ايڍي نالي سان مشهور حاجي علي انور ڪوڪر

منير احمد بروهي

شهيدن جي شهر لاڙڪاڻي ۾ نه صرف شهيدن ۽ بهادرن جو شهر آهي بلڪه خدا جي فرشتن جو، جيڪي انسان جي روپ ۾ به هن شهر ۾ رهندا آهن ۽ انسان ذات جي خدمت ڪندا پيا اچن، ۽ چوندا آهن ته ”جنت ماءُ جي ڏيکاريل رستي تان حاصل ٿيندي آهي“ پر ڪجهه شرارتي ٻار گهران ڀلجي نڪرن ٿا ته وري واپس پنهنجي گهر نٿا موٽي سگهن، ڇو ته انهن ٻارن کي اها خبر نه هوندي آهي ته اسان ڪٿي آهيون؟ ۽ اسان جو گهر ڪٿي آهي؟ ٻار عام ماڻهن کي ملن ٿا ۽ اهي عام ماڻهو ائين ٿا سمجهن ته هنن ٻارن جو وارث صرف ۽ صرف حاجي علي انور کوکر آهي ۽ ان وٽ پهچائين ٿا.

حاجي علي انور کوکر لاڙڪاڻي شهر جو ايڌي جي نالي سان مشهور آهي، پاڻ انهن جي 1942ع ۾ ”ميڻا“ ڳوٺ اڳوڻي تعلقي قمبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو، پنهنجي ننڍپڻ جا اٺ سال ميڻا ڳوٺ ۾ گذاريا ۽ پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ هن لاڙڪاڻي ڏانهن هجرت ڪئي ۽ ائين لاڙڪاڻي جي زمين تي رحمت نازل ٿيڻ لڳي. حاجي علي انور کوکر پنهنجي شروعاتي تعليم لاهوري محله پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي  غربت جي ڪري وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو، پوءِ حاجي صاحب پنهنجي دوست جي معرفت تي پاڪستان چوڪ لاڙڪاڻي تي هڪ سيلون جي دڪان تي ڪم سکيو ۽ 1969ع ۾ پنهنجي استاد جي اجازت کانپوءِ ڪينيڊي مارڪيٽ ۾ پنهنجو دڪان کوليائين.

هڪ ڏينهن ڪنهن پاڙي وارن جو ٻار گم ٿي ويو هو ۽ اتي هن ٻار کي وٺي آيا، جتي علي انور نماز پڙهي رهيو هو، مسجد جي پيش امام اعلان ڪري رهيو هو ته هي ٻار ڪنهن جو آهي، اسان کي مليو آهي پر پيش امام  جو آواز انهن جي گهر پهچي نه سگهيو، حالانڪه انهن جو گهر مسجد کان چند قدمن تي هوندو هو، شايد خدا پنهنجي طرفان موڪليل هڪ فرشتي کي اسان سان ملائڻ چاهيو پئي، جيڪو ٻار گم ٿيل هن کي مليو، هو ڪافي روئڻ لڳو ۽ علي انور هن کي پنهنجي ڪلهي تي کڻي هوڪرا ڏيندو پيو وڃي ته، ”هي ٻار ڪنهن جو آهي“، هي گلن جهڙو ٻار ڪنهن جو آهي، ۽ نيٺ علي انور ٻار جي مائٽن تائين پهچي ويو ۽ وري جڏهن به ٻار گم ٿيل علي انور کي ملندو هو، علي انور ان کي هوڪرا هڻندو ان کي ان جي مائٽن تائين پهچائيندو آهي. پنڌ يا سائيڪل تي، ۽ لاڙڪاڻي شهر جا شرارتي ٻار جيڪي جتي ڪٿي مشهور آهن، اهي علي انور کي پٽيندا هئا ۽ ڪنهن حد تائين لاڙڪاڻي جا ماڻهو ۽ بزرگ به ان کي چريو چوندا هئا، پوءِ به علي انور پنهنجي بي عزتي نه پيو سمجهي ۽ ٻارن کي انهن جي والدين تائين پهچائڻ لاءِ ڪوشش ڪندو آهي جيڪو به يتيم ٻار هوندو آهي ان کي علي انور پنهنجي گهر ۾ رهائيندو آهي ۽ پاڻ ماڻهن جا وار ٺاهي انهن مان ٻين ٽئين ويلي جو کاڌو وٺي ايندو آهي ۽ پئسا نه هئڻ جي ڪري اوڌر تي سامان وٺي ايندو نيٺ علي انور کي گهران ڪڍيو ويو، ڇو ته اهو يتيم ٻار گهر ۾ رهندو هو ۽ علي انور ٻارن سان گڏ درگاهه قائم شاهه تي رهندو هو علي انور کي ڊي سي او 6000 فٽ زمين ڏني ۽ علي انور بعد ۾ اتي 10 ڪمرن ۾ ”خدمت معصوم ويلفيئر سينٽر“ کوليو، جتي يتيم، ٻوڙن، معذورن ۽ بيواهه عورتن کي پناهه ڏني آهي. ۽ اڄ تائين علي انور 9700 ٻارن کان به وڌيڪ ٻارن /ڏسو صفحو ......4 کي پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ پهچايو آهي ۽ 23 مارچ 2003ع تي اڳوڻي ملڪ جي سربراهه جنرل (ر) پرويز مشرف هن کي اسلام آباد گهرايو, جتي هن کي، ”ستاره امتياز“ سان نوازيو ويو ۽ اڄ به علي انور کوکر خدمت معصوم ويلفيئر کي پنهنجي روزي سيلون تا ڪمائي هلندو آهي ۽ ان ويلفيئر کي هلائي رهيو آهي. علي انور جو چوڻ آهي ته، ”گهر جنت آهي ماءُ ۽ پيءُ ان جي رحمت آهن، پنهنجن جي جدائي ڪنهن دوزخ جي عذاب کان گهٽ نه آهي“ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي ڪو ٻار ملي وڃي ٿو گم ٿيل يا گم ٿي به وڃي ٿو ته اسان کي ٻڌائي ڇڏي ته ان جي فيس دعا کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي!*