبت ۽ ڀائيچاري جي ڌرتي: سنڌ

ماجد رانا

سنڌ جي ڌرتيءَ هميشه امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي. هن ڌرتيءَ کي صوفين، بزرگن ۽ الله وارن جي ڌرتي ڪوٺيو وڃي ٿو، انساني اوائلي تهذيب کان ويندي هن وقت تائين هن ڌرتيءَ جا ماڻهو امن محبت ۽ پيار جا پرستار، مذهبن جي متڀيد کان مٿانهان مهان انسان ٿي رهيا آهن.

هتي جي ماڻهن هر مذهب کي قبوليو، هتي هر مذهب جا ماڻهو محبت سان گڏجي رهندا هئا. موئن جي دڙي مان ڪنگ پريسٽ جو مجسمو ملي ٿو، ناچڻيءَ جي مورتي ملي ٿي، ٻارن جا رانديڪا ملن ٿا پر ان مان هڪ به هٿيار هٿ نٿو اچي، جيڪو هن ڌرتي جي ماڻهن جي امن پسند هجڻ جو ثبوت آهي.

شاهه لطيف، سچل، سامي ۽ اياز جهڙن وڏن مفڪرن به هن ڌرتي جي انهيءَ صديون پراڻي روايتن جي پاسداري ڪندي مذهبن کان مٿانهين انسانيت جو درس ڏنو آهي پر افسوس جو سنڌ هاڻ پنهنجي انهيءَ عظيم تاريخي قدرن کي وڃائي رهي آهي، اڄ سنڌ جي اها منفرد سڃاڻپ خطري ۾ پئجي وئي آهي.

هن وقت پورو ملڪ دهشتگردي جي ور چڙهيل آهي، دهشتگرد پنهنجين ڪاررواين ۾ سياستدانن، مذهبي اسڪالرن، ڊاڪٽرن، صحافين ۽ عام ماڻهن سان گڏ عبادتگاهن کي به نشانو بڻائي رهيا آهن.

هن وقت ملڪ خاص ڪري سنڌ اندر رهندڙ غير مسلم انهيءَ دهشتگردي جو نشانو بڻجي رهيا آهن. تازو ئي لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۾ مندرن کي لڳل باهه سنڌ جي صدين پراڻي تهذيب ۽ اخلاقي قدرن جي چتا کي لڳل باهه جيان ظاهر ٿي ۽ هن سنڌي سماج جي اهنسا واري سڃاڻپ کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو.

سنڌ ي ماڻهو پنهنجي صدين تي محيط امن، محبت، ڀائيچاري ۽ انسانيت جي علمبردار تهذيب ۽ اعليٰ قدرن تان دستبردار ناهن ٿيا. مخدوم بلاول ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ بنا ڪنهن تفريق جي فقط انسانيت جي خاطر وڙهندي گهاڻي ۾ پيڙاهيو ويو، شاهه عنايت مسڪين مارن جي حقن لاءِ مظلومن جو آواز بڻجي اڀريو هو، سچل مذهبن کان مٿانهون بيهي سچ جو ساٿاري بڻجي درس ڏنو هو. لطيف پنهنجي زندگي ئي مارن جي ڏکن ۽ ڏوجهرن کي بيان ڪندي بسر ڪري ڇڏي هئي.

لطيف ته اعليٰ مذهبي گهراڻي جو فرد هوندي به ڪڏهن ماتا جي چوکٽ تي ته ڪڏهن جوڳين سان جهرجهنگ جهاڳندو وتندو هو. سنڌ پنهنجي عظيم بزرگن جي پيغام کي وساري نٿي سگهي.

کين ياد آهي ته ڀٽائي ته راءِ ڏياج کي به سچو انسان هئڻ ڪري پنهنجو هيرو بڻايو هو ته پوءِ سنڌي ڪيئن پنهنجي رهبر جي ڏنل درس کي وساري سگهندو؟

جيءُ تڏهن ٿو جهري جڏهن ڀٽائي جي ديس جو واسي شدت پسند ۽ ناڪاري قوتن جي هٿن ۾ کيڏندي پنهنجي ڌرتي کي انهيءَ اوڙاهه ۾ ڌڪي ٿو.

اڄ هر سنڌي کي اهو سوچڻو پوندو ۽ فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڀٽائي، سچل، شاهه عنايت، مخدوم بلاول سندن هيرو آهن جن انسانيت جي تعمير ڪئي يا اُهي جن کي هر باضمير دهشت جي علامت سمجهي ٿو ۽ کين دهشتگرد جي نالي سان سڏي ٿو