سائي ٻيلي ۾ ٻن شينهن جي آزمائش....!

رئوف چانڊيو

آدم ديس ۾ سائو ٻيلو نالي هڪ خوبصورت جهنگل آهي. جتي انيڪ شينهن بادشاهي ڪري ويا، ڪي ٿورو وقت رهيا ته ڪن پنهنجي ڏاڍ تي وڌيڪ وقت بادشاهي ڪئي. ٻيلو تمام خوبصورت آهي تنهنڪري سڀني شينهن ۽ شينهن جي ڇاڙتن جيترو وقت ٻيلي ۾ بادشاهي ڪئي ڏاڍيون موجون ڪيون ۽ اڃا ڪري رهيا آهن. بس هڪٻئي جي واري جو انتظار ڪندا رهيا آهن.

جن کان صبر نه ٿيندي آهي ته اُهي وري موجود حاڪم کي ڀڄائڻ جون ڪوششون ڪندا رهندا آهن۔ ٻيلي ۾ هر قسم جا وڻ ۽ ميوو پيدا ٿيندو آهي، وڏي ڳالهه جو ڪو پُڇڻ وارو به ناهي ته ڪنهن شينهن پنهنجي بادشاهي ۾ ڪيترو کاڌو ڪيترو ٻين کي کارايو يا ٻيلي مان مال کڻي ٻئي ٻيلي ۾ ڇو لڪائي رکيو آهي، نه ...!!  بادشاهه کان ڪو پڇڻ وارو ناهي. شينهن کان ته شينهن ئي پُڇي سگهي ٿو سو انهيءَ ٻيلي جو ٻيو ڪو شينهن ته ڳالهائيندو ئي ڪونه، ڇو ته سڀاڻي اُن کي به بادشاهي ڪرڻي آهي، تنهنڪري هڪٻئي کي ٿوري ڇوٽ به ڏيندا آهن.

باقي ٻين ننڍن ننڍن ۽ عام جانورن کي ٻيلي ۾ رڳو رهڻ جو حق آهي، مال جي پُڇا ڳاڇا ڪرڻ جي انهن کي جُرئت نه ٿيندي.جيڪڏهن ڪو پُڇا ڪرائڻ جو سوچيندو به صحيح ته ٻئي ڏينهن شينهن بادشاهه جا ڇاڙتا سندس اهڙو حشر ڪندا جو وري اهڙي ڳالهه ئي نه ڪندو. تنهنڪري اُهي عام جانور ويچارا چاهيندي به ڪجهه ڪري نه سگهندا آهن. شينهن جي ڇاڙتن پاران سدائين کين اذيتون ۽ تڪليفون رسنديون رهن ٿيون جنهن تي اُهي ويچارا پنهنجي پنهنجي جوُ ۾ رهي دانهون به ڪندا آهن پر اُن جو داد فرياد نه ٿيندو آهي، ڇو ته هرهنڌ شينهن جا ڇاڙتا موجود آهن.

ڪنهن کي پيئڻ جو پاڻي نه ملندو آهي، ڪنهن جا ٻچا بُک وگهي مري ويندا آهن، ڪنهن سان رڇ بگهڙ جهڙا شينهن جا ڇاڙتا زيادتيون ڪندا آهن، اُنهن جا ٻچا کڻي ويندا آهن، اُنهن جي ٻِرن تي قبضا ڪري وٺندا آهن، مطلب ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان شينهن بادشاهه جا ڇاڙتا عام جانورن کي تنگ ڪندا ئي رهن ٿا. ننڍا ننڍا عام جانور ويچارا وڃن ته ڪيڏانهن وڃن، ٻئي ڪنهن ٻيلي ۾ کائڻ پيئڻ ته ڇا رهڻ لاءِ جڳهه نه ملندي. تنهنڪري عام جانورن انهن ڏکن سورن کي پنهنجي تقدير سمجهي ورتي آهي.

سائي ٻيلي آباد ٿئي کي مُني صدي ٿيڻ واري آهي پر هڪ اڌ کانسواءِ هتي ڪوبه اهڙو شينهن بادشاهه نه آيو جيڪو پاڻ به عام جانورن جيان زندگي گذاري يا جيترا پاڻ ٺَٺ ٺانگر اوترا ٻين جانورن کي به ڪرائي.

ٻيلي ۾ 60، 70 سالن تائين جن شينهن بادشاهي ڪئي، اُنهن ۾ ڪي ته عام جانورن جي اتفاق سان به آيا ته ڪن وري ڏنڊي جي زور تي پنهنجو ديرو ڄمايو، جن کي ويڙهاڪ شينهن چيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته اُنهن جو اصل ڪم پنهنجي ٻيلي جي سرحدن جي چوڪيداري ڪرڻ آهي جيڪي ٻين ٻيلن کان اچي سائي ٻيلي جي سرحدن ۾ مداخلت ڪندا آهن.

