ٻاراڻي دور ۾ وڏن وڏن کي مات ڏيندڙ:ديدار علي سولنگي

ولي محمد بٽي

ديدار علي سولنگي هڪ اٺن سالن جو ٻارڙو آهي جنهن جي سوچ هڪ مڪمل مرد جي سوچ جهڙي آهي. ديدار 2002ع ۾ ميندي ۽ مائي واري شهر ميهڙ جي گلشن مدينه ڪالوني ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو حاجي غلام سرور سولنگي آهي.

قد جو پورو، سڌا وار ۽ وڏن تارن سان اکين وارو هي ديدار جيتوڻيڪ اڃا ٻالڪپڻ مان ئي گذري رهيو آهي پر هي وڏن وانگر رهڻي ڪهڻي جو مالڪ آهي. هونئن ته هي عام ٻارن وانگر ٻار آهي پر جيڪڏهن هن جي زندگي ۾ هڪ جهاتي پائي ڏسون ته هي بلڪل مختلف آهي.

صبح جو 6 بجه پنهنجي والد سان گڏ اٿي وهنجي مسجد ۾ نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ گهر کان 3 ڪلوميٽر پري حجامڪي دڪان تي وڃڻ ۽ اتي صفائي ڪري، دڪان جو کٽل سامان جو پورائو ڪري وري اسڪول وڃي، اسڪول کان پوءِ ساڍا ٽي ڪلوميٽر پري پنڌ گهر وڃڻ منجهند جي ماني کائي وري 3 ڪلوميٽر پنڌ ڪري پنهنجي پيءُ ۽ چاچي جي لاءِ ماني دڪان تي کڻي وڃڻ کان پوءِ سڄو ڏينهن دڪان تي ويهندو آهي وري رات جو   پنهنجي والد ۽ چاچي سان گڏ گهر ايندو آهي.

ديدار جي عمر جي حوالي سان ڪافي ڳالهيون ذهن ۾ اچي سگهن ٿيون، مثال طور: هي ايترو پنڌ ڇو ٿو ڪري ڪا سواري استعمال ڇو نه ٿو ڪري، ايترو پنڌ ڪرڻ جي باوجود نه هي ٿڪجي ٿو ۽ نه ئي بيمار ٿو ٿئي، انهن سڀني مونجهارن جو جواب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته هن کي مٿانهين طرف کان ڏاهپ عطا ٿيل آهي جو هي ايترو ڪم ڪرڻ جي باوجود به تازو توانو نظر اچي ٿو.

ديدار گهر ۽ دڪان جا ڪم ته ڪندو ئي آهي پر هن پاڙي وارن جي دلين کي به کٽيو اٿس، ديدار کي عام طرح سان پيار ۾ ”ديدو ديدو“ سڏيو ويندو آهي ۽ هي ديدو جنهن به محل ڪم مان ڪو به فارغ وقت ڏسي ٿو ته هي اها گهڙي پنهنجي دڪان جي پاڙي واري انٽرنيٽ ڪيفي ۾ گذاري ٿو جتي هي نه صرف ڪمپيوٽر ۾ گيم يا گانا هلائي پاڻ کي ريجهائي ٿو پر اتي هي سنڌي گوگل جي مدد سان ڪافي حيرت انگيز معلومات حاصل ڪري ٿو. ديدار هڪ وچين طبقي جي خاندان سان تعلق رکڻ وارو جيڪو پيءُ جو اڪيلو پٽ آهي. هي ڏسجڻ ۾ ته ايڏو خوبصورت ڪونهي پر هن جي اندروني خوبصورتي من موهيندڙ آهي.

ڪيتري به ڪم ڪرڻ کان پوءِ نه ٿڪجڻ وارو ۽ نه بيمار ٿيڻ وارو هي ديدار ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ پڻ آهي، پاڙي ۾ موجود ڪيترن ئي پاڙي وارن مان ان ڳالهه جي خبر پئي آهي ته انهن کي ڪيتري به ڪاوڙ هجي ۽ هو ڪيتري به ذهني پريشاني ۾ مبتلا ڇو نه هجن پر جيڪڏهن هو پنهنجي دوست ديدار علي سان ٻه ٻول ونڊين ٿا ته هو ذهني طور خوش ٿي ويندا آهن.

هن ٻارڙي جي ڪچهري ۾ ڪيترائي موضوع سمايل هوندا آهن جيئن مذهب، سياست، سماج ۽ تعليم وغيره جن تي هي با آساني بحث ڪري سگهي ٿو هن جي ڳالهين جي پويان ڪافي دليل پڻ شامل هوندا آهن.

ديدار علي سولنگي مان نه صرف پاڙي وارا ۽ گهر وارا ئي مطمئن آهن پر هن جي اسڪول جو ماستر پڻ تعليم جي حوالي سان مطمئن آهن. مختلف ۽ حيرت انگيز خوبين سان نوازيل هي ديدار مالي طرح سان ايترو مستحڪم نه آهي پر هي پنهنجي والدين کان ملندڙ هنر ۽ پنهنجو پاڻ تي يقين رکڻ وارو پنهنجي ڪاميابي جون ڪافي علامتون ڏيکاري رهيو آهي. جيڪي خوبيون هڪ ڪامياب انسان ۾ هونديون آهن اهي ئي خوبيون هن ٻالڪ ۾ به آهن پر هي ڪجهه ڳالهين کان گهٻرائي رهيو آهي ڇو جو هي هڪ اهڙي سماج ۾ رهي ٿو جتي هي سمجهي ٿو ته هڪ سچي ۽ ايماندار ماڻهو جو قدر گهٽجي رهيو آهي.*