تاريخ ڪوڙ ڳالهائي سگهي ٿي پرادب نه:محمد عثمان ميمڻ

حيدر علي

دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا انسان ٿي گذريا آهن جن کي اسين هزارين سال گذرڻ باوجود به وساري نه سگهندا آهيون، جنهن جو سبب اهو آهي ته انهن انسانن پنهنجي زندگي کي اهڙي نه سهڻي نموني سان گذاريو جو هر ماڻهو انهن کي ڏسڻ ۽ ملڻ جي خواهش ڪندو آهي ۽ اهو سلسلو هر دور ۾ رهيو آهي. ۽ هميشه جاري رهڻو آهي. هر انسان پنهنجي اخلاق ۽ ڪم جي لحاظ کان سڃاتو ويندو آهي. اهڙن ئي سهڻن اخلاقن سان ڀري انسانن مان هڪ انسان محمد عثمان ميمڻ به آهي. جيڪو هڪ وڏو ڊراما نگار، ميوزيشن، ليکڪ، اديب ۽ شاعر آهي

محمد عثمان ميمڻ 1 اپريل 1952ع ۾ دادو شهر جي رهواسي محمد بچل ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن پنهنجي شروعاتي تعليم دارُالرسول مدرسه دادو ۾ عربي ۽ فارسي جي تعليم ورتي. جڏهن ته پرائمري جي تعليم مين اسڪول دادو مان حاص ڪئي ۽ ميٽرڪ جي تعليم پرائيويٽ اسڪول دادو مان حاصل ڪئي. جڏهن ته انٽر جي تعليم جامع ملير سٽي ڪراچي مان حاصل ڪيائين ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي مان جنرل هسٽري مان ايم اي جي ڊگري پاس ڪيائين.

سندس چوڻ آهي ته آءُ پنهنجي خاندان مان پهريون پڙهيل لکيل فرد آهيان. هن وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته جڏهن مون عربي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪئي ته ان وقت اسان کي گلستانِ شاعري جو ڪتاب پڙهايو ويندو هو. جڏهن آئو اهو ڪتاب پڙهندو هئس ته ان وقت مون کي پنهنجي شاعري ڪرڻ جو شوق ۽ جذبو پيدا ٿيو ۽ مون پنهنجي شاعري جي شروعات 1965ع کان کئي. جيڪا رسالن ۽ ڪتابن ۾ پڻ ڇپجي چڪي آهي.

هن چيو ته مون پنهنجي زندگي جو گھڻو عرصو استاد بخاري سان گھاريو آهي جيڪو منهنجو استاد ۽ دوست پڻ هو. مون پنهنجي زندگي ۾ به ڪتاب ” سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري ۽ سنگيت سنسار (ميوزڪ)“ نالي ٻه ڪتاب لکيا آهن. منهنجا 25کان 30 ڊراما پڻ پي ٽي وي تي هلي چڪا آهن، مون پنهنجي زندگي جو پورو وقت لکڻ پڙهڻ ۾ گذاريو آهي. اهوئي لکڻ پڙهڻ جو شوق اڄ به مان پنهنجي سيني ۾ سانڍيو ويٺو آهيان. هن ٻڌايو ته مونکي راڳ سان پڻ دلچسپي آهي. استاد بخاري ۽ محمود منهنجا پسنديده رهيا آهن.

هن جو چوڻ آهي ته ادب اهوئي تسلسل آهي جيڪو شاهه لطيف سان وٺي مسلسل هلندو ٿو اچي. ادب شروع کان وٺي تخليق ٿيندو پيو اچي، ادب هن وقت به سٺو تخليق ٿئي ٿو. هن وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته هن وقت ادب حالتن جي گهري ۾ آهي جهڙيون حالتون هونديون آهن ادب به اوترو ئي ڪارائيتو هوندو آهي. منهنجو ادب ڏانهن شروع کان ئي لاڙو رهيو آهي.

هن جو چوڻ آهي ته ” تاريخ ڪوڙ ڳالهائي سگهي ٿي پر ادب نه“ هن چيو ته مونکي اڃا سال به ڪون ٿيو آهي ” انسائيڪلو پيڊيا“ ۾ ڪم ڪندي. هن وقت آئون سنڌي ٻولي جي اعلي اداري سنڌي لينگويج اٿارٽي جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر آهيان. سندن چوڻ موجب جيون جي سڀ کان سهڻي شئي زندگي آهي. مون پنهنجي زندگي جون ذميواريون پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي وڇوڙي کان پوءِ سنڀاليون، مونکان پنهنجي ماءُ پيءُ جو پيار زندگي جي ڪنهن به موڙ تي نه وسرندو ۽ پنهنجي زندگي جو سڀ کان غمگين ڏينهن انهن جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي.

منهنجي زندگي جو سڀ کان اهم حصو ڊرامو آهي. مون پنهنجي زندگي ۾ به سئو کان وڌيڪ ڊراما لکيا آهن جيڪي سنڌ ٽي وي تي هلي چڪا آهن. جن ۾ ماچيس لانگ پلي، رت جا ڳوڙها شڪاري، ظالم، وارث وغيره ۽ ڪجهه ڊراما جيڪي ڪي ٽي اين تي هليا آهن اهي حوا، ماڻي مٿي جهوپڙا، آئينو وغيره آهن. آئون ڪجهه ڪتاب پڻ لکي رهيو آهن جن جا نالا تعميراتي ڊڪشنري انگريزي ٽو سنڌي ۽ تجارتي ڊڪشنري ۽ ڪجهه ٻيا ڪتاب به آهن جيڪي ڪجهه عرصي ۾ شايع ٿيندا.

هن پنهنجي زندگي جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو ته مون پنهنجي زندگي ۾ ڪلاسيڪل موسيقي کي تمام گهڻي ترجيح ڏني آهن ۽ مون ان کي ڳايو ۽ وڄايو به آهي. ساز وڄائيندي وڄائيندي منهنجي هٿ جون آڱريون ئي ٽيڙيون ٿي ويون آهن. آئون بانسري، تبلو، چنگ، نغارو ۽ پڪوا تمام گھڻي شوق سان وڄائيندو آهيان. هن چيو ته عابده پروين، ڍول فقير، مائي ڀاڳي ۽ ٻيجل منهنجا پسنديده فنڪار رهيا آهن. موسيقي سان سڄي ڪائنات هلي ٿي. هن جي چوڻ موجب سياست ۾ منهنجي نظر ۾ سڀ کان بهترين ليڊر ذولفقار علي ڀٽو رهيو آهي

هن شاگردن کي پيغام ڏيندي چيو ته جيترو به توهان علم پرائي سگهو ان کي پرايو، علم کي نوڪري لاءِ نه پڙهو بلڪ توهان انسانيت ۽ زندگي بهتر گذارڻ لاءِ عل حاصل ڪيو ۽ ٻين جي وڌ ۾ وڌ مدد ڪريو جيڪي توهان کان ڪجهه سکي سگهن، پڙهي سگهن ۽ سمجهي سگهن.