ڀٽائي جي تنبوري جو عاشق:بشارت لجواڻي

شهزاد علي شاه

اسان جي ماحول جي چوڌاري اهڙا ماڻهو رهن ٿا جيڪي ڪنهن منزل تي پهچڻ جي باوجود پنهنجي سادگي سبب لڪل هوندا آهن. پر جيڪڏهن اسان مان ڪو ماڻهو انهن سان ملي ٿو ته هو تمام سادگي جي تلقين ۽ تڪبر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪندا آهن. انهن ماڻهن مان اسان کي ڪجهه سکڻ جو موقعو ملي ويندو آهي.

انهن ماڻهن مان هڪ غريب خاندان سان تعلق رکندڙ هي شخص بشارت لجواڻي 13 ڊسمبر 1978ع ۾ ڳوٺ ڪهر لجواڻي لڳ ڀٽ شاهه ضلعو مٽياري ۾ پيدا ٿيو. هن پنهنجي شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول ڳوٺ ڪيهر لجواڻي مان پاس ڪئي، پرائمري تعليم جي دوران بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب هن کي ٻانهن ڪٽرائڻي پئي ۽ 4 سالن تائين صرف کٽ تي ئي رهيو. چئن سالن جي طويل عرصي کان پوءِ هن ڇهين جماعت ۾ ڀٽ شاهه هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي. هن معذوري کي تعليم تي اثرانداز ٿيڻ نه ڏنو ۽ پنهنجي تعليم کي زور شور سان جاري رکيو ۽ مئٽرڪ گريڊ ”A“ ۾ پاس ڪيائين. هڪ سال جي عمر ۾ هن جي والده گذاري وئي ان کان پوءِ چئن سالن بعد سندس پيءُ به گذاري ويو. ان کان پوءِ هن جي ڀائرن جو هن سان ساٿ رهيو. بعد ۾ ڀٽ شاهه ڪاليج مان انٽر ميڊيڪل ۾ پاس ڪيائين ان کان پوءِ 2001ع ۾ مختلف يونيورسٽين ۾ ايم بي بي ايس ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ ڏنائين ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ سندس داخلا ٿي وئي. پر غربت سبب ان جي في جمع نه ڪرائي سگهيو. پڙهڻ لاءِ هن اسڪالرشپ ۽ گورنمينٽ طرفان مدد لاءِ به ڪوشش ڪئي پر اها به نه ٿي سگهي.

ان کان پوءِ پرائيويٽ طور هالا ڪاليج مان بي اي ڪئي ۽ ماسٽرس لاءِ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد لاءِ ٽيسٽ ڏني ۽ پوليٽيڪل سائنس شعبي ۾ سندس داخلا ٿي وئي. پڙهائي جي دوران ئي اتي ٽيوشن پڙهائي پنهنجو خرچ ڪڍندو هو. 2005ع ۾ هن ماسٽرس جي ڊگري فرسٽ ڪلاس ۾ حاصل ڪئي. ان کان پوءِ هن مختلف اين جي اوز ۾ نوڪرين لاءِ درخواست جمع ڪرائي. هن ٻن اين جي اوز  گرين رورل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليبر ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ ۾ ڪم پڻ ڪيو.

انهيءَ دوران کيس اسٽڊي ٽريننگ لاءِ برازيل موڪليو ويو. جيڪو آئرلينڊ جي ڪمپني جي طرفان موڪليو ويو. پاڪستان مان ٻه ڇوڪرا موڪليا ويا هڪ بشارت لجواڻي ٻيو هڪ لاهور جو ڇوڪرو هو. اتي سينيٽ چيئرمين برازيل ۽ صدر برازيل سان ملاقات ڪيائون. تقريباً 3 هفتا برازيل رهيا. اتي جي ٽريننگ جو خاص مقصد اهو هو ته جيڪي مزدورن جي حقن جي حوالي سان جيڪو برازيل ۾ ڪم ٿيو آهي. هن اين جي اوز ۾ تقريباً 4 سال ڪم ڪيو. جنهن هن دوران پاڪستان جا سڀ علائقا ڏٺا ۽ گهميا ۽ پاڪستان جي ڪلچر حوالي سان ڄاڻ ورتي. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچرار جي نوڪري لاءِ درخواست ڏني ۽ آڪٽوبر 2009ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي پوليٽيڪل سائنس ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار طور ڀرتي ٿيو ۽ ان کان علاوه شوق طور شاهه لطيف جي راڳ جو به درس وٺي چڪو آهي جيڪو تنبوري تي ٿيندو آهي. پاڻ اين جي اوز دوران آرٽيڪل لکندا هئا جيڪي همت رسالي ۾ ڇپجندا هئا. ۽ همت رسالي جي ايڊيٽوريل بورڊ جي ميمبر طور پڻ ڪم ڪري چڪو آهي ۽ ڪالم پڻ لکيائون.ماڻهو ۾ جيڪڏهن جذبو آهي ته ڪنهن به طرح جون رڪاوٽون ۽ تڪليفون ڪنهن منزل کان روڪي نٿيون سگهن.

بشارت لجواڻي ٻڌائي ٿو ته مون کي منزل تائين پهچائڻ ۾ پهريان ڀائرن پوءِ منهنجي استادن ۽ دوستن منهنجي هر طرح سان مدد ڪئي هن منزل تائين پهچڻ ۾ آئون انهن ماڻهن جو شڪرگذار آهيان جن منهنجي ڏکائين واري وقت ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو.