پشاوي آئسڪريم کان ماشاالله آئسڪريم تائين

عمران ِيوسف زئي

وڏڙن هنرمند ماڻهو کي ”بادشاهه“ قرار ڏنو آهي، جنهن مان هڪ بادشاهه عمران يوسفزئي آهي، جنهن کي هڪ خوش ذائيقيدار آئيسڪريم  ٺاهڻ جو هنر حاصل آهي. ڏهن سالن جو تجربو رکندڙ هي نوجوان عمران، پورو سارو قد، ڪاريون وڏيون اکيون، مهدي سنت تي قائم رهندڙ ۽ پنج وقت نماز ادا ڪرڻ وارو هي ڏاهو ماڻهو 1987 ۾ برف سان ڍڪيل واري سرزمين سرحد صوبي جي هڪ شهر مردان ۾ يار حسين نالي ڳوٺ ۾ وچين طبقي جي خانداني گهراڻي ۾ جنم ورتو، سندس والد نواز خان يوسفزئي پاران ڇٽي جو نالو عمران رکيو ويو.

اوچتو سرحد صوبي ۾ علائقائي جهيڙن سبب عمران جي پوري خاندان کي سنڌڙي جي شهر ڪراچي اچڻو پيو جتي هن پنهنجي پرائمري تعليم سميت اسلامي تعليم پڻ حاصل ڪئي. خوش طبيعت ۽ پاڻ کان وڏن سان نيڪ سلوڪي ڪرڻ وارو هي عمران ننڍپڻ ۾ ئي تمام هوشيار ۽ ذهين هئڻ جي ڪري تمام گهڻو سڃاتو ويندو آهي. هو نه صرف پڙهائي ۾ دلچسپي رکندو هو پر هن کي آئيسڪريم  سان تمام گهڻو لڳاءُ هوندو هو، ڇو ته هن کي آئيسڪريم  تمام گهڻي وڻندي هئي تنهن جي ڪري هو ڪڏهن ڪڏهن گهر ۾ پاڻ ئي آئيسڪريم  ٺاهي وٺندو هو. ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن منهنجي اباڻي ڳوٺ جا حالات سڌرڻ لڳا ته اسان وري سرحد ڏانهن رخ ڪيو ۽ وري هڪ خوش زندگي گذارڻ لڳاسين، ڀلي لڏپلاڻ جي ڪري اسان جو الهه تلهه وڃائجي ويو هو، پر پوءِ اسان وري پنهنجا ڪک ميڙڻ لڳاسين، مان بابا سائين جو وڏو پٽ هئڻ جي ڪري ان سان هر ڪم ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي ڪم ڪيو.

عمران پنهنجي ننڍپڻ جون سڀني چنچل حرڪتن کي پنهنجي پيءُ ۽ گهر کي هلائڻ ۾ صرف ڪيون ۽ لڏپلاڻ جي چڪرن ۾ وڃائجي ويس، ۽ پنهنجي نازڪ هٿن سان آئيسڪريم  ٺاهي وڪڻڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي گهر جا بار پنهنجي ڪلهن تي کڻڻ شروع ڪيا. بس اها گهڙي هئي جتان هن آئيسڪريم  ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو، جنهن کي هن پشاوري آئيسڪريم  جو نالوُ ڏنو هو. عمران جو مڃڻ آهي ته، ”روزگار کي وقت نه ڏبو ته اهو روزگار نه هلي سگهندو“ جنهن جي ڪري هن پنهنجي روزگار کي وڌيڪ ترجيح ڏيندي،  ان کي جاري رکيو ۽ پڙهائي تي ڌيان نه ڏنو. پر اها ڳالهه سندس والد کي ڪٿي منظور هئي، کيس صوابي جي هڪ سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو جتان هن 2002ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي تنهن جي باوجود به هن آئيسڪريم  ٺاهڻ کپائڻ ڪونه ڇڏي، ۽ ميٽرڪ ۾ نمايان مارڪن سان پاس ڪري نڪتو.

2002ع ۾ عمران جيئن ئي امتحان ڏنو تيئن ئي وري ساڳيا قبائلي جهيڙا تازا ٿي ويا، خونريزي ماضي کان به وڌيڪ اٿلي پئي، جنهن ڪارڻ عمران جي پوري عيال کي پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏڻو پيو ۽ اهي سر سبز ميدانن سان ڀريل ون، سج جي روشني تي چمڪندڙ نديون، گلڙن سان سجايل اهي ڪنوار وانگر خوبصورت واديون ۽ خوشبودار هوائون ڇڏڻيون پيون، جتي عمران پهريون دفعو آئيسڪريم  جو باقاعده آغاز ڪيو هو ۽ وري واپس اچي سنڌ جي وڏي ۾ وڏي روشنين جي شهر ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيا.

عمران جي هٿن سان تيار ٿيڻ واري هن ”پشاوري آئيسڪريم “ ۾ هن ڪيترائي بهترين ذائقا شامل آهن، جهڙوڪ چاڪليٽ روز، قلفي، اسٽرابيري، ڪيڊبيري، پائن ايپل ۽ پسته وغيره جيڪي هر وقت سندس مرڪز بڻيل آهن.

