هٿ جي هنر ۾ مهارت رڪندڙ:نسرين وفائي

خالد ميراڻي

هنر مند انسان وقت جو بادشاهه آهي ۽ جنهن انسان وٽ هنر جهڙي قيمتي ۽ انمول نعمت موجود آهي اهو دنيا جو سڀ کان خوشنصيب انسان آهي. ڇو ته رب پاڪ ان کي اهڙين انيڪ خوبين سان نوازي ٿو. جنهن سان ڪو انسان چاهي ته هو چڱي طرح پنهنجو مقام بڻائي سگھي ٿو. پنهنجي اندر رکيل اڻکٽ خوبين کي مڪمل طور سمجھي ۽ سڃاڻي ته ان کي ڪاميابي کان ڪو به روڪي نه ٿو سگھي. اهڙي طرح نسرين وفائي به انهن عظيم انسانن مان هڪ آهي. جنهن هن مردن جي معاشري ۾ رهندي پنهنجي پاڻ کي گھٽ سمجھندي هڪ ڊگھو سفر طئي ڪيو. نسرين جي ابتدائي زندگي جي شروعات ڳوٺ جندو ديرو ضلعو شڪارپور کان ٿي جتي هن جو جنم ٿيو هن پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ ۽ انٽر ميڊئيٽ گورنمينٽ گرلز ڪاليج لاڙڪاڻي مان بي اي، ۽ ايم سنڌي ۽ بي ايڊ سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي. جيتوڻيڪ ڳوٺن ۾ ڇوڪرين جي تعليم کي گھٽ ۽ خراب سمجهيو ويندو آهي پر ان جي باوجود هن پنهنجي مڪمل تعليم حاصل ڪئي.

هن جو والد عبدالقادر ڀٽو جيڪو پنهنجي ڳوٺ جو زميندار هو، جنهن هن کي اڳتي وڌڻ لاءِ چيو ۽ ڪڏهن به هن جي رستي جي رڪاوٽ نه بڻيا جڏهن هن انٽر پاس ڪئي. هن کي پهرين گورنمينٽ جي نوڪري ڪراچي جي گورنميٽ گرلس هاءِ اسڪول P.E.C.H.S جي حيثيت ۾ ملي جيڪا هن شادي ٿيڻ بعد ڇڏي ڏني ۽ حيدرآباد شفٽ ٿي آيا ۽ پوءِ 1997ع ۾ هن حيدرآباد ۾ سينٽ بونا وينچر هاءِ اسڪول جوائن ڪيو هن کي اسڪول ۾ پڙهائيندي تيرهن سال مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ اڄ به ان جڳهه تي هڪ استاد طور موجود آهي. ۽ هڪ بهترين استاد طور سنڌي سبجيڪٽ جي انچارج مقرر ڪيل آهي. هن جي شادي سنڌ جي مشهور اديب ۽ صحافي مولانا دين محمد وفائي جي پوٽي طاهر حسين وفائي سان ٿي. پر افسوس گذريل ڪجھ مهينا اڳ ۾ هو هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. جنهن کان پوءِ هن جي زندگي تي تمام گھڻو اثر پيو آهي. نسرين جي چوڻ مطابق گھروارو سندس بهترين دوست هو جنهن جي وڇوڙي جو افسوس سڄي عمر رهندو. هن کي چار ٻارن جو اولاد آهي جيڪي پڻ سٺن ادارن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن.

پر اهو سڀ ڪجھ ٿيڻ باوجود هن همٿ نه هاري ۽ لکڻ پڙهڻ کي جاري رکيو. هن جا ذاتي مشغلا ڀرت ڀرڻ، رڌ پچاءُ ۽ گھر جا سمورا ڪم پنهنجي هٿ سان ڪندي آهي.

هن کي هٿ جي هنر ايتري مهارت حاصل آهي جو گذريل سال هن جي هٿ سان ٺهيل شيون نمائش لاءِ به رکيون ويون. سال 2006ع ۾ هن کي ڪي ايف سي ٽيچرس ڪنوينشن طرفان بيسٽ ٽيچر جو ايوارڊ پڻ مليو. نسرين کي ڪتاب لکڻ جو به شوق آهي. ۽ ڪافي ڪتاب لکي به چڪي آهي جنهن مان هي ڪتاب ڇپايا آهن.

اسان ۽ اسان جو گھر (گھريلو ٽوٽڪا)، ننڍڙا سهڻا پيارا ٻار،هنر مند هٿ ۽ جندو منهنجي جند (يادگيريون).

سندس چوڻ آهي ته ڪتاب منهنجي لاءِ آڪسيجن آهن ۽ مان انهن کان بغير اڌوري آهيان. گھر ۾ کيس 3000 کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن ۽ هاڻ ته هن جا ٻار به ڪتابن جا ديوانا آهن. هن جو انهن غريب سنڌ جي نياڻين کي پيغام آهي ته اهي تعليم پرائي پنهنجي خاندان ۽ ديس لاءِ ڪجھ مثبت ڪم ڪري ڏيکارين ۽ پنهنجي وقت جو صحيح استعمال ڪري هڪ سٺي انسان هجڻ جو ثبوت ڏين ۽ وقت تمام گھڻو قيمتي آهي ان جو قدر ڪرڻ گھرجي.*