حيدرآباد جو جونيئر باڊي بلڊر:ثمير چانڊيو

زوهيب قريشي

چوندا آهن ته تندرستي هزار نعمت آهي. هر ماڻهوءَ جي خواهش هوندي آهي ته منهنجي صحت صحيح هجي ۽ آئون هڪ هيرو ڏسڻ ۾ اچان. ڇو جو هر ماڻهو پنهنجي سوچ ۾ پاڻ کي هيرو محسوس ڪندو آهي. پر سماج جي اندر اهي ئي ماڻهو پنهنجي پاڻ کي مڃرائڻ ۾ ڪامياب ويندا آهن جيڪي مسئلن ۽ تڪليفن ۾ هوندي به دل نه هاريندا آهن ۽ مڙس ماڻهو ٿي مسلسل جاکوڙ سان پنهنجي منزل حاصل ڪندا آهن. ائين ئي هن وقت حيدرآباد نمبر ون مسٽر جونيئر حيدرآباد باڊي بلڊنگ جي ٽرافي جي چئمپين سمير چانڊيو جي ته ڪهاڻي عجيب ڏکوئيندر ۽ اتساهه ڏيندڙ آهي.

سمير چانڊيو جنهن لاڙڪاڻي جي اندر هڪ غريب مزدور الهه رکيو جي گهر 1988ع ۾ جنم ورتو لطيف سائين جي بيت جيان. ”سر جيس ته سور سامائي سک ويا.“

جڏهن سمير چانڊيو ٻالڪپڻ ۾ پير پاتو ته هن کي الله پاڪ جي طرفان تڪليفن جا امتحان شروع ٿي ويا هي اڃان ننڍو ئي هو ته هن جو والد خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ هن جي گهر جا معاشي مسئلا وڌي ويا.

جنهن عمر ۾ سمير چانڊيو کي اسڪول ڏانهن وڃڻو هو ان وقت هن کي پنهنجن 6 ڀائرن ۽ گهر جي ڀاتين جي پيٽ جي بک اجائڻ لاءِ هن کي مزدوري ڪرڻي پئي وئي. پنهنجي گهر ڀاتين جي لاءِ ڇپر ڇانو ٿي بيهي رهيو ۽ مسلسل مزدوري ڪندو رهيو.

جڏهن سمير چانڊيو لاڙڪاڻي ۾ مزدوريءَ جا سبب گهٽ هجڻ ڪري حيدرآباد ۾ لڏي آيو ۽ قاسم آباد جي چانڊيا ڳوٺ ۾ رهائش اختيار ڪئي ته هن جي موجوده چانڊيا ڳوٺ ۾ باڊي بلڊنگ جي ڪلب تي نظر پئي ته هن کي باڊي بلڊنگ جو شوق ٿيو مون کي ياد آهي ته جڏهن سمير چانڊيو پهريون دفعو اسان جي ڪلب ۾ آيو ۽ هن اسان جي استاد کي پنهنجو حال ٻڌايو ۽ باڊي بلڊنگ جي شوق جي باري ۾ ٻڌايو. اسان جو استاد علي احمد چانڊيو صوفي هجڻ سبب هر آدم کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو آهي ۽ سمير جي هر قسم جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. آهستي آهستي جڏهن اسان پاڻ ۾ ويجها ٿيندا وياسين ته هن جي جدوجهد ڀري حقيقت ٻڌي مون کي تمام خوشي ٿي.

هن سماج جي اندر اڄڪلهه جو نوجوان ٿورين ڳالهين تي مايوس ٿي زندگي جهڙي حسين نعمت جي ڏيئي کي خودڪشيءَ سان وسايو ڇڏين. آئون ائين چوندس ته اهڙن ماڻهن کي سمير چانڊيو جي مسلسل جدوجهد مان سبق حاصل ڪري اتساهه وٺي سگهن.

مزدور هجڻ سبب هن جي اڳ ۾ ئي جان تمام سٺي هئي ۽ تمام گهڻي صحتمند جي سبب ٿوري عرصي جي اندر اسان جي ڪلب جي ٻين شاگردن کان بهتر ڏسڻ ۾ آيو ۽ هن کي حيدرآباد جي ٿيندڙ باڊي بلڊنگ مسٽر حيدرآباد جونيئر چئمپين شپ ۾ حصو وٺڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ هن اسان جي استاد سان صلاح مشوري سان هن چئمپين شپ ۾ حصي وٺڻ لاءِ تيار ٿي ويو تمام ٿوري عرصي جي ......... هئڻ جي باوجود هن چئمپين شپ ۾ حصو ورتو ۽ هن جي جدوجهد رنگ لاٿو. پهريون دفعو مقابلي ۾ بيٺو ۽ مسٽر جونيئر حيدرآباد طور ڪامياب ٿي ويو.

چوندا آهن ته محنت جو ڦل هميشه ڪڏهن به راءِ گان نه ويندو آهي.

”جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي

وڃي پوؤن پيٺي، سار نيندي سڄڻين“*