زراعت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرائيندڙ:ڪرم خان

منظور احمد

سنڌ سموري ڪيترين ئي شخصيتن سان ڀري پئي آهي جن دنيا جي هر ميدان ۾ پنهنجي مهارت  ڏيکاري نه فقط سنڌ پر پوري پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. چاهي اهو ميدان تعليم جو هجي يا وري موسيقي جو يا وري زراعت جو، انهن شخصيتن مان هي شخص ڪرم خان ڪليري، بولرلوگ ۽ راجه رام جهڙي زرعي سائنسدان جهڙي ليول رکندڙن مان هڪ آهي، پاڻ 3 فيبروري 1948ع ۾ ٽنڊو ڄام جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سائينداد ڪليري جي غريب ۽ هاري خاندان، سعيد خان جي گهر ۾ ڄائو پاڻ پنهنجي شروعاتي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ مان حاصل ڪئي بعد ۾ مئٽرڪ 1963ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو ڄام مان سٺن نمبرن سان پاس ڪئي انهيءَ سال سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ داخل ٿيو ايترو ته هوشيار هو. زرعي يونيورسٽي جي تاريخ ۾ هن جو رڪارڊ ڪير به ٽوڙي نه سگهيو آهي. ايتري قدر جو سندس ڪلاس فيلو فارغ وقت راند روند ۽ تفريح ۾ گذاريندا هئا ۽ پاڻ اهو وقت ڪتابن پڙهڻ ۽ ريسرچ ورڪ ۾ گذاريو. 1968ع ۾ بي ايس سي (آنرس) پلانٽ بريڊنگ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ 1969ع ۾ ڪميشن ڏيئي اسسٽنٽ ريسرچ آفيسر طور پنهنجي نوڪريءَ جي شروعات ڪئي نوڪريءَ جي دوران ئي 1970ع ۾ ايم ايس سي (آنرس) پلانٽ بريڊنگ اينڊ جينيٽڪس پڻ پاس ڪئي سندس ٿيسز ورڪ ۾ سويا بين تي ڪم ڪيائين جنهن ۾ 138 جنسون ٻاهرين ملڪ مان گهرايون ويون، جنهن تي ڪامياب تجربا ڪري پنهنجي ڪيريئر جو باقاعده آغاز ڪيو زراعت کان علاوه پاڻ ٻيون ڪيتريون ئي ڊگريون پاس ڪيون جنهن ۾ بي يو ايم ايس اسلام آباد مان طب جي 2 سالا ڊگري حاصل ڪئي. ان کان علاوه پي سي ايس ۽ ڊي ايف او جي پڻ ڪميشن پاس ڪئي ۽ ملڪ جي مختلف زرعي يونيورسٽين جي پلانٽ بريڊنگ سان تعلق رکندڙ شاگردن کي ريسرچ ڪرائي ان کان سواءِ ڪڻڪ تي پڻ هڪ جامع ڪتاب لکيو جنهن جو نالو ”ڪڻ ۽ سنڌ“ آهي.

پاڻ 2000ع ۾ ڊائريڪٽر جنرل ريسرچ جي عهدي تي ٽنڊو ڄام ۾ رهيا ٻه کان چار سال انهيءَ عهدي تي ڪم ڪيو. پاڻ 2008ع ۾ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجي ڪم کي جاري رکيو.

نوڪري جي دوران ئي پاڻ 1000 جي تعداد ۾ زرعي آرٽيڪل مختلف اخبارن ۾ لکي دلچسپي رکندڙن کي ڄاڻ مهيا ڪئي.

ان کان علاوه مهراڻ ٽي وي تي پڻ پروگرام ڪيا جنهن ۾ نه فقط سنڌ بلڪه پوري پاڪستان جي زراعت جي حوالي سان ڄاڻ مهيا ڪئي پاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان هر هفتي ريڊيو ٽاڪ، زرعي ماهر جي حيثيت سان پروگرام ڪيا جنهن ۾ فصلن جي پيداوار کي وڌائڻ لاءِ ڪهڙآ اُپاءَ ورتا وڃن ۽ جنس جي معيار ۽ في ايڪڙ پيداوار ڪيئن وڌائي سگهجي ٿي.

