ادب جي دنيا ۾ خوشبو وکيريندڙ:مشتاق چانڊيو

ڪليم الله ڪلهوڙو

  دنيا ۾ ڪجهه اهڙيون شخصيتون هونديون آهن جيڪي بظاهر ته ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه اينديون آهن پر جڏهن انهن جي اندر ۾ جهاتي پائجي ته اهي انيڪ صلاحيتن سان ڀرپور شخصيت نظر اينديون آهن.

اهڙيون شخصيتون پاڻ لڪائي نه لڪنديون آهن ۽ خوشبوءِ وانگر ڦهلجي وينديون آهن اهڙين شخصيتن مان هڪ مشتاق چانڊيو آهي، جنهن واڻين جي دؤر ۾ دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ گل محمد چانڊيو 1947ع ۾ جنم ورتو. سندس پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. 1968ع ۾ خيرپور ناٿن شاهه مان مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ ان کانپوءِ 1970ع ۾ ڊگري ڪاليج دادو مان انٽر پاس ڪيائين بعد ۾ ايم اي ايڪنامڪس جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 1974ع ۾ حاصل ڪيائين. 1971ع ۾ پرائمري استاد جي نوڪري ملي ۽ 1982ع ۾ جي.ايس.ٽي ۽ پوءِ ايس.ايڇ.ٽي استاد طور رهيو. 1992ع ۾ پنهنجو ڳوٺ ڇڏي ڄامشورو ۾ رهائش پذير ٿيو. جنهن کان پوءِ سندس زندگي جو سنهرو دؤر شروع ٿي ويو.

شعروشاعري ۽ ادب سان لڳاءُ ننڍپڻ کان ئي اٿس. هن کي شاعري ڪرڻ جو شوق سندس استاد احمد بخاري کان ٿيو جيڪو استاد بخاري جي نالي سان مشهور آهي. سنڌي ۽ سرائڪي ۾ شاعري ڪندڙ مشتاق چانڊيو جنهن هن وقت تائين 40 کان مٿي سنڌي ڪهاڻيون، 50 غزل، 30 ڪافيون، 60 قطا، 60 کان مٿي رباعيون، 50 کان به مٿي سنڌي گيت ۽ سَوَن جي تعداد ۾ بيت لکيا آهن.

ڪهاڻين ۾ مشهور ڪهاڻيون: وڏي خُدن جي وقت جو ڪانٽو، پيار جي دنيا ۽ ننڍڙا جاندار شامل آهن.

غزلن ۾: ”اوندهه ۾ ٿئي صويرو سولي ته ڳالهه ناهي“، ”سنگ دل سان ڇو شيشي جي دل اڙائي ويٺاسين“ ۽ ”توکي مان کوڙ خوشيون ڏيڻ آيو آهيان“ جيڪي تمام گهڻا مشهور ٿيا. مشهور ٿيندڙ گانن ۾: ”زماني ۾ ڏسو ڦيرا ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا“ جيڪو استاد معشوق کوکر ڳايو آهي ۽ ان کان علاوه ”توکان مرڪ ڇو کسجي وئي آ“

علم ۽ درسگاهن جو شهر آ ڄامشورو

روشنين ۽ هوائن جو شهر آ ڄامشورو

جيڪي ٽي وي ۽ ريڊيو تي تمام گهڻو مشهور ٿيا آهن. ان کان علاوه 10 گانن تي مشتمل هڪ ڪيسيٽ به رليز ٿي چڪي آهي. مشتاق چانڊيو جي اڻٿڪ محنت کان پوءِ ٿوري ئي عرصي ۾ ڪتاب ڇپرائڻ جي ڪوشش ۾ آهي. هي ڪتاب (پيار جي دنيا) جي نالي سان 200 صفحن تي مشتمل آهي.

مشتاق چانڊيو گذريل 18 سالن کان ڄامشورو ۾ رهائش پذير آهي سندس منفرد شخصيت هئڻ جي ڪري تمام گهڻو مقبول آهي. هن جي دوست يوسف خاصخيلي مطابق مشتاق احمد تمام گهڻو پيارو، نفيس ۽ مددگار ماڻهو آهي پر هن پنهنجي شخصيت کي لڪائي رکيو آهي ۽ پنهنجي ڪم کي ماڻهن آڏو گهٽ آندو اٿس جنهن سبب هن جي شخصيت کي اهو مرتبو نه ملي سگهيو آهي جيڪو هن کي ملڻ گهرجي.

مشتاق چانڊيو هن وقت 9 ٻارن جو پيءُ آهي جيڪي مختلف ديني ۽ تعليمي ادارن ۾ استاد طور ڪم ڪري رهيا آهن ۽ کين پاڻ اولاد سان گڏ بهتر نموني زندگي گذاري رهيا آهن.*