ميهڙ جو سوشيالوجسٽ:علي مرتضي ڪولاچي

ظفر حسين شاه

ڪامياب زندگي گذارڻ هر انسان جي خواهش هوندي آهي پر جيڪڏهن انسان جو اخلاق سٺو هوندو ته اهو انسان جي دلين ۾ گهر ڪري ڇڏيندو آهي ۽ سماج ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي سخت محنت ڪري پنهنجي پيشي ۾ الڳ مقام حاصل ڪن ٿا ۽ پنهنجي زندگي کي ٻين لاءِ مثال بڻائي ڇڏين ٿا ۽ ماڻهن کي اونهائي جي رستي مان ڪڍي روشني جي طرف ڏانهن متوجه ڪندا آهن ۽ اهڙا ماڻهو ڪوئلي جي کاڻ ۾ هڪ چمڪندڙ هيري وانگر نظر ايندا آهن ۽ انهن مان هڪ استاد علي مرتضيٰ ڪولاچي به آهي.

علي مرتضيٰ ڪولاچي 10 اپريل 1982ع ۾ تعلقي ميهڙ جي هڪ ننڍي ڳوٺ ڪولاچي ۾ جنم ورتو، جنهن پنهنجي شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي بوائز پرائمري اسڪول ڪولاچي مان 1992ع ۾ حاصل ڪيائين ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر ون ميهڙ مان 1997ع ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج خيرپور ناٿن شاهه مان 1999ع ۾ حاصل ڪيائين. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي تمام ذهين ۽ هوشيار شاگرد ٿي رهيا آهن ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي شعبي سوشيالاجي مان فرسٽ ڪلاس ۾ ايم اي 04-2003 ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ انهي شعبي ۾ 2009-10-31 ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ طور مقرر ٿيا ۽ هاڻي پاڻ سوشيالاجسٽ علي مرتضيٰ ڪولاچي جي نالي سان سڃاتا وڃن ٿا. ۽ ان کان علاوه ايم فل جي ڊگري جاري آهي. ڪولاچي جي خصوصيت اها آهي ته پاڻ پڙهائي جي لحاظ کان ٻين استادن کان مختلف آهن ۽ پاڻ ڪلاس ۾ به سڀني شاگردن لاءِ دوستاڻو تعلق رکندا پيا اچن ۽ جنهن ڪري سڀ شاگرد متوجه ٿيندا آهن ۽ پڙهائي سان گڏوگڏ لطف اندوز پڻ ٿيندا آهن. علي مرتضيءِ ڪولاچي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مون کي پڙهڻ ۾ ڪنهن ڪتاب ۾ مزو اچي ٿو ته اهو صرف ۽ صرف قرآن پاڪ آهي.

علي مرتضيٰ علم سان ننڍي هوندي کان ئي شوق رکندو آيو آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته جيستائين حياتي رهي ته اهو سلسلو انشاءَالله جاري رهندو ۽ پاڻ وڌيڪ ٻڌايائون ته اسان جي وڏن کان وٺي استاد پيشي جو سلسلو هلندو پيو اچي ايتري قدر جو جڏهن هند ۽ سنڌ گڏ هوندا هئا ته تنهن وقت ۾ به سندن وڏا مسلمانن سان گڏ هندن کي به عربي ۽ فارسي جي تعليم ڏيندا هئا ۽ هينئر تائين اهو سلسلو جاري آهي جنهن کي علي مرتضيٰ ڪولاچي برقرار رکيو پيو اچي. پاڻ ٻڌائين ٿا ته اسان جي ڳوٺ مان هر سال 15 کان 20 شاگرد مختلف يونيورسٽين ڏانهن رُخ ڪندا آهن.

پاڻ ٻڌائين ٿا ته آئون يونيورسٽي ۾ استاد طور ڀرتي ٿيڻ کان اڳ ۾ 16 مهينا اين جي اوز ۾ به ڪم ڪري چڪو آهيان. ڪولاچي جي پسنديده راند ملهه ۽ ڪوڏي ڪوڏي آهي. پسنديده صوفي ڳائڻا، استاد منظور، استاد جمن، مانجهي فقير، عثمان فقير، ۽ جلال چانڊيو آهن. پسنديده ٽيچر ميڊم تنوير جوڻيجو ۽ سائين احمد علي بروهي آهن.

علي مرتضيءِ جو اهو چوڻ آهي ته سوشيالاجي هڪ بهترين شعبو آهي، سوشيالاجي تمام وسيع فيلڊ آهي جيڪا اسان جي سماج کي صحيح سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿي ۽ اسان کي سمجهائي ٿي ته ڪيئن هڪ بهترين سماج بڻائجي ته جيئن اسان هڪ ترقي يافته قوم سڏائي سگهون. اهوئي سبب آهي ته هن مضمون کي پڙهڻ سان اسين سماج جي هر پهلو کي سمجهي سگهون ٿا.