انهن ويڙهاڪ شينهن مان هڪ شينهن گذريل ڏهاڪي دوران هن سائي ٻيلي جي بادشاهي ڪري چڪو آهي. هن ويڙهاڪ شينهن جي بادشاهي ٻين شينهن بادشاهن جي ڀيٽ ۾ مختلف هئي، جيڪا ڪجهه شينهن ۽ وڏن جانورن کي نه وڻندي هئي.

انهن مان هڪ ته شينهن بلڪل ڪٽر هوندو هو، ڇو ته هن ويڙهاڪ شينهن اُن کي زوري تخت تان لاهي بادشاهي کسي هئي. ويڙهاڪ شينهن بادشاهي دوران ڪافي سالن تائين پنهنجي جنگي کل نه لاٿي، جنهن تي وڏن جانورن کي ڪاوڙ هوندي هئي ته هي پنهنجي جنگي کل ۽ ڏنڊي جي زور تي غيرقانوني ڪارروائي ڪري رهيو آهي.

ٿيو به ائين ئي جو هن پنهنجي دور ۾ هڪ جابلو پوڙهي شينهن کي مارايو هو. جنهن بعد هُن ويڙهاڪ شينهن جو بادشاهي جو مدو پورو ٿيڻ لڳو ۽ نئين بادشاهي ايندي ئي اهو شينهن پَٽا ڏئي ڀڄي وڃي ٻيو ٻيلو وسايو. وري جڏهن گذريل سال 2013ع دوران نئين بادشاهي چونڊڻ جو اعلان ٿيو ته ساڳئي ويڙهاڪ شينهن جو من رهيو ڪونه ۽ ٻيهر بادشاهي ماڻڻ جي چڪر ۾ سائو ٻيلو پهچي ويو.

سائي ٻيلي جا ٻيا شينهن ته هنئن هن سان ٺهندا ڪونه هئا، ڇو جو هن به پنهنجي دور ۾ هنن سان من مستيون ڪيون هيون، سو اچي هن کي وروڙيو، هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙائي ڊوڙائي نيٺ وڃي پڃري ۾ بند ڪيو. هاڻ ڦاسڻ کانپوءِ ويڙهاڪ شينهن ويچارو ٿي ويو.

ڏوهن مٿان ڏوهه ظاهر ٿيڻ لڳا. ويڙهاڪ شينهن پڃري مان جان آجي ڪرڻ لاءِ موجوده شينهن بادشاهه کي به عرض رکيا، ٻين ٻيلن جي شينهن بادشاهن کان به پارت ڪرائي، هڪ ٻيلي جي بادشاهه ويڙهاڪ شينهن کي معاف ڪرڻ لاءِ اندروني طور سائي ٻيلي ڏانهن مال به موڪلي ڏنو.

سائي ٻيلي جو بادشاهه هڪ پاسي چاهي پيو ته ويڙهاڪ شينهن کي نه ڇڏجي، ته ٻئي پاسي پاڻ کي ويڙهاڪ شينهن هن کي رعايت ڏني هئي تنهنڪري سندس ساٿين يادگيري ڏياري ته سائي ٻيلي جا بادشاهه ماضي ياد ڪري ڪجهه هلڪو هٿ رک. ٻئي پاسي وري سائي ٻيلي جا ٻيا شينهن ۽ وڏا جانور به ويڙهاڪ شينهن کي پڃري مان ڪڍڻ جي خلاف آهن سو شينهن بادشاهه کي چيو ته جيڪر ويڙهاڪ شينهن جو پڃرو کوليو ته هي اهڙي پاسي ڀڄي ويندو جو وري اِهو هٿ ئي نه ايندو ۽ پوءِ ڪم خراب ٿيندو، تنهنڪري ويڙهاڪ شينهن کي ڪجهه سزا اچڻ ڏيو ڀلي، هن جيڪي ڪرتوت ڪيا آهن تن جي سزا ڀوڳڻ ڏيو ته کيس خبر پوي.

اهڙي ريت شينهن بادشاهه ۽ سندس صلاحڪارن جي ذهنن تي اڄڪلهه رڳو ويڙهاڪ شينهن وارو معاملو سوار آهي تنهنڪري ٻئي مسئلي ڏانهن ڌيان ئي نٿو وڃي، ڀلي سمورو ٻيلو پيو ٻري. هاڻ ڏسون ته ويڙهاڪ شينهن جو آخر ڇا ٿو ٿئي...؟!! ان ڳالهه جو سڄي ٻيلي جي رهواسين کي انتظار آهي