واچ پائڻ جي رجحان جو گهٽجن

ماجد سولنگي

انسان جو وجود هن ڌرتي تي ڪروڙن سالن کان رهندو پيو اچي، جڏهن به هن کي ڪنهن شيءِ جي ضرورت پئي آهي ته ان وڏي غور فڪر ۽ تجربي کان پوءِ ان جي برابري ڪئي آهي.

هن نيا ۾ جيڪي به سائنسي شيون آهن اهي انسان جي ذهن جي پيداوار آهن، شروعاتي دؤر ۾ جڏهن سائنس ايڏي وڏي ترقي نه ڪئي هئي ته ان وقت انسان ڏينهن جو سج ۽ رات جو چنڊ يا تارن جو رخ ڏسي وقت جو اندازو هڻندو هو.

پوءِ وقت جي وهڪري سان گڏوگڏ انسان به ترقي ڪندو ويو ۽ نيٺ وڃي هڪ اوزار ٺاهيو جنهن جي ذريعي انسان وقت کي انتهائي سولي نموني پرکڻ لڳو، ان مشينري جو نالو واچ رکيو ويو جنهن اچڻ شرط ئي دنيا ۾ ڄڻ ته تبديلي آڻي ڇڏي ۽ انسان پنهنجي ڪم ڪار جي لاءِ وقت مقرر ڪري ڇڏيو، جنهن بعد هر اداري ۽ ماڻهو ڪم ڪار جي لاءِ وقت مقرر ڪري ڇڏيو.

هونءَ ته واچ انگريزي ٻولي جو لفظ آهي، جيڪو سنڌي ٻولي ۾ پڻ مروج ٿي ويو آهي. سنڌ جي ٻهراڙي ۾ وري واچ کي گهڙي به چيو ويندو آهي. ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته دنيا مسلسل تبديلي ۾ آهي ان ڪري هر شيءِ ۾ پڻ تبديلي ايندي رهي ٿي، جنهن کي اسان سائنس جي وڌندڙ ترقي چئي سگهون ٿا.

جڏهن واچ شروع ۾ مارڪيٽ ۾ آئي هئي ته اڄ واري ڊزائن ۾ نه هئي ۽ نه وري ان ۾ ڪي جديد سهولتون هيون جيئن اڄ ڪلهه واچ ۾ ٽائيم سان گڏوگڏ تاريخ ڏسڻ جي به سهولت آهي.

هر شيءِ جو ان وقت زوال ايندو آهي جڏهن ان جو متبادل ايندو آهي. هتي اسين هڪ مثال پيش ڪنداسين هن مثال جي ذريعي اسان واچ جي عروج ۽ زوال جو سٺي نموني تجزيو ڪري سگهون ٿا يا ان جي زوال بابت پڙهندڙ کي مطمئن ڪري سگهون ٿا.

عام طور تي جمهوري حڪومت ۾ سياسي پارٽيون ئي حڪومت ڪنديون آهن يا وري پنهنجو فرض صحيح نموني نه نڀائي سگهنديون آهن ته ان جي جاءِ وري ٻي ڪا پارٽي والاريندي آهي جنهن کي اسان متبادل چوندا آهيون.

معنيٰ ان جي جڳهه ڪا اهڙي شيءِ والاريندي آهي جيڪا ان کان وڌيڪ ڪم ڏئي سگهي. واچ واري زوال ۾ به اهڙو ئي ڪجهه ٿيو آهي ڇوجو اصل ڪم ٽائيم ڏسڻ ئي آهي. جڏهن سائنس ترقي ڪري موبائل مارڪيٽ ۾ آندي ته ان ۾ ڳالهائڻ سان گڏوگڏ ٽائيم جي به سهوليت ميسر هئي.

هاڻي ته موبائيل ڳالهائڻ ۽ ٽائيم ڏسڻ کان سواءِ انٽرنيٽ هلائڻ جو به ڪم ڏئي ٿي، هاڻي تقريبن هر ڪنهن ماڻهو وٽ موبائيل آهي جيڪڏهن ان کي ٽائيم ڏسڻو آهي ته هو موبائيل مان اهو ڪم آساني سان وٺي ٿو ته پوءِ ان کي ڪهڙي ضرورت آهي جو هو خرچ ڪري ٽائيم ڏسڻ لاءِ هڪ الڳ واچ به خريد ڪري ڇو جو ان جو وڏو متبادل موبائيل آهي.

تاريخي طور تي جيڪڏهن ڪنهن به شيءِ جو متبادل ايندو آهي ته اها شيءِ يا مشينري پاڻمرادو ختم ٿي ويندي آهي.

پاڪستان جي شروعاتي دؤر ۾ ماڻهو عام طور تي ريلوي ذريعي سفر ڪندا هئا ۽ ان دؤر ۾ ريلوي تمام گهڻي مشهور هوندي هئي، ان وقت ان جو قدر به هوندو هو پر جڏهن کان ان جو متبادل بسون آيون ۽ روڊ رستا عام جام ٿي ويا ته ماڻهن ريلوي جو سفر گهٽائي ڇڏيو ڇو جو ان جي جاءِ بسن والاري ائين تاريخي طور تي ڪي شيون ڪجهه وقت هلڻ کان پوءِ ختم ٿينديون آهن ۽ انهن جي جڳهه ڪنهن متبادل والاري آهي.

واچ جو اڃا تائين مڪمل زوال نه آيو آهي نه وري ان کي ماڻهن مڪمل طور تي استعمال ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. اڄ به شادي گهوٽ واچ ضرور ٻڌندو آهي.

شادي جهڙي موقعي تي واچ ڄڻ ضروري هوندي آهي. اڄ به ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي واچ وڏي شوق سان ٻڌن ٿا حالانڪه انهن وٽ ٽائيم ڏسڻ لاءِ موبائيل به هوندي آهي.

منهنجو واچ بابت ڄاڻ وٺڻ لاءِ هڪ واچ وڪرو ڪندڙ دڪاندار سان رابطو ٿيو ته ان پنهنجا ويچار ونڊيندي ٻڌايو ته اسان واچون سستي اگهه وڪرو ڪندا آهيون، اهي گهڻو وقت هلي نه سگهنديون آهن ڇو جو انهن جي مشينري سادي هوندي آهي گهڻو ڪري اهڙي قسم جون واچون غريب يا پورهيت طبقو ئي خريد ڪندو آهي.

اها واچ جلدي خراب ٿي ويندي آهي ته اهو خريدار وري اسان جي دڪان تي ايندو ناهي ڇو جو ان جي واچ ٻڌڻ تان دل ٽٽي پوندي آهي.

ڇو جو هو مهانگي اگهه واري واچ خريد ڪري ئي ناهن سگهندا پر وڏا وڏا ماڻهو اڄ به شوق سان ٻڌن ٿا. اها به ڪا عام واچ نه راڊو ۽ سيڪو فائيو جهڙيون انتهائي ڳري اگهه واريون ڇو جو اهي پنهنجي شخصيت کي ظاهر ڪندا آهن.

مٿي پيش ڪيل سموري بحث مان اهو نتيجو ٿو نڪري ته موبائيل جي اچڻ سان ماڻهن واچ ٻڌڻ گهٽ ڪئي آهي، پر ان کي مڪمل طور تي ڇڏي ناهي ڏنو ۽ واچ ٻڌڻ رڳو ٽائيم لاءِ ضروري ناهي سمجهو ويندو پر ان سان شخصيت تي به سٺو اثر پوي ٿو.*