استاد پيغمبرن جو پيشو آهي:محمد جمن لاڪو

شاهنواز پٽاڻ

هن جديد دور ۾ جڏهن دنيا هڪ گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي، پر هن تيز دنيا سان گڏ اسان تقريبن پنهنجون روايتون وساريندا پيا وڃون، نياز نوڙت اخلاق توڪل کي ڇڏي هر ماڻهو صرف پاڻ لئه سوچي ٿو، پر اهڙي دور ۾ به استاد محمد جمن لاکي جهڙا ماڻهو آهن، جيڪي لالچ ۽ لوڀ ڇڏي پاڻ کي پنهنجي قوم لاءِ ارپي ڇڏين ٿا.

محمد جمن 1963ع ۾ واڍڪو ڪم ڪندڙ محمد عرس لاکي جي گهر ۾ جنم ورتو پاڻ پرائمري کان انٽر تائين هالا مان تعليم حاصل ڪئي، کيس ننڍي هوندي کان وٺي ادب سان چاهه رهيو آهي.

1985ع ۾ سائين جن جي ايس ٽي جي امتحان ۾ ويٺو ۽ پاس ٿيو، جنهن کان پوءِ بهترين استاد وانگر سڃاڻپ سان پنهنجن شاگردن کي پڙهائڻ سميت پاڻ به تعليم جاري رکيائين، سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي سنڌي لٽريچر ۾ پاس ڪيائين، ان کانپوءِ سائين جن ايل ايل بي به ڪئي، جنهن کانپوءِ سائين جمن لاکو سي ايس ايس جي لکت امتحان ۾ 1992ع ۾ ويٺو ۽ سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيو پر پاڻ زباني ٽيسٽ ۾ انهي لاءِ نه ويٺو ته مون کي الله جي طرفان هڪ استاد جو پيشو نصيب ٿيو آهي، جيڪو پيغمبرن جو پيشو آهي  مون لاءِ اهوئي هڪ وڏو اعزاز آهي ۽ جيڪو مون علم پرايو آهي، اهو پنهنجي وطن جي ايندڙ نسل کي ارپيندس ۽ ڪنهن ڪاموري بڻجڻ کان بهتر آهي ته آئون استاد ٿي رهان.

سائين جن جي علم مان اسان کي به شرف نصيب ٿيو. اسان جڏهن هاءِ اسڪول نيو سعيد اباد ۾ پڙهندا هئاسين ته سائين جمن لاکو بدلي ٿي آيو ۽ آئون سمجهان ٿو ته اسان ڀاڳ وارا هئاسين جو اسين اڃا نائين درجي ۾ هئاسين ته سائين جن پنهنجي سبجيڪٽ پڙهائڻ کانسواءِ ادب ۾ لطيف کان محمد عثمان ڏيپلائي جي ناول تائين جي ايم سيد کان مئڪسم گورڪي جي ماءُ ۽ ناول تائين لينن ماڪس جي ماديت جي فلسفي کان اسلام تائين هڪ بهترين مقرر وانگر جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪندو هو ته ڪلاس ۾ خاموشي ڇائنجي ويندي هئي، اها قدرتي ڏات آهي، جيڪا ڪنهن ڪنهن ماڻهو ۾ هوندي آهي. ائين کڻي چئجي ته جيئن ماءُ ننڍي هوندي ٻار کي آکاڻيون ٻڌائيندي آهي ته اهي ماڻهو کي پيڙهي تائين ياد هونديون آهن. هن وقت به سائين جمن هالا هاءِ اسڪول ۾ پنهنجن شاگردن کي هڪ بهترين استاد وانگر پنهنجا فرض سرانجام ڏيئي رهيو آهي. سائين جن لاءِ آئون لطيف سائين جن جو اهو بيت چوندس ته ،ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هجن

ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي.