زراعت ءِ تعليم ۾ شعور ڏيارندڙ:اسلاالدين

منظور احمد

تاريخي شهر ٽنڊو الهيار جهڙي طرح زراعت جي حوالي سان مالا مال آهي جتي ڪيترن ئي قسمن جا فصل، ڀاڄيون ۽ ميوا ٿين ٿا اهڙي طرح ان شهر  ڪيترن ئي عظيم شخصيتن کي جنم ڏنو جنهن ۾ شاهه عنايت رضوي جيڪو شاهه عبداللطيف جو هم اثر شاعر هو، ڪافين جو بادشاهه حضرت مصري شاهه امام سنڌ جو جڳ مشهور فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ وتايو فقير، ڊاڪٽر محرم علي (سابق ڊي جي اسپارڪو)، محمد هاشم لغاري سيڪريٽري زراعت، آبپاشي ۽ لوڪ فنڪار ڍول فقير انهن مان ئي هڪ غريب خاندان سان تعلق رکندڙهئا. هي شخص ڊاڪٽر حاجي اسلام الدين مجيداڻو 1 نومبر 1962ع ۾ تعلقه پير جڙيل شاهه جي ماڙي تعقله ۽ ضلع ٽنڊو الهيار ۾ پيدا ٿيا. هن شخص جو تعلق اهڙي غريب خاندان سان هو جيڪي تعليم جي باري ۾ بلڪل ناواقف هئا. يعني انهن جي نظر ۾ زندگي صبح جو ڪم ڪار تي وڃي ۽ شام جو واپس اچي پنهنجي نسل جي پرورش ڪرڻ آهي. پاڻ حاجي اسلام الدين مجيداڻو پنهنجي ڪميونٽي جا واحد شخص هئا جنهن پنهنجي ڪميونٽي ۾ تعليم جو شعور بيدار ڪيو. هن پنهنجي پرائمري تعليم مين پرائمري اسڪول ٽنڊو الهيار مان پاس ڪئي جيڪو اسڪول 5 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع هو سندس ڳوٺ کان هن جي چوڻ مطابق اسڪول وڃڻ ۾ تمام گهڻي تڪليف رسندي هئي پر بلند حوصلي ۽ جذبن جي ڪري تعليم جاري رکي.

