محمد يعقوب سومرو

الهداد خان سيال

.زندگي ۾ ڪيترائي ماڻهو اسان کي پنهنجي آس پاس ملندا آهن. جيڪي سڌي توڙي اڻ سڌي طرح اسان جي زندگي تي اثر انداز ٿين ٿا، جيڪي پنهنجي زندگي کي ڪو خاص مقصد ڏئي پنهنجي معاشري لاءِ انوکو مثال بڻجن ٿا ۽ انهن جا ڪيل ڪم اسان جي زندگي آسان کان آسان تر بڻائين ٿا.پڙدي جي پويان پنهنجي شخصيت کي لڪائي ڇڏيندڙ اهي ماڻهو ڪنهن تعريف جا محتاج ناهن هوندا اهڙن عظيم ماڻهن منجھ محمد يعقوب سومري جو نالو به اچي وڃي ٿو.

سومرا برادري جي هڪ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ محمد يعقوب سومرو حيدرآباد جي کاهي روڊ واري علائقي ۾ 1967ع ڌاري محمد جمن جي گھر ۾ زندگي جي پهرين چيخ ڪئي، گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ، پنهنجي ڪم سان سچو ۽ پنهنجي روين ۾ ميڻ کان به وڌيڪ نرم محمد يعقوب سومري شروعاتي تعليم نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي، بعد ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڄامشوري جي چنچل هوائن ۾ اچي مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي ۾ اڪنامڪس ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائين.

صحافت سان دلچسپي رکندڙ محمد يعقوب سومرو 1989ع ۾ مهراڻ اخبار ۾ بطور رپورٽر ڪم ڪرڻ شروع ڪيو جتي هن مسلسل محنت ۽ ايمانداري سان ڪم ڪندي پنهنجو پاڻ کي مڃرايو ۽ ان کانپوءِ ڪاوش جي ايڊيٽر علي قاضي جي آڇ تي ڪاوش اخبار ۾ ڪم ڪرڻ شروع  ڪيو ۽ مسلسل ويهن سالن کان وٺي اتي ئي ڪم ڪري رهيو آهي.

سندس چوڻ موجب ته صحافت هڪ اهڙي وسيع ۽ دلچسپ فيلڊ آهي جو ان ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ان سان عشق ٿيو وڃي، ان کي ڇڏڻ پنهنجو پاڻ سان بيوفائي ڪرڻ برابر آهي. محمد يعقوب سومري صحافت جي دنيا ۾ ايتري ته عزت ۽ شهرت ماڻي آهي جنهن مان هو اڄ مڪمل طرح مطمئن آهي.

ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ ڪاوش جي نيوز ايڊيٽر ۽ پراڻي دوست نياز پنهور مطابق ته محمد يعقوب سومرو تمام گھڻو خوش اخلاق، انسان دوست ۽ دوستاڻي رويي کي ترجيح ڏيندڙ ۽ خوش مزاج طبيعت جو مالڪ آهي.

يعقوب سومرو جي هڪ ٻئي دوست محسن شاهه ڪجھ هن ريت چيو ته هي هڪ همدرد ، رحمدل ۽ نيڪ نيت انسان آهي، محسن شاهه يعقوب سومري جي زندگي جو هڪ يادگار لمحو ٻڌائيندي چيو ته تمام گھٽ ماڻهن کي اها خبر هوندي ته هي تمام حساس طبيعت جو مالڪ پڻ آهي، جيڪو هڪدم خوشي ۽ ڏک محسوس ڪري وٺندو آهي.

هڪ دفعي اسان ٻنهي شهيد امير بخش بروهي جي شهادت کان ڪجھ  گھڙيون پهرين امير بخش سان فون تي تمام گھڻي کل ڀوڳ ڪئي هئي ۽ ان کان پوءِ اسان کي فون آيو ته امير بخش شهيد ٿي ويو آهي ته ان وقت يعقوب سومرو هڪدم بيهوش ٿي ويو.

ان وقت هر اک امير بخش جي شهادت تي پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگھي ۽ يعقوب سومرو هوش ۾ اچڻ بعد اوڇنگارون ڏئي روئيندو رهيو. موتيي جي خوشبو کي پسند ڪندڙ يعقوب سومرو کي ٻن نياڻين  جو اولاد آهي جن سان هو بي انتها محبت ڪندو آهي.

پنهنجي جيون ساٿي  (گھرواري) سان تمام گھڻو پيار ڪندڙ يعقوب سومري کان پنهنجي ڀيڻ جي وفات وارو ڏک ۽ اڄ تائين نه ٿو وسري.

ٽيليويزن اسڪرين تي اچڻ جون تمام گھڻيون آڇون رد ڪندڙ ۽ آزاد خيالن کي ترجيح ڏيندڙ يعقوب سومري مديني پاڪ جو ديدار ۽ اتي ئي دم ڌڻي حوالي ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪندي هيءَ سٽ ٻڌائي ته هزار خواهشين ايسي ڪي هر خواهش پي دم نڪلي.