پنهنجي شاعري جي ذريعي ماڻهن جا من موهيندڙ:مير ظفر الحق

پيتامبر ڪمار شرما

       دنيا جي هن خوبصورت نظارن کي پنهنجي خوبصورت لفظن، طاقتور احساسن ۽ پنهنجي قلم جي پورهئي جي ذريعي هڪ ماڻهو کان ٻئي ماڻهو تي انهي نظارن جا نقش چٽڻ جو ڏانءُ ئي هن فاني دنيا ۾ خوبصورت کان خوبصورت ترين ڪرشمو هوندو آهي. پر خدا تعاليٰ جي هن لا محدود ڏاتن مان اها ڏات به ڪنهن ڪنهن کي ئي عطا ٿيل هوندي آهي. دنيا جي هن گلزار چمن ۾ اسان کي اهڙا انمول خوشبودار گل تمام گهٽ ملندا جن پنهنجي قلم جي ذريعي ماڻهن جي من اندر پنهنجو مقام ٺاهيو هجي. ۽ انهن جي ذهنن تي اڻ مٽيا نقش چٽيا هجن. اهڙن گلزار ۽ ديده ذيب ماڻهن جي هڪ ننڍڙي گلن جي ڪياري مان هڪ انمول گل جو نالو آهي. مهر مظهر الحق مظهر هن پنهنجي زندگيءَ ۾ سواءِ ڏکن جي ڪجهه ناهي ڏٺو، سواءِ ٿاٻن جي ان کي ڪجهه ناهي مليو، سواءِ جيون ساٿي جي هن جهان جو ڪٺن سفر مليو پر پوءِ به پنهنجي قلم جي پورهئي جي ذريعي ٻين کي انهن شين کان پري رکندا پيا اچن.

مهر مظهر 1943ع ۾ ديهه 190 اڪبر آباد ۾ اک کولي. هن جو ڏاڏو هڪ ارب پتي ماڻهو هو جيڪو پٽالا بمبئي يونيورسٽي جو شاگرد هو. هتي هن کي زهر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو لڏي سيالڪوٽ ۾ اچي ويو، جتي هن کي جنرل ڊائر مشير مقرر ڪيو پاڻ تمام سٺي انگريزي ڳالهائيندو هو جنهن جي ڪري تمام گهڻي عزت هوندي هيس. هن جو والد مهر چراغ الدين تمام وڏو زميندار هو پر ننڍي هوندي کان ئي مهر مظهر الحق مظهر سان بغاوت وارو رويو رهيو. سندس 11 ڀاءُ ڀيڻ آهن جنهن ۾ 3 ڀائر ۽ 8 ڀيڻون آهن.

پاڻ شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، ان کان پوءِ انٽر گورنمينٽ ڪاليج ٽنڊو جان محمد مان حاصل ڪئي پر ٻن پرچن ۾ رهجي وڃڻ کان پوءِ 1962ع ۾ سچل ڪاليج حيدرآباد مان انٽر جي تعليم مڪمل ڪيائين.

مهر مظهر الحق مظهر جا ننڍي هوندي کان ٻئي پير مڙيل هئا جيڪي 1950ع ۾ سيون ڊي هاسپيٽل ڪراچي ۾ هڪ آپريشن جي ذريعي صحيح ڪيا ويا جتي هن سان هڪ يادگار واقعو رونما ٿيو هو. ٻڌائي ٿو ته مون اسپتال جي دري مان ملڪه ثريا ۽ شاهه ايران کي گلن ۾ پوريل ڏٺا.

هن شاعري لکڻ جي شروعات شاگردي واري دور کان شروع ڪئي. اڃا انٽر ۾ هو ته غزلون ۽ شعر چوڻ شروع ڪيائين.

اتان ئي سندس صحافتي زندگي جي پڻ شروعات ٿي. انٽر ۾ هو ته ڪلاسون شام جو هونديون هيون جنهن جي ڪري هتي بشارت اخبار جي ايڊيٽر عباسي صاحب سان ملاقات جي دوران مضمون وغيره لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ 1987ع ۾ پي پي آءِ جوائن ڪيو ۽ اڃا تائين ان ۾ نمائندگي جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. پاڻ هن مهل تائين ايڪسپريس ۾ وڪٽوريه، جرات ۽ ٻين ڪيترين ئي اخبارن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. ۽ هن مهل ٽنڊو جان محمد پريس ڪلب جو انچارج پڻ آهي.

