محقق ۽ عالم دين :محمد عثمان ميمڻ

ڪامران لاشاري

سماج ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جن پنهنجي محنت ۽ قابليت جي ڪري مڃتا ماڻي انهن ماڻهن جي ڪاميابي جي پٺيان ڪو نه ڪو وڏو سهارو يا ذريعو هوندو آهي. پر ڪي اهڙا به ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي جفاڪشي جي ذريعي اعليٰ مقام تي پهتل آهن. انهن ماڻهن ۾ هڪ اهڙو شخص به آهي جنهن کي والدين پنجين درجي تائين پڙهائي پاڪ ڪتاب جو حفظ ڪرڻ لاءِ چيو. پر هن پنهنجي محنت سان حفظ سان گڏ عربي، فارسي ۽ انگريزي تعليم حاصل ڪئي. اسلامڪ ڪلچر ۽ پاڪستان اسٽڊيز شعبي جي چيئرمين جي عهدي تي پهتو. خيرپور ضلعي جي هنڱورجا جي شهر ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر محمد عثمان ميمڻ نون سالن جو هو ته والدين کيس اهو چئي مدرسي موڪليو ته بابا اسان انگريزي تعليم کوڙ پڙهي آهي تون قرآن پاڪ جو حفظ ڪر. ڇاڪاڻ ته حافظ محمد عثمان جو والد محمد يعقوب ميمڻ هاءِ اسڪول جو استاد هو.  هن هنڱورجا شهر کان 8 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي گڏيجي شهر ۾ حافظ غلام سائين وٽ قرآن پاڪ جو حفظه شروع ڪيو. قرآن پاڪ جو حفظ ڪرڻ کان پوءِ کين والدين عربي ۽ فارسي جي تعليم پرائڻ لاءِ مدرسه مجدت حنفيه ديهات ڳوٺ ۾ داخل ڪرايو. سواري جي سهولت نه هجڻ جي ڪري ڊاڪٽر عثمان ميمڻ ڪڏهن سائيڪل تي ته ڪڏهن پنڌ 10 ڪلو ميٽر فاصلو طئه ڪري مدرسي ايندو ويندو هو. انهن ڏينهن ۾ هن کي سخت ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن کيس رستي ۾ رات به پئجي ويندي هئي. حافظ صاحب سخت محنت ڪري حفظ ۽ عالم فاضل جو تقريبن ويهن سالن جو ڪورس ڏهن سالن ۾ مڪمل ڪيو. ستت ئي کيس گمبٽ هاءِ اسڪول ۾ عربي استاد جو آرڊر مليو. جتي هن نوڪري دوران پنهنجي دوست ۽ استاد عزيز الله ميمڻ کان انگريزي سکڻ شروع ڪئي. سندن والد صاحب کيس اورينٽل ٽيچر جي تعليم لاءِ نوان جتوئي ۾ داخلا وٺي ڏني ۽ پهرين سال جي امتحان ۾ سڄي سنڌ مان ٻيو نمبر پوزيشن ماڻي ان کان اڳ هن نائين ۽ ڏهين جا گڏيل امتحان ڏنا. جنهن ۾ هو اي ون گريڊ ۾ پاس ٿيو. 1975ع ۾ هن اورينٽل ٽيچر مولوي عالم فاضل جي ٻئي سال جو امتحان ڏنو جنهن ۾ هن سڄي سنڌ مان پهرين پوزيشن ماڻي. جڏهن ته ٽئين سال ۾ سڄي سنڌ ۾ ٻئي پوزيشن ماڻي. ان کان پوءِ هن مهراڻ ڪاليج مورو مان يارهين ۽ ٻارهين جا امتحان پاس ڪيا. 1976ع ۾ هن بي اي جو امتحان ڏنو جنهن ۾ پڻ ڪامياب ٿيو. ان کان پوءِ 1978ع ۾ بيورو آف ڪريڪيولم ڄامشوري جي طرفان هڪ سال جي او ٽي سي (اورينٽل ٽيچر ڪورس) جي تربيت لاءِ ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ پڙهڻ لاءِ ويو ۽ 1979ع تي ٽريننگ ڪاليج فار لينڊ ويو ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيٺارجا ۾ پوسٽنگ ٿي. ايم اي پرائيويٽ اسلامڪ ڪلچر ۾ 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان فرسٽ ڪلاس ۾ ڪئي. ۽ ان کان پوءِ ڪراچي جي اسلاميه ڪاليج ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿيو. 1987ع ۾ يونيورسٽي طرفان انٽرنيشنل اسلامڪ ماسٽر ٽرينر ڪورس لاءِ ويو. جنهن ۾ پهرين پوزيشن ۾ ڪاميابي ماڻي. 1990ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور اسلامڪ ۽ پاڪستان اسٽڊي شعبي زرعي يونيورسٽي ۾ مقرر ڪيو ويو. انهي دوران هن سنڌ يونيورسٽي مان اسلامڪ ڪلچر ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ داخلا پڻ ورتي. 1996ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. ان بنياد تي ويهين گريڊ ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. ان کان پوءِ جون 2008ع ۾ سليڪشن بورڊ طرفان ايڪويهين گريڊ ۾ فل فليج پروفيسر مقرر ٿيو. هن ڪيترن ئي مضمونن تي تحقيق ڪئي ۽ ڪتاب پڻ لکيا. جنهن ۾ تفصير انورالاسرار جو عربي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. ان کان علاوه هن پنجاهه کان وڌيڪ مضمون لکيا جيڪي سنڌي، اردو ۽ فارسي رسالن ۽ جرنلن ۾ ڇپيا. هن اڄ جي شاگردن ۽ نوجوان نسل لاءِ پيغام ڏيندي چيو ته سنڌ ڌرتي جا سپوت ۽ بهادر نوجوان شاگرد دينوي تعليم حاصل ڪري ملڪ، خصوصن سنڌ امڙ جو مان مٿانهون ڪن جيئن دشمنن ۽ مخالفن اڳيان توهان جو ڳاٽ اوچو ۽ سرخروءَ هجي، جهيڙن جھٽن ۾ پنهنجي قوت ۽ عمر ضايع نه ڪن ڇو ته ان ۾ دشمن جو ئي فائدو هوندو آهي ۽ سنڌ ڌرتي جي تعليمي ادارن ۾ خراب ماحول پيدا ڪرائي سنڌ جي شاگردن جو تعليمي تقصان ڪرائي پاڻ ٻين صوبن مان ڊگريون حاصل ڪري سنڌ جي خالي عهدن تي غاصبانه انداز ۾ قابض ٿي نوڪريون وٺي ويهي رهن ٿا ۽ سنڌي شاگرد يا ته پڙهي نه سگهندا يا تڪليفون ڪاٽي پڙهي ۽ ڊگريون دير سان ملڻ ڪري بيروزگار ۽ معاشي پريشانين جو شڪار ٿين ٿا.