حليم تون به هليو وئين....!

تاثرات روشني ٽيم

         هي دنيا به عجيب شيءِ آهي. جيڪي آيا آهن انهن کي ضرور هڪ نه هڪ ڏينهن وڃڻو پوندو آهي. وقت جي وهڪرن ۾ ڪئين آيا ۽ ڪئين ويا پر وقت به ڪڏهن ڪڏهن عجيب گهاءُ ڏئي ويندو آهي شايد اهو به سچ جا چرچا برداشت نه ڪري سگهندو آهي ۽ پنهنجي وهڪرن ۾ ڪئي انمول موتي کڻي هميشه جي لاءِ هليو ويندو آهي. بس ان وقت هڪ حسرت ئي باقي رهندي آهي ته ڪاش اُن وقت جا ڪانٽا بيهي رهن ها....! بس اهو حسد ڀريو جملو اُن جي مهانتا جو ثبوت هوندو آهي پر اها صرف حسرت ئي رهجي ويندي آهي.

28 جولاءِ 2010ع جي شام جو ان ڀوائتي وقت به پنهنجي اندر هڪ انمول موتي کي اسان کان هميشه چورائي کڻي ويو. جنهن جو پوراءُ سالن ۾ ته ڇا پر صدين ۾ به مشڪل آهي.

سنڌي ٻولي جي لاڏلي اديب ۽ مزاح نگار حليم بروهي به هن ظالم وقت جو شڪار ٿي ويو.

ناليواري مزاح نگار حليم بروهي حيدرآباد ۾ آگسٽ 1935ع تي هڪ پوليس آفيسر جي گهر ۾ جنم ورتو. حليم بروهي بي.اي ۽ ايل ايل بي جي تعليم حاصل ڪئي هئي.

حليم بروهي 68-1967ع کان طنز ۽ مزاحيه لکڻ شروع ڪيو. سندس پنهنجي پوري زندگي ۾ 10 ڪتاب لکيا جنهن ۾ ”هٽلر جي ڪهاڻي“ 1972ع، ”اوڙاهه ناول“ 1975ع، ”هٽلر لکيو“ 1972ع، ”حليم شو“، ”مزاحيات“ 1983ع ۾ جيڪي مون لکيو (ڪالم ۽ مضمون) 2002 ۽ 1967 ۾ انگريزي ڪتاب Solo Decayed, Roman Sindhi Script, Seeds Columns, Nothing is peculiar and Nothing is Earnest جهڙا شاهڪار ڪتاب لکيا، جنهن ۾ اوڙاهه ۽ ڇڙواڳ ناول تمام گهڻو مشهور ٿيا. پاڻ هن مهل ”دي سائوٿ ايشين ٽراما“ نالي هڪ ناول لکي رهيا هئا پر ساهه جي تند ايتري مهلت ئي ڪانه ڏنس.

مرحوم حليم بروهي سنڌي ٻولي جو وڏي ۾ وڏو مزاح نگار هو. مزاح نگاري ته هڪ ڏات هئي پر پاڻ هميشه سنجيده مسئلن کي به اهڙي نموني مزاح ۽ اڻ سڌي طرح تنقيد ڪندا هئا جو وڏن وڏن عالمن جا وات پٽجي ويندا هئا. سندس اهڙن ئي لکڻين جي ڪري اڪثر ڪري اديب حليم بروهي کي ”چريو آهي“ جي نالي سان سڏيندا هئا.

تازو ئي سال 2009ع ۾ کيس لطيف ايوارڊ ڏنو ويو پاڻ ڪيتري ئي عرصي تائين روزاني ڪاوش اخبار ۾ ڪالم لکندا رهيا.

مرحوم حليم بروهي سنڌ جو ناميارو ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، مزاح نگار ۽ اديب هئڻ سان گڏوگڏ نرالي ۽ منفرد شخصيت هئڻ ڪري هڪ الڳ سڃاڻپ رکندو هو. مرحوم وٽ منفرد قسم جي مزاح نگاري هلڪي ڦلڪي انداز ۾ وڏن ۽ سنجيده قسم جي معاملن ۽ مسئلن ڏانهن چڀجندڙ لفظن ۽ خوبصورت انداز ۾ ڌيان ڇڪائڻ جي غير معمولي ڏات هئي. هو سنڌ جو انوکو ۽ اڪيلو مزاح نگار هو. مرحوم دوستن جي محفلن ۾ انتهائي سنجيدگي واري ماحول ۾ اهڙي ته هلڪي ڦلڪي انداز ۾ مزاحيه ڳالهه ڪري ويندو هو جنهن جي گهرائي سمجهي ماڻهو پريشان ٿيندا هئا ته حليم جي ان ڳالهه تي کلجي يا روئجي، جهڙوڪ جيڪڏهن ڪو اديب فوت ٿي ويندو هو ته حليم بروهي انهن لاءِ ٿيندڙ تعزيتي گڏجاڻين ۾ نه ويندو هو ۽ چوندو هو ته ”جيڪڏهن آئون مري وڃان ته منهنجي لاءِ ڪير به تعزيتي گڏجاڻي نه ڪري توهان گڏجاڻي ڪندڙن کي جهلجو ته مرحوم جهلي ويو آهي.“

مرحوم حليم بروهي سنڌ يونيورسٽي ۾ چيف اڪائونٽنٽ جي پد کان رٽائرمينٽ ورتي. هي سنڌي جي رومن اسڪرپٽ جو حامي هو، ان حوالي سان هن رومن سنڌي اسڪرپٽ گائيڊ به شايع ڪرائي ۽ زور ڏنو ته جيڪڏهن سنڌي ٻولي کي ترقي وٺرائڻي آهي ته رومن الفابيٽ ۾ لکڻو پوندو جنهن تي سنڌ جي عالمن ۽ سنڌي ٻولي جي ماهرن هن سان اختلاف ڪيا پر پاڻ مرڻ گهڙي تائين رومن اسڪرپٽ جا حامي رهيا.

بس! هاڻي ته اسان کي حليم جي يادن جي سهاري ئي هلڻو پوندو هن جو لکيل مزاح ئي اسان جو سرمايو آهي جنهن کي هرڪو پسند ڪندو آهي. شايد ئي اهڙن انمول هيرن جا وڇوڙا خال پيدا ڪري ويندا آهن.

جيڪي ڪڏهن به ڀرجي ناهن سگهندا، هاڻ ته حليم جي لاءِ آخرت جي دعا ئي ڪري سگهجي ٿي ته الله سائين ان کي جنت الفردوس نصيب ڪري ........ آمين!*