ساڊي طبيعت رڪندڙ:نور محمد سميجو

ناذيه قريشي

زندگيءَ ۾ ماڻهو کي ڪيترو پروفيشنل ۽ ڪيترو پريڪٽيڪل هجڻ گهرجي؟ نور محمد سميجو ان سوال جو جواب آهي. شايد ئي ڪنهن کيس واندو ويٺل ڏٺو هجي، سدائين ڪم ۾ مصروف، جيتوڻيڪ هو ماس ڪميونيڪيشن ۾ پبليڪيشن آفيسر آهي پر شعبي جي استادن کان وٺي عام شاگرد تائين ڪير به کيس ڪم ڏيس ته جهٽ پٽ ڪري ڏيندو. هو آفيسر هوندي به پاڻ کي آفيسر نٿو سمجهي، خدمت، ڪجهه سيکارڻ، ٻئي ڪنهن کي ڪجهه ڏيڻ ۽ ڀلو چاهڻ جي جذبي سان سرشار سميجو ميڊيا جي دنيا جو به پريڪٽيڪل ماڻهو آهي. کيس رڳو ڪمپيوٽر گرافڪس ۽ لي آئوٽ سان گڏوگڏ خبرن جي ايڊيٽنگ ۽ خبرن جي اهميت جي حوالي سان چونڊو جي به ڄاڻ آهي. طبيعت ۾ سادو، مينهن وسائيڙو جهڙو ماڻهو جيتري ڄاڻ رکي ٿو اوترو ئي محنتي ۽ سچو آهي.

نورمحمد سميجو حيدرآباد جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ محمد ٿيٻو ۾ 16 فيبروري 1964ع ۾ اک کولي .پاڻ پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول حاجي صادق ميمڻ مان  حاصل ڪئي جيڪو هنن جي ڳوٺ کان اڍائي ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي هو .هو تتي ٿڌي پنڌ اسڪول ويندا هئا. مئٽرڪ هاءَ اسڪول ٽنڊوڄام مان 1980ع ۾، گريجويئٽ جي ڊگري پوليٽڪل سائنس، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ ڪرڻ کان پوءَ پاڻ اسٽينوگرافر جي نوڪري جي لاءِ درخواست ڏني پرهن سفارشي دور ۾سفارش نه هئڻ ڪري نوڪري نه ملي. سگھي تنهن کان پوءِ واپسي ۾ دوستن وٽ ويا جيڪي عبرت پريس ۾ ڪم ڪندا هئا تنهن سميجو صاحب کي عبرت پريس ۾نوڪري جي آڇ ڪئي جيڪا انهن قبول ڪندي 1988ع ۾ڊيلي عبرت ۾پير پاتو. پنهنجي ڪم سان ايترا ته سچا آهن جو پنهنجي گھر جي لاءِ صرف آچر جو ئي ڏينهن ملي ٿو عبرت پريس جوائن ڪرڻ کانپوءَ جرنلزم جي ڊگري وٺڻ لاءِ شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان 2006ع ۾ايم،اي جرنلزم ۾ڪيائين جنهن ۾ پاڻ فرسٽ ڪلاس آيا .عبرت پريس ۾هجڻ دوران انهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري جي لاءِ درخواست ڏني ۽ 2003ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي ۾ بحيثيت پبليڪيشن آفيسر مقرر  ٿيا. دوستن جي مطابق ڏاڍو پيار ڪندڙ استاد آهي سڀني کي پنهنجي اولاد وانگر ڀائيندو ۽ ڏاڍو سٺي نموني ڪم سيکاريندو آهي ۽ اسان ان کي هميشه خوش ڏٺو آهي. جڏهن اسان روشني اخبار، جيڪا ماس ڪميونيڪيشن شعبي مان نڪرندي آهي. جڏهن روشني ۾ سب ايڊيٽر ٿيا هئا سين ته سينئر شاگرد ڊپ ڏيندا هئا ته هاڻي خبر پوندي ته روشني جو ڪم ڪيترو ڏکيو آهي پر اسان جي ٽيم کي سميجو صاحب جھڙو استاد مليو جنهن هميشه پنهنجي دوستن وانگر ساٿ ڏنو ۽ اسان جي هر طرح سان رهنمائي ڪئي، ۽ اسان ان کي ڪڏهن به ڪاوڙ ۾ ناهي ڏٺو ،پاڻ ماس ڪميونيڪشن شعبي ۾ بحيثيت پبليڪيشن آفيسر سان گڏوگڏ عبرت پريس ۾ پڻ آهي سچ ته اسان جي معاشري کي جيڪو پريشانين جي ور چڙهيل آهي تنهن کي اهڙن ئي خوش طبعيت ۽همدرد انسانن جي ضرورت آهي .*