عمر ڪوٽ قلعي جو زوال...؟

سڪندر آريسر

پنهنجي نالي جي حوالي سان متضاد راءِ سان سڃاتو ويندڙ عمرڪوٽ يا امرڪوٽ جو تاريخي قلعو، حڪمرانن جي بي راهه روي ۽ مقامي سماجي توڙي سياسي ڌرين جي لاتعلقي جي روش ڪري پنهنجي اصلي سڃاڻپ وڃائيندو وڃي.

هن قلعي جي تعمير مطابق به متضاد رايا ايندا رهيا آهن. ڪي مورخ لکن ٿا هي قلعو سوڍن تعمير ڪرايو، ته ڪي وري سومرن جي مالڪي ڏيارڻ جي چڪر ۾ آهن پر ڪي حلقا اهو به چون ٿا ته هي قلعو سومرن ۽ سوڍن کان به اڳ جو تعمير ڪرايل آهي.

جنهن جي دليل ۾ قلعي جي مُک دروازي تي موجود هڪ نشان ڄاڻاين ٿا، جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو اهو نشان ان قبيلي جي سڃاڻپ آهي جي سج جي پوڄا ڪندا هئا، هي قلعو کڻي ڪنهن به تعمير ڪرايو هجي پر هاڻي سوال هن تاريخي قلعي کي بچائڻ جو آهي.

جنهن جي سڃاڻپ حب الوطني جو علامتي ڪردار ماروي سان منصوب آهي، هن قلعي جي اهميت عمر سومري کان وڌيڪ ماروي جي ڪري آهي، هن وقت قلعي جي چئن ديوارن مان ٻه ديوارون مڪمل طور تي ڪري چڪيون آهن، جڏهن ته هڪ ديوار جو به باقي اڌ حصو بچيو آهي، باقي بچي ويل ديوار ان ڪري محفوظ رهي آهي جو اڳوڻي وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جي دور ۾ هن جي مرمت ڪئي وئي هئي.

جڏهن ته قلعي جا ٽي وڏا برج مڪمل طور تي ختم ٿي ويا آهن. قلعي جي اندرين حصي ۾ ڪا به اهڙي عمارت ناهي بچي جنهن جي متعلق چئي سگهجي ته هي سومرن، سوڍن ان کان به اڳ واري دور ۾ تعمير ڪئي وئي هجي، پر هڪ اهڙي عمارت موجود آهي جنهن متعلق چيو وڃي ٿو ته انگريز دورِ حڪومت ۾ تعمير ڪئي وئي هئي سا به هاڻي انتهائي زبون واري حالت ۾ اچي چڪي آهي.

ان کان علاوه باقي تي سرڪٽ هائوس تعمير ڪيو ويو، جنهن جا پڻ هن قلعي تي ناڪاري اثر پيا، جنهن جو ڪارڻ باربار وي آءِ پيز جي اچڻ تي ماڻهن جي رش ۽ قلعي اندر هيوي پيڊ جي موجودگي آهي.

ماهرن جو اهو پڻ خيال آهي ته قلعي اندر هيليڪاپٽر جي لينڊنگ ۽ اڏام جي ڪري به قلعي جي ديوارن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، قلعي جي اندر ميوزم به موجود آهي جنهن ۾ ڪا به اهڙي تاريخي شيءِ رکيل ناهي جنهن کي ماروي جي دور سان منصوب ڪري سگهجي يا ان ۾ عوامي دلچسپي هجي.

ميوزم ۾ ڪلهوڙن جي دور جا هٿيار ۽ مغلن جي دور جا ڪتابي نسخا ۽ ڪجھ پراڻا سڪا رکيل هئا، جن کي هٽائي ڪوپر جا سڪا رکيا ويا آهن. ان کان علاوه ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ عمر ماروي سميت ٿر جي خطي سان لاڳاپيل ڪجھ مجسما ٺاهيا ويا آهن، جنهن کي عمر ماروي جي دور سان منصوب ڪيو ويو آهي.

عمرڪوٽ قلعي جي ٻاهرين حصي جي حالت به انتهائي خراب آهي، قلعي جا ٻئي حصا قبضا مافيه جي قبضي هيٺ اچي چڪا آهن، قلعي اجي چؤطرف وڏيون مارڪيٽون ۽ سرڪاري آفيسون تعمير ٿي چڪيون آهن.

اڳوڻي ضلعي حڪومت قلعي جي ڀر ۾ ان وقت ٻه منزل عمارت تعمير ڪرائي جنهن کان ٿورو اڳ ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اهو فيصلو ڏنو ته ڪنهن به تاريخي ماڳ جي 200 گزن اندر ڪنهن به قسم جي نجي يا سرڪاري عمارت جي تعمير ڪرائڻ غير قانوني آهي.

جنهن ڪري تاريخي ماڳن جي 200 گزن اندر سمورين اڏاوتن کي هٽايو وڃي، جنهن جي ابتدائي طور تي عمرڪوٽ ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو پر اهو دير تائين هلي نه سگهيو سياسي مداخلت کان پوءِ ان آپريشن کي روڪيو ويو. ميونسپل انتظاميه سموري شهر جو گند ڪچرو قلعي جي مک گيٽ جي ويجھو اڇلائن ٿا، جنهن جي ڪري قلعي ۾ ويندڙ سياحن کي بدبوءِ مان گذرڻو پوي ٿو.

ڪجھ ڏينهن اڳ ۾ قلعي جي ديوارن جي مرمت لاءِ کوٽائي دوران مزدورن کي هڪ مورتي هٿ آئي آهي، جنهن ۾ بادشاهي لباس ۾ گهوڙي تي سوار هڪ شخص آڏو عورت هٿ ٻڌي بيٺل آهي، اها مورتي هن وقت عمرڪوٽ جي ميوزم ۾ رکيل آهي پر ان تي تحقيقي ڪم اڃا تائين ٿي نه سگهيو آهي. اهو پٿر جنهن تي اها مورتي ٺهيل آهي سو قبر جي قطبي نما آهي جنهن ڪري اهو خيال ڪيو پيو وڃي ته ممڪن آهي ته قلعي اندر ڪنهن بادشاهه جي قبر به موجود هجي.*