پاڻ مئٽرڪ 1979ع ۾ گورنمينٽ پرونيشنلائيز هاءِ اسڪول ٽنڊو الهيار ۾ تمام سٺي نمبرن سان پاس ڪئي وڌيڪ سهولتون نه هئڻ ڪري زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ بي ايس سي زراعت ۾ داخلا ورتي زرعي يونيورسٽي ۾ تعليم جي دوران پاڻ ميٽرڪ جي شاگردن کي ٽيوشن ڏئي پنهنجي تعليم جو خرچ پورو ڪندا هئا. 1987ع ۾ بي ايس سي جي ڊگري مڪمل ڪيائين ۽ ايم ايس سي اينگرو نامي ۾ زراعت شعبي ۾ سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائين سندن پاران ڊائريڪٽريٽ زرعي تحقيق طرفان اسسٽنٽ ريسرچ آفيسر طور سنڌ باغباني اداري ميرپور خاص ۾ رکيو ويو. پاڻ ميرپورخاص ۾ ڊيوٽي دوران ٻه ڪتاب لکيا. هڪڙو سنڌ جا مويا، ٻيو ٻوٽن جي واڌ ويجهه جا طريقا تفصيل سان لکيل آهن. اهي ٻئي ڪتاب سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري حيدرآباد پاران ڇپايا ويا. ان کان پوءِ 1996ع ۾ گورنمينٽ جي اسڪالرشپ پاس ڪري انهيءَ سال پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي آف ويلزبينگر برطانيه لاءِ روانه ٿيا. پاڻ پنهنجي ڪميونٽي جا واحد فرد هئا جنهن اهو اعزاز ماڻيو ان کان پوءِ پنهنجي ڪميونٽي جي ڪافي ماڻهن ۾ شعور بيدار ٿيو جنهن ۾ ڪميونٽي جي ڪافي ماڻهن پنهنجي اولاد کي اهو شعور ڏنو ته تعليم ئي هڪ اهڙو رستو آهي جنهن ۾ انسان پنهنجي اصل زندگي جي معنيٰ معلوم ڪري ٿو. پاڻ برطانيه ۾ تعليم دوران ڪيترائي ميڊل حاصل ڪيائين جيڪي اينگرونامي فيلڊ سان وابسطه هئا پاڻ 1999ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري مڪمل ڪري واپس ملڪ آيا ۽ وري ايگريڪلچر جي حوالي سان ڪتابن لکڻ جو جو هڪ طويل سلسلو جاري رکيو جنهن ۾ ڪيترائي ڪتاب ٽنڊو ڄام جي اداري، ميرپورخاص جي اداري، زرعي انفارميشن جي اداري پاران ڇپايا ويا، هن وقت تائين زراعت جي حوالي سان 43 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جنهن ۾ مشهور ڪتاب زرعي ڊائري، ربيخ نمبر هڪ، خريف نمبر هڪ، قرآن مجيد ۽ زراعت، ڀاڄين ۽ ميون کي محفوظ ڪرڻ جا جديد طريقا ۽ ملچ ٽيڪنالاجي مشهور ڪتاب رهيا. ان کان علاوه 50 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا جيڪي مختلف ڏيهي پرڏيهي ريسرچ جرنلن ۾ ڇپيا ۽ ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ 250 کان وڌيڪ مضمون ڇپيا آهن، هن پاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي چينل تان ڪيترائي زرعي پروگرام ڪري زراعت جي حوالي سان ڪيترن ئي ننڍن توڙي وڏن آبادگارن ۽ ٻڌندڙن کي ڄاڻ مهيا ڪئي. ان سان گڏوگڏ پاڪستان ٽيليويزن، ڪيترن ئي پرائيويٽ چئنلن جنهن ۾ سنڌ ٽي وي، ڪي ٽي اين ۽ آواز ٽي وي تان ڪيترائي زرعي پروگرام ڪري عوام تائين زرعي ڄاڻ مهيا ڪئي. ان کان علاوه سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ آخري سال جي شاگردن کي پنهنجي شعبن ۾ تحقيق ڪرائي ٿيسز لکڻ ۾ مدد ڪئي، اهو سلسلو اڃان تائين جاري آهي. پاڻ هينئر زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ پي ايڇ ڊي شاگردن کي تحقيق ڪرائڻ جا ڪو آرڊينيٽر پڻ آهن.

هن شخص سنڌ اندر ڪيترائي سيمينار ڪرائي ڪمند جي فصل ۾ ملچ ٽيڪنالاجي ۽ سنڌ اندر باغباني ۽ ڀاڄين جي پيداواري ٽيڪنالاجي تي پنهنجي اداري جي طرفان هزارين ننڍن توڙي وڏن آبادگارن کي تربيت ڪرائي انهن ۾ ڄاڻ مهيا ڪئي، ان کان علاوه سنڌ اندر مختلف بزرگ هستين جهڙو شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ ۽ سچل سرمست جي سالياني عرس جي موقعي تي زراعت جي حوالي سان زرعي نمائش جا اسٽال لڳائي دلچسپي رکندڙ آبادگارن کي هر سال ڄاڻ مهيا ڪندا رهيا آهن. پاڻ گذريل ڏهن سالن کان وٺي سنڌ زراعت رسالي ۾ زرعي تحقيق پاران سفارش ڪيل اسسٽنٽ ايڊيٽر پڻ آهن ان کان علاوه پاڻ سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد پاران مقرر ڪيل سائنس ڪميٽي جا سابقه ميمبر پڻ رهيا آهن. ان سان گڏوگڏ زرعي تحقيق پاران، خبرنامو زرعي پرچار جا ايڊيٽر پڻ آهن، سماجي حوالي سان پاڻ گذريل پنجن سالن کان وٺي ٽنڊوالهيار سوشل فورم آواز ادب جا چئرمين طور ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن