هڪ دينهن ! حسين منظرن جي ڏيهه ۾ گورک هل اسٽيشن

ماجد رانا

سانوڻ جي مند ۾ ٿيل وسڪاري بعد ڪاڇي سائي چادر اوڍي ورتي آهي، پيرون پچي چڪا آهن، کيرٿر جي هنج ۾ جابلو ٻير ڳاڙها ڳٽول ٿي چڪا آهن. وسڪاري بعد ندين ۽ نيئين کي جوڀن ملي ويو آهي ريلا ڪري وهي رهيون آهن، جن جي ڪنارن سان کنڀيون نڪري آيون آهن.

چهچ ساوا ٻوٽا پيرس جي پرفيوم کان به وڌيڪ خوشبوء دار آهن. جڏهن نديون اڪري کيرٿر ڏانهن نهار ٿي ڪجي ته گورک جي چوٽيءَ طرف جبلن جي قطار دلڪش منظر جيان لڳي ٿي.

کاول لڪ تي چڙهڻ لاءِ جڏهن فور ويل ڳاڙهي گاڏي پنهنجي پوري طاقت سان ورن وڪڙن، لاهن چاڙهن واري خطرناڪ رستي تان هلڻ لڳي ٿي، تڏهن ڪن جو خيال آهي ته ماڻهو جو ساهه مُٺ ۾ ٿيو پئي. گاڏي اندر ڄڻ ته نانگ سراپي ويو هجي.

پر ڪاڇي جا جهونا جوڳي ۽ تجربيڪار ڊرائيور گورک جي تاريخ تي به ڳالهائيندا هلندا ۽ پوري اعتماد سان گاڏيءَ جو اسٽيئرنگ ڪنٽرول ۾ رکي چرچا ڀوڳ به ڪندا ۽ ٽهڪڙا ڏيندا مسافرن کي پيا دلجاءِ ڏيندا هلندا، جيئن هوائي جهاز ۾ ڪنهن خوف جي ماريل مسافر کي ايئر هوسٽس بار بار انٽرٽين ڪندي آهي.

کاول لڪ ڪراس ڪرڻ وقت لڳندڙ ٿڌڙي هير جون-جولاءِ ۾ به جسم کي ٿڌو ڪري ڇڏي ٿي. گورک تي پهچندي خمون کان اوچتو رڙ نڪري وڃي ٿي.

ٿڌو ساهه ڀري چئي ٿو ته ”يار پاڻ ته ڪوهه مري ۽ ڪوئٽا بنا ٽڪيٽ جي پهچي ويا آهيون، وڃ ڙي اهڙي ٿڌ...!!!.“، ”هوا ته ڪپڙا پئي ڦاڙي، هوڏي ڏسو! رمونءَ جا ڏند پي کڙڪن...“ سڀئي ٽهڪ ڏين ٿا، دل ئي دل ۾ خوش ٿين ٿا، سندن مستيون موٽي اچن ٿيون، ڪنهن فوٽ بال ۽ ڪرڪيٽ جي گرائونڊ جهڙن ساون ميدانن ۾ ڊوڙون پائي بي انتها شانتي ۽ سڪون هلڻ تي ڏاڍا خوش ٿين ٿا.

خميسو سڀني کي صلاح ڏئي ٿيو ته ”ٻيلي اچو ته گورک جي چوٽي تي هلؤن، جتي بينظير ويو پوائنٽ آهي.“ اتي عارف هڪل ڪري چوي ٿو ته ”خبر اٿؤ ته گورک خود سنڌ جي مهانتا جي ڳچي آهي جنهن موناليزا کي به مات ڏئي ڇڏي آهي.“

بينظير ويو پوائنٽ تي پهچندي جڏهن بلوچستان جي طرف پهاڙي سلسلا ۽ نئين ڳاج جي خوبصورتيءَ کي جڏهن گروپ جا سڀئي نوجوانن ڏسڻ لڳن ٿا ته رزاق سڀني کي هٿ وٺي بيهاريندي چئي ٿو ته ”اهڙو حسين منظر ته مون ڪڏهن خواب ۾ به ناهي ڏٺو!“ هاڻِ سڀئي پنهنجي موبائلن ۽ ڪيمرائن سان حسين منظرن کي هميشه لاءِ قيد ڪرڻ جي ڪوششن کي جُٽي وڃن ٿا.

