مضبوط ارادا ۽ تعليمي چاه رکندڙ:نور احمد شيخ

عبدالغفار ابڙو

صدين کان وٺي دنيا ۾ ڪيترين ئي عظيم شخصيتن، دانشورن، شاعرن، اديبن ۽ تعليمدانن جنم ورتو ۽ پنهنجي مهارتن سان پاڻ کي مڃرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي، انهن مان نور احمد شيخ به هڪ آهي، جيڪو سنڌ يونيورسٽي جي شعبي ڪمپيوٽر سائنس ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

نور احمد شيخ پنهنجي شروعاتي تعليم ڳوٺ ولي شاهه ملڪ مان حاصل ڪيائين، پوءِ 1972ع ۾ انٽر جو امتحان حيدرآباد جي اسڪول مان سٺي نمبرن ۾ پاس ڪئي، پروفيسر نور احمد شيخ پنهنجي زندگي جي باري ۾ چيو ته ”منهنجا ايترا ته ارادا بلند هئا جو غريب هوندي به پنهنجي منزل ڏانهن وڌيس“، جڏهن سنڌ يونيورسٽي مان 1976ع ۾ بي سي ايس شعبي مان بيچلر ڊگري حاصل ڪيائين ۽ 1977ع ۾ ساڳي شعبي مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن جو تعليمي چاهه برقرار رهيو، ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد روانو ٿيو.

1986ع ۾ قائداعظم يونيورسٽي مان ايم فل جي ڊگري حاصل ڪيائين، پوءِ 1996ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪري پنهنجي تعليمي سفر کي اختتام تائين پهچايو. پروفيسر نور احمد شيخ 1997ع کان 2000ع تائين ايسوسيئيٽ پروفيسر رهيو، پاڻ ايتري جدوجهد کان پوءِ به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ علم جو ڏيئو هميشه لاءِ روشن رکيو هن ڪيترائي ڪتاب به لکيا، جن ۾ هينڊ آف فنڪشنل ميٿاميٽڪس سان گڏ ڪي ئي ريسرچ تجربا به ڪيا، جيڪي شاگردن لاءِ مفيد رهيا، اهڙي قسم جون تجرباتي سرگرميون جاري رکڻ سان گڏ پاڻ ڪيترن ئي ايسوسيئيشن جا ميمبر پڻ رهيا آهن، جن ۾ لائف ٽائيم ميمبر آف پاڪستان ميٿاميٽيڪل ايسوسيئيشن ۾ 1986ع کان 1988ع تائين ميمبر رهيا، 1989ع کان 1991ع تائين سنڌ يونيورسٽي جا اڪيڊمڪ ميمبر پڻ ٿي رهيا آهن، ان کانپوءِ پاڻ ميٿاميٽڪ اسٽڊي جا ميمبر رهي چڪا آهن ۽ ايڊوانس بورڊ آف اسٽڊي جا ميمبر رهيا آهن.

4 فيبروري 1987ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ رٿيل آل پاڪستان ميٿاميٽيڪل ڪانفرنس 1994ع لاهور ۾ ۽ چوٿين اسلامڪ ڪانفرنس آف مشن رپيئر تي هڪ عمده تقرير پڻ ڪئي، جنهن ۾ گهڻي پذيرائي ملي.

ان کانپوءِ اهڙي قسم جي ڪانفرنس 2000ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ به رکي وئي، جنهن ۾ پروفيسر نور احمد شيخ پنهنجي ٻڌندڙن کي اعليٰ سوچ کان متعارف ڪرايو، انهن ڪانفرنس کان علاوه پاڪستان توڙي پاڪستان کان ٻاهر ڪيترن ئي سالن تائين رهيا آهن، پاڻ ايران ۾ 3 سالن رهڻ کانپوءِ زرعي انجنيئرنگ يونيورسٽي آف آفران (ايران) ريجنل ڪوپيئرن ڊولپمينٽ جي مدد سان خدمتون انجام ڏنيون، پروفيسر نور احمد شيخ ميٿاميٽڪس شعبي کان علاوه ٻين شعبن ۾ به سرڪاري طور يا غير سرڪاري طور پروجيڪٽس ۾ دلچسپي سان حصو وٺندا رهيا آهن.*