محمد حسن زاهد ڪنڀار

پيتامبر ڪمار شرما

هڪ نالو شاعر، اديب ۽ سماجي ورڪر محمد حسن زاهد ڪنڀار جنهن پنهنجي شاعري ۽ لکڻين جي ذريعي ماڻهن کي جاڳرتا ڏني.

محمد حسن زاهد ڪنڀار هڪ ٻيڙيون ٻڌندڙ مزدور جي گهر 1960ع ۾ ٽنڊو جان محمد ضلعي ميرپورخاص ۾ جنم ورتو، ننڍي هوندي غربت سبب پڙهڻ کان لاچار پنهنجي پيءُ سان گڏ ٻيڙيين ٻڌڻ جي ڪم ۾ هٿ ونڊائيندو هو، جنهن ڪري هڪ طرف ته پڙهي ڪونه سگهيو ٻئي طرف ننڍي هوندي کان ئي ڏاڍو حساس ٿي ويو، اهڙي ئي ماحول ۾ پاڻ شاعري جو سهارو ورتو، پاڻ چوي ٿو ته ٻين جي ڏک ۽ پيڙائن کي ڏسي شاعري لکڻ شروع ڪئي. پنهنجو ننڍپڻ ياد ڪندي زاهد ٻڌائي ٿو ته جڏهن به ٻين ٻارن کي پڙهندي ويندو ڏسندو هئس ته روئڻ اچي ويندو هو، سندس زندگي ۾ اڻ پڙهيل هئڻ ڪري شاعري لکڻ ۽ ٻيو ڪجهه لکڻ وڏو مسئلو رهيو  آهي.

پاڻ کي جڏهن به شاعري ۽ ٻيو ڪجهه لکائڻو هوندو آهي ته دوستن کان لکرائي وٺندو آهي، هينئر تائين سندس لکڻين جا ڇهه مجموعا ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ ٽي شاعري جا ”اشارن جي دنيا“، ”آس جا گل“ ۽ ”ڌرتيءَ جو قرض“ شامل آهن، جڏهن ته ٽي نثري مجموعا ”ڀڳت نارائڻ جي سوانح عمري“، ”سڄڻ ۽ ساڻيهه“ ۽ ”منهنجو شهر“ شامل آهن، هينئر پاڻ ڪانءُ بابت هڪ تحقيقي مجموعو ترتيب ڏئي رهيا آهن، شاعري ۾ سندس استاد معمور يوسفاڻي آهن جنهن سان گڏ پاڻ 15 سال شاعري ڪئي آهي. هن شاعري جي مجموعي ڌرتي جي قرض ۾ ٻه سئو مصرن تي مشتمل غزل لکي رڪارڊ قائم ڪيو، جيڪو اڃا تائين سنڌي ادب ۾ ڪنهن ٻئي شاعر نه لکيو آهي، ان کان پهرين شاعر وفا ناٿن شاهي هڪ سئو مصرن تي مشتمل غزل لکي چڪو  هو.

هن پنهنجي شاعري ۾ ڪٿي به محبوب  کي بيوفا نه چيو آهي سندس چوڻ آهي ته محبوب کي بي وفا چوڻ محبوب تي داغ لڳائڻ آهي ۽ منهنجو ذاتي خيال آهي ته جيڪڏهن انسان پيار جي بدلي پيار گهري ته اها محبت نه ٿي اها هڪ سوديبازي ٿي، سندس ڪلام کي هن وقت تائين ڪيترائي فنڪار ڳائي چڪا آهن، جن ۾ شازيه خشڪ، تاج مستاني، فيروز گل، حيدر شاهاڻي ۽ شامل آهن، زندگي ۾ خاموش طبيعت رکندڙ، جڏهن به نظر ايندا اهن ته سوچن جي دنيا ۾ مگن رهندا آهن، ٻين جي پيڙائن کي محسوس ڪندڙ محمد حسن زاهد ڪنڀار پنهنجي پيڙائن کي به وساري ڇڏيو آهي.

پاڻ هر وقت ٻين جي ڀلائي لاءِ جاکوڙيندا رهن ٿا، ڪڏهن آمري جو قبرستان بچائڻ لاءِ ته ڪڏهن شهر مان نشو ختم ڪرائڻ لاءِ ته ڪڏهن وري ٻارن جي تعليم طرف ڌيان ڏيارڻ لاءِ  ٻيڙيون ٻڌڻ جو ڌنڌو ڪري پنهنجو گذران ڪندڙ محمد حسن زاهد ڪنڀار ۽ مشڪلاتن واري زندگي هوندي به مايوس نه ٿيا آهن ۽ نه وري ڪنهن کان ڪا شڪايت ڪن ٿا، پر ان هوندي به ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ هن جي اندر ۾ امنگ جاڳندي رهي ٿي، هن هميشه سماجي براين کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، سچ ته اهڙا ئي ماڻهو سماج ۽ معاشري جي سونهن هوندا آهن، معاشري ۽ سماج کي سنوارڻ سڌارڻ ۾ سندن وڏو هٿ هوندو آهي ۽ معاشري ۾ هڪ باغ مثل هوندا آهن، جنهن جو هڳاءُ معاشري کي معطر ڪريو ڇڏي، اهڙن ئي باغ بهار ماڻهن لاءِ شاعر چيو آهي ته :

ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا

گهائل ڌرتي جي سيني تي

اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا

جيڪا ماڻهن کي جاڳائي ٿي

۽  دنيا کي بدلائي ٿي*