علمي ۽ ادبي شخضيت:نزير حسين پٺان

بلقيس فاطمه

سنڌو ماٿري هر دؤر ۾ تمام وڏا تعليمي ماهر ۽ شخصيتون پيدا ڪيون آهن، جن جي ڪري اسان جي سنڌ ڌرتي علمي ۽ ادبي لحاظ کان تمام مشهور آهي. انهن مشهور ۽ املهه موتين مان جناب نذير حسين پٺاڻ هڪ آهي، جنهن پنهنجي لکڻين جي مدد سان سنڌي علم ۽ ادب ۾ واڌارو آندو.

4 آڪٽوبر 1947ع ۾ قمبر تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڇڄڙا ۾ تپيدار علي نواز پٺاڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، جيئن ته سندس ڳوٺ ۾ مڊل ۽ هاءِ اسڪول نه هجڻ جي ڪري انگريزي تعليم ميونسپل هاءِ اسڪول قمبر ۾ حاصل ڪئي، جيڪو سندس ڳوٺ کان 2 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي هو. ايم اي انگريزي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪئي. ڇهن مهينن تائين شاهه عبداللطيف هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ انگريزي جو استاد رهيو. ان کان پوءِ هي پاڻ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ مختلف ڪاليجن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. 1981ع کان سچل سرمست ڪاليج آف آرٽس حيدرآباد ۾ پرنسپال رهيو. جتان 2007 ۾ رٽائر ٿيو.

يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران علم ۽ ادب بابت دوستن ۽ استادن کان گهڻي رهنمائي حاصل ٿي. هن کي لکڻ ۽ پڙهڻ سان هڪ جذبو ۽ چاهه هو. هن 1971ع ۾ پهريون افسانو لکيو جنهن ۾ امينه خميساڻي جيڪا ان وقت انگريزي شعبي جي هيڊ هئي. اُن هن جي سٺي رهنمائي ڪئي. ڪراچيءَ ۾ شاهه عبداللطيف اسڪول ۾ پڙهائڻ دوران انور پيرزادي سان سندس گهرائپ ٿي ۽ هن پهريون نظم بنا عنوان سان لکيو جنهن کي بعد ۾ امر جليل ”گيت جو جنم“ نالي عنوان ڏنو.

هن جا مختلف نظم ”سوجهرو“ ۽ ”برسات“ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا، عبرت ۽ ڪاوش اخبار ۾ سندس ڪالم ۽ شاعري اڄ تائين ڇپجندي رهي ٿي. هن جو تعلق علمي، ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان آهي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو.

نظير سچل سرمست ڪاليج ۾ علمي ۽ ادبي مشغولين ۾ ڪافي دلچسپي وٺندو هو جن ۾ ڊرامه، تقريري مقابلا، سوال جواب ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ڏينهن به شامل آهي. جيڪي شاگرد سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندا هئا. هي انهن کي پنهنجي کيسي مان پئسا ڏئي انهن جي مدد ڪندو هو. هن جي چوڻ مطابق هڪ استاد جي اها ئي پوري زندگي جي ڪمائي آهي.

خوش مزاج ۽ سادي طبيعت رکندڙ نذير جو هڪ دوست جلال الدين ناريجو چوي ٿو ته نذير حسين تمام گهڻو ذهين، خوش مزاج، دور انديش ۽ ايماندار انسان آهي هو پاڻ کي تڪليف ۾ رکي ٻين سان همدردي ۽ مدد ڪري ٿو هن وڌيڪ چيو ته هو تمام گهڻو بهترين دوست آهي ۽ اهڙا دوست قسمت وارن کي ئي ملندا آهن.