گهمندي ڦرندي پنهنجي ماهراڻي انداز بيان ۾ راءِ زني ڪندي آصف سڀني کي ٻڌائي ٿو ته ”هيٺ ريسٽورنٽ ۽ گيسٽ هائوس به آهن، پر هتي ويهي ٻوڙ رڌڻ ۽ پنهنجي ماني پاڻ پچائڻ ۽ سائي ماني کائڻ جو جيڪو مزو آهي سو مزو گورک جو ريسٽورنٽ ته ڇا پر ڪنهن فائيو اسٽار ۾ به نه هوندو.“

آصف جي ڳالهه اڃا جاري ئي هئي ته رزاق تاڙيون وڄائي سندس راءِ سان پنهنجي متفق هجڻ جو اظهار ڪرڻ شروع ڪري ڏئي ٿو. آصف ڏانهنس نهاري وري ڪهاڻي جاري رکندي سڀني جي توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪائيندي ٻڌائي ٿو ته ”گورک ڪنهن جانور جي نالي سان  منسوب ٿيل آهي ۽ بينظير ويو وٽ جيڪا لوهي ڄاري (گِرل) لڳل آهي اتي سنڌ جي سرحد ختم ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن هيٺ ڏسو ته اها ڪنهن جبل نه پر ڀت وانگر هزارين فوٽ هيٺ وڃي ٿي.“

لکين سالن جي تاريخ کير ٿر جبل ۾ سمايل آهي. بلوچستان طرف لسٻيلو، خضدار، هنگلاچ، اواران آهن، جڏهن ته دادو ڄامشورو، قنبر شهدادڪوٽ سنڌ واري طرف ۾ آهن.

خمون چيو ته”يار هاڻي ننڊ اچي ورايو آهي، اچو ته زمين کان  5686 فوٽ بلنديءَ تي ڪا سڪون جي ننڊ ڪريون ۽ ڪي سندر خواب ڏسون، ڇو ته هن ماڳ تائين حسين محبوبائن جي هنج ۾ وڃي سگهجي ٿو.

رمون سڀني کي رازاداريءَ واري انداز ۾ ٻڌائي ٿو ته ”کير ٿر جبل ۾ هرڻي، ڳورپٽ، گدڙ، بگهڙ ۽ ٻيا جانور آهن هي جيڪي ڊگها ۽ ڪي ننڍي قد وارا ٻوٽا ڏسون ٿا انهن مان سنياسي ۽ حڪيم دائون ٺاهيندا آهن.

اهي جبل جون اهڙيون ٻوٽيون آهن جيڪي بيمار انسان کي شفا ڏين ٿيون.“ خمون انکي روڪي ۽ چئي ٿو ته ”هو ڏس! ٻند جبلن جي وچان جيڪي برساتي نالو آهي اتي فِيش جي ٻوتڻ جي جيڪا ڊگهي قطار آهي انهيءَ مان اسان جي ڪاڇي جا ماڻهو کٽن لاءِ واڻ ٺاهيندا آهن 7 اهي ٻارڻ جي ڪم به اينديون آهن.“

صبح سان هن پياري ماڳ تي جيئن سج جا ڪرڻ اڪرن ٿا تيئن کورگ جي منظرن خوبصورتي ڏسي آصف سڀني کي چئي ٿو ته ”يار سج ته ڳوٺ ۾ به اهو ساڳيو اڀرندو آهي پر اڄ ته هن خوبصويري منظر سنڌ جي حسناڪي وڌائي ڇڏي آهي. هڪ رات گورک تي ڇا گذري آهن ڄڻ ته دنيا کان ٻاهر جي ڪنهن سدا ملوڪ نگريءَ ۾ پهچي ويا آهيون.“  هي سفر ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، جيڪي گهڙيون هت گذريون آهن سي اڻ مٽ آهن