گهڙين جا ڪانٽا وقت تي پنهنجي تيز وهڪرن ۾ آڻيندا رهيا ۽ تاريخ جي ورڪن ۾ وجهندا ويا. آهستي آهستي ڪراچي ۾ خرچ چوٽ چڙهي ويا، ٻئي طرف سنڌي مهاجر جهيڙن جي ڪري پٺاڻن تي به ڪافي اثر پئجي ويا جنهن سبب عمران پنهنجي پوري عيال ۽ پنهنجي ڪک ڪن سميت 2004ع ۾ حيدرآباد قاسم آباد ۾ اچي اڏيان، جتي هو پنهنجي پراڻي روزگار کي جاري رکندي زندگي بصر ڪرڻ لڳو.

جڳهه بار بار جڳهه تبديل ڪرڻ اسان سڀني کي ڪافي ڪجهه وڃائڻو پيو ، جنهن ۾ خاص طور تي مان پنهنجو ننڍپڻ وڃايو ۽ منهنجي تعليم ختم ڪئي وئي، پر مان پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ اهو مونکي ڪڏهن به منظور نه آهي ته منهنجا ڀائر، ڀينرون ۽ هيٺيون نسل نه پڙهي سگهي ۽ پنهنجي زندگي ۾ علم جو ڏيئو روشن ڪري سماج جي اونداهي ۾ ڪا ”روشني ڏيئي سگهن“.

عمران کي حيدرآباد ۾ آئي ڇهون سال آهي، هن پنهنجي ڪاروبار کي باقاعده هڪ صاف سٿرو رخ ڏنو آهي، هن جي تيار ڪيل آئيسڪريم  شادي مرادي ۽ ٻين خوشين جي موقعي تي هڪ خاص ۽ الڳ طعام جي حيثيت رکي ٿي، جو ماڻهو چوندا آهن ته وليمن ۾ پشاوري آئيسڪريم  جو هجڻ وليمو مڪمل هئڻ جو ثبوت آهي. ڏهن سالن جو تجربو رکڻ وارو هي نوجوان ٻن دڪانن جو مالڪ آهي جنهن ۾ هڪ مين قاسم آباد روڊ تي ۽ ٻيو واڌو واهه روڊ تي واقع آهي، جنهن ۾ فيملي جي لاءِ خاص اهتمام جو بندوبست ٿيل آهي.

اونهاري جون گرم هوائون جڏهن جسم جو پاڻي سڪائي ڇڏينديون آهن ۽ ڪانوَ جي اک ٿي نڪري ته اتي پشاوري آئيسڪريم  جي دڪان تي تمام گهڻي رش نظر ايندي آهي. حيدرآباد جون من موهيندڙ هي آزاد هوائون پشاوري آئيسڪريم  تي ماڻهن جي ميڙاڪن جي روانگي ۽ آمد هڪ ڪاميابي جو ڏيک ڏين ٿيون. عمران ڀلي سنڌ جي سرزمين تي پهرين رڙ ۽ اک نه کولي هجي پر سنڌ جيجل ان کي سڀ ڪجهه ڏنو، جيڪو سرحد ۾ هن کان قبائلي جهيڙن سبب ڦريو ۽ لٽيو ويو هو، جيڪا آدم ذات جي عاجزي کان پاڪ زندگي گذاري رهيو آهي، هڪ ته پنهنجي محنت، همت ۽ والدين جي دعا جو وڏو هٿ آهي ۽ ٻئي هنڌ الله تعاليٰ طرفان به واهر اٿس، ڇو ته خدا تعاليٰ انهن سان گڏ هوندو آهي، جنهن جي نيت ۾ خلوص ئي هجي. عمران کي حيدرآباد ۾ ڪافي گراهڪ آهن، جنهن ۾ گذريل ٽن سالن کان ايندڙ هن جو هڪ گراهڪ ساحل ۽ زوهيب، عمران جي پشاوري آئيسڪريم  جي تعريف ڪندي چيو ته قاسم آباد ۾ پشاوري آئيسڪريم  سرحد جو تحفو سمجهون ٿا.

ويجهڙائي ۾ مالا ڪنڊ ۽ سوات ۾ ٿيل جنگي آپريشن کانپوءِ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ٿيڻ لڳي جنهن ڪري پوري سنڌ ۾ تضاد پيدا ٿيو هو، هر طرف ”ڌاريا نا منظور نا منظور“ ڌاريا ٻاهر ڪڍو جا نعره گونجڻ لڳا. جڏهن ڀنڀور کي باهيون اچڻ لڳيون، تڏهن عمران پشاوري آئيسڪريم  جو نالو تبديل ڪيو. ڇاڪاڻ ته پٺاڻ هجڻ ڪري هن کي ڌاريو سمجهيو پئي ويو ۽ هن جي پوري ڌنڌي کي نيست و نابود ڪيو پئي ويو. تڏهن هن پشاوري آئيسڪريم جو نالو مٽائي ”ماشاءَ الله آئيسڪريم“ جو نالو ڏنو.*