هن وٽ بنيادي مٽيريل ٻين سائنسدانن کان وڌيڪ آهي جنهن ۾ فصلن کي بيمارين کان پاڪ ڪيئن ڪجي ۽ جنس جو قد وڌيڪ هئڻ ڪري جنس ڪري پوي ٿي ۽ في ايڪڙ پيداوار ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي، هن وٽ اهڙي ٽيڪنالاجي آهي جنهن سان صحتمند فصل تيار ڪري سگهجي ٿو، ان کان علاوه هن گاهه جون ڪيتريون ئي جنسون ٻاهرين ملڪن مان گهرائي پنهنجي ملڪ ۾ تجربا ڪري گاهه جي جنس کي وڌايو جنهن سان مالوند ماڻهن کي تمام گهڻي هٿي ملي آهي. پاڻ 1999ع ۾ اردن کان ڪيلي جي جنس گهرائي جيڪا ذائقي ۾ تمام گهڻي کٽي هئي هن هڪ بهترين بريڊر جي حيثيت سان انهيءَ جنس تي تجربو ڪري انب کان به وڌيڪ مٺي جنس ڪري نه فقط پاڪستان بلڪه دنيا ۾ نالو ڪمايو.

هن جون ايجاد ڪيل ڪڻڪ جون جنسون 50 لک ايڪڙ جي ايراضي تي پوکيون وڃن ٿيون جنهن سان ملڪ ۾ ڪڻڪ جي بحران کي گهٽائڻ ۾ تمام گهڻي هٿي ملي ٿي، جنهن ذريعي پاڪستان امپورٽ ڪرڻ بدران ڪڻڪ ٻين ملڪن کي ايڪسپورٽ ڪندو آهي. هن ڪڻڪ ۽ ڪپهه جي جنسن جي لحاظ کان پوري دنيا ۾ نالو ڪمايو آهي. هن ڪڻڪ جون 40 جنسون ۽ ڪپهه جون 52 جنسون ايجاد ڪري پاڪستان ۾ ڪڻڪ ۽ ڪپهه جي پيداواري صلاحيت کي وڌايو جنهن ۾ ڪجهه ڪڻڪ جون مشهور جنسون جيئن ٽي ڊي-1، ٽي جي-83 مهراڻ وغيره آبادگار ۽ وونئڻن ۾ ڪروڙ پتي، ناياب، جئي شاهه شاهڪار نمايان رهيون جيڪي 70 مڻ في ايڪڙ لهن ٿيون، ڪمند ۾ پڻ ڪيتريون ئي جنسون ايجاد ڪيون ۽ ڀاڄين ۾ پڻ ڪيترائي ڪامياب تجربا ڪري ڀاڄين جي پيداوار کي گهڻي ڀاڱي وڌايو.

ان کان علاوه دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سرڪاري دورا ڪري هتان جي ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪري مختلف ملڪن جي سائنسدان کي پيداوار وڌائڻ لاءِ بنيادي ٻج ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جنهن ۾ ”سيمٽ“ هڪ ڪڻڪ جو ادارو آهي جيڪو ميڪسيڪو ۾ واقع آهي جيڪو پوري دنيا ۾ ڪڻڪ جا جين پل گڏ ڪري ٿو انهيءَ اداري جي سربراهه هن جي ٻج جي اهميت ٻين ملڪن کان وڌيڪ ڏيکاري هن جون ايجاد ڪيل جنسون پيداواري صلاحيت سان گڏ مرض کان پاڪ ۽ فصل جي سونهن کي برقرار رکن ٿيون هينئر پاڻ 40 ايڪڙ زمين تي وونئڻن جون نيون جنسون تيار ڪرڻ ۾ مصروف آهن جنهن ۾ هو صبح کان وٺي شام تائين فصل جي نگراني ڪندو آهي، جيئن هڪ ماءُ پنهنجي نئين ڄاول ٻار کي هڪ پل به پاڻ کان پري نه رکندي آهي اهڙي ريت هي شخص ڪرم خان ڪليري 62 سال جي عمر ۾ پنهنجي ڪم ۾ سچائي ڏيکاري ٿو پاڻ ايتري ته سادگي مالڪ آهي جو نوڪري کان وٺي هن محل تائين ڪا به سرڪاري توڙي غير سرڪاري سواري استعمال نه ڪئي آهي. هڪ عظيم زرعي سائنسدان جنهن نه فقط سنڌ بلڪه پوري پاڪستان جي اقتصاديات کي عروج تي پهچايو، هڪ عام ماڻهو جيان زندگي گذاري رهيو آهي. گورنمينٽ کي کپي ته هن کي حلال امتياز جو حقدار قرار ڏنو وڃي ته جيئن هو پنهنجي ڪارنامن ۽ ڪاوشن جي همٿ افزائي ڪري سگهي.*