هن کي 1971ع ۾ يونائيٽيڊ بينڪ ليميٽڊ (يو بي ايل) ۾ نوڪري ملي وئي جنهن دوران هن جي ننگر پارڪر ۾ پوسٽنگ ٿي جتي هن کي 100 کان 150 رپيا بونس جا ملندا هئا پر هتي خرچ تمام گهڻو هئڻ جي ڪري ڏيڍ سال نوڪري ڪئي پوءِ وري ڇڏي آيو. اتي نوڪري دوران ڀٽو صاحب کي خط لکيو ته جيڪڏهن هو اجازت ڏين ته هو بنا تيل جي ذريعي گاڏي هلائي سگهي ٿو، جنهن ۾ هن سج جي روشني، هوا ۽ پاڻي جي ميلاپ سان گاڏي هلائڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو پر ڀٽو صاحب جي طرفان ڪو به جواب نه ملڻ جي ڪري مايوس ٿي اهڙو خيال ئي ذهن مان ڪڍي ڇڏيو.

مهر مظهر الحق مظهر ۾ شاعري شروع ڪئي، هو پنهنجي شاعري فيض احمد فيض کي موڪليندو هو. جنهن دوران هنن جي پاڻ ۾ تمام گهڻي خط و ڪتابت ٿي وئي پر انهن جي پاڻ ۽ ڪڏهن به ملاقات نه ٿي سگهي. جنهن ۾ هڪ ته پئسن جي گهٽتائي ۽ ٻيو وري فيض احمد فيض جي گرفتاري جي ڪري هميشه ملاقات ۾ ڪانه ڪا رنڊڪ پيش ايندي هئي. خط و ڪتابت دوران فيض احمد فيض هن کي لکيو هو ته:

”بيٽا بهت سوچ ڪي لکو اور بهت ڪم لکو“

هن جي شاعري کي جڏهن ڏسبو ته سندس شاعري جا موضوع تنقيدي ئي رهيا آهن. ۽ هن جي شاعري ڏانهن وڏو لاڙو سندس عشق جي دوران آيو جڏهن پاڻ پنهنجي ڦڦي جي ڌيءَ سان عشق ڪري ويٺو ۽ انهيءَ عشق دوران هن پهرين “نوشاد“ تخلص رکيو هو پر عشق ۾ ناڪام ٿيڻ کان بعد هن جو ذهن تمام گهڻو باغي ٿي ويو ۽ هڪ نئين رنگ و روپ سان شاعري شروع ڪئي ۽ ’مظهر‘ جي تخلص اختيار ڪيو جيڪو اڃا تائين آهي. اڄ ڏينهن تائين شادي نه ڪئي آهي. سندس ذهن ۾ هميشه اهو ئي شعر رهندو آهي ته سندس عشق جي ڪري اڄ ڏينهن تائين ان جي يادن کي وساري نه سگهيو آهي. سچ پچ ته سچي عاشق وانگر پنهنجي محبوب سان وفا ڪئي آهي.

مهر مظهر الحق مظهر جي شاعري ۽ صحافتي زندگي جي ڪري ئي ٽنڊو جان محمد جي هر دل عزيز شخصيت آهن سندس شاعري ۾ ”مين انسان هون“ امن کي ”آشا“ مشهور نظمون آهن. سندس شاعري سڄي جي سڄي اردو ۾ چيل آهي سندس پسنديده شاعرن ۾ اقبال، جوش، ساگر صديقي، فيض احمد فيض پسند آهن جڏهن ته لتا، محمد رفيع، طلعت، ڪشور، مهندر ڪپور پسنديده گلوڪار آهن. پنهنجي شاعري جو مشهور شعر آهي جنهن مان سچ پچ سندس شخصيت ۽ شاعري ۾ انسانيت ڪي پهلو جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

اس ڪي محنت سي عرش په بهي تاج چمڪائي گئي

اس ڪي فاقون سي جهان په نصر برسائي گئي

سندس شاعري ۾ هميشه انسانيت جو پهلو نمايان رهيو آهي پاڻ هميشه ڪا نه ڪا شعر جي ڪري هميشه ملن ۽ پنڊتن جي عذاب جو شجار رهيا آهن اهو سبب آهي جو سندس شاعري جو اڄ ڏينهن تائين ڪو به ڪتاب ڇپائي پڌرو نه ٿي سگهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته اڄ جي صحافت مان صحافي صحافتي وردي لاهي اخلاقي دور پار ڪري ويا آهن جنهن جي ڪري صحافت جهڙو مقدس شعبو بدنام ٿيو آهي.

سندس آخر ۾ اهائي خواهش آهي ته انسان ذات تي ڪڏهن به ڪا مشڪلات نه اچي آخر ۾ سندس اهو ئي پيغام هن شعر جي ذريعي ڏيڻ چاهيو پئي ته:

آنک جو کچهه ديکتي هي لب په آسڪتا نهين مين حيرت مين هون ڪي دنيا ڪيا سي ڪيا هو جائي گي.*