درزي هنر کي عمر ارڀيندڙ

ڪوثر نور سولنگي

سماج ۾ ڪئين اهڙا ماڻهو آهن جيڪي سخت محنت ڪري پنهنجي پيشي ۾ الڳ مقام حاصل ڪن ٿا. ۽ پنهنجي زندگي کي ٻين لاءِ مثال بڻائي ڇڏين ٿا، اهڙن ماڻهن ۾ 91 سالن جو هي پوڙهو درزي به آهي جنهن جي ڪارگذاري سماج لاءِ اتساهه بڻيل آهي.

1920ع ۾ جيڪب آباد ۾ جنم وٺندڙ عرض محمد لاشاري 10 سالن جو هو ته سندس والد گذاري ويو، ٿورڙي ئي عرصي کان پوءِ سندس امڙ به لاڏاڻو ڪري وئي يتيم بڻجڻ کان پوءِ عرض محمد لاشاري کي مائٽن به ڌڪاري ڇڏيو. اهڙي صورتحال ۾ ٻاراڻو ذهن هوندي به هن همت نه هاري ۽ زندگي جي جنگ هڪ نئين عزم ۽ پختي ارادي سان شروع ڪئي. هن فيصلو ڪري ڇڏيو ته جياپي لاءِ سخت محنت ڪبي ڇاڪاڻ ته بنا مقصد ۽ بنا اميد جي زندگيءَ جي ڪا به معنيٰ ناهي. هن يارنهن سالن جي عمر ۾ درزڪو ڪم سکڻ شروع ڪيو ۽ سال اندر ڀلوڙ ڪاريگر ٿي ويو، جڏهن هن کي دنيا جي ڪاروهنوار جي پرک پئي ته هن پنهنجن مائٽن کان پيءُ جي زمين واپس وٺي پاڻ آباد ڪرڻ شروع ڪئي، جنهن بعد سندس آمدني وڌندي وئي ۽ جلد ئي شادي ڪيائين.

هن پنهنجي زندگي جو هڪ يادگار سفر ٻڌائيندي چيو ته ”1956ع ڌاري دنيا جو سير ڪرڻ لاءِ سنڀريس ۽ جلد انٽرنيشنل پاسپورٽ ٺهرائي ۽ 40 هزار روپيا کڻي ڪوئٽا رستي ايران ويس، ايران کان پوءِ عراق، شام ۽ اردن سميت 13 ملڪن جو دورو ڪري سعودي عرب پهتس. اتي خبر پئي ته هن سال اڪبري حج ٿيندو تنهن ڪري اتي ترسي پيس، حج ۾ اڃا مهينو باقي هو ۽ ان دؤران پئسا به ختم ٿي ويا، مديني ۾ واقف ڪار به گهڻائي هئا پر ڪنهن کان اوڌر وٺڻ مناسب نه سمجهي ۽ ڌڻي ۾ اميد ساري بازار ۾ نڪري پيس ايتري ۾ هڪ درزي جي دڪان تي نظر پئي، ويجهو ويس ته ريڊيي تي سنڌي ۾ خبرون هلي رهيون هيون. کين پنهنجي لهجي ۾ سلام ورايم ته چيائون سنڌي آهين چيم ها سنڌي آهيان. پوءِ ته جيءَ ۾ جايون ڏنئون، ساڻن حالي احوالي ٿيس. مون ٻڌايو ته مون وٽ پئسا ختم ٿي ويا آهن پر مدد نه کپي پنهنجو پورهيو ڪندس، هنن چيو اسان ته عربي لباس سبندا آهيون. پوءِ مون چيو مان ته توهان پنهنجي واهپيدارن کي ٻڌايو ته ڪراچي مان ڪاريگر آيو آهي، پينٽ، ڪوٽ ۽ شرٽن جو ماهر آهي. ائين چوڻ کان پوٰءِ 2 عرب ڇوڪرا پينٽون ۽ ڪوٽ ٺهرائڻ لاءِ آيا، کين ڪم تيار ڪري ڏنم ته ڏاڍو پسند آين ۽ سلائي سان گڏ بخشش به ڏنائون. تنهن کان پوءِ مشهوري ملي ۽ مهيني اندر ئي ڪافي سارا گراهڪ ٺاهي ويس. رهائش ۽ کاڌو اتان جي درزين ڏنو ۽ حج جي سعادت ڪرڻ بعد دڪان وارن سان حساب ڪيم ته منهنجي حصي ۾ ساڳيا 40 هزار پاڪستاني رپيا آيا جنهن مان ٻچڙن ۽ مٽن مائٽن لاءِ سوکڙيون پاکڙيون وٺي واپس ڏيهه پهتس.“ مائٽن جي بي رُخي عرض محمد لاشاري کي اڪيلو ڪري ڇڏيو ۽ کيس سخت صدمو رسيو جنهن کان پوءِ هن مائٽن وٽان لڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جلدئي حيدرآباد اچي آباد ٿيو. حيدرآباد ۾ اچي هن اولاد جي تربيت ۽ پڙهائي تي خاص ڌيان ڏنو ۽ کيس چار پٽ ۽ چار نياڻيون آهن. هن سڀني کي پڙهايو ۽ اڄ سندس هڪ ڌيءَ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهي ۽ چارئي پٽ نوڪرين ۾ بهتر روزگار سان آهن.

عرض محمد لاشاري جو پٽن پوٽن ۽ ڏوهٽن سميت 80 ماڻهن تي ٻڌل خاندان آهي، هو اڄ 91 سالن جي عمر ۾ به پنهنجو ڪم جاري رکيو پيو اچي. کيس پٽ ۽ گهر ڀاتي چوندا رهندا آهن ته هاڻي گهر ۾ ويهه، تنهنجي ڪم ڪرڻ جي عمر ناهي پر سندس چوڻ آهي ته گهر ۾ ويهندس ته بور ٿي مري ويندس. عرض محمد لاشاري 91 سالن جي عمر ۾ به پنهنجي هٿن سان پاڻ ڪمائي ٿو ۽ گهر ۾ ڏهاڙي آمدني آڻي ٿو. هو سُئي ۾ ڌاڳو به پاڻ ئي وجهي ٿو ۽ ڪپڙن جي ڪٽائي توڙي استري پاڻ ڪري ٿو. هي شخص محنت ۽ جدوجهد جي لحاظ کان اسان لاءِ اعليٰ مثال آهي. يقيناً هن ڪراڙي ئي دنيا جي دستور کي صحيح سڃاتو ۽ اڃا تائين پنهنجي وجود جي جنگ وڙهندو پيو اچي. هن جو نوجوان نسل لاءِ پيغام آهي ته محنت ئي زندگي آهي. پورهئي ۾ ئي پساهه آهي، اڄ جا نوجوان جيڪڏهن محنت ڪري هر شعبي کي ان جي فطرت موجب هلائين ۽ هٿي وٺرائين ته هونئن دنيا جو نقشو ئي تبديل ٿي وڃي. هن جو چوڻ آهي ته ايندڙ قيادت اڄ جي شاگردن مان ئي هوندي کين ڪنهن جي پٺيان لڳڻ بدران محنت ۽ جدوجهد ذريعي ئي پاڻ مڃائڻ گهرجي.*