حڪمت جو ماهر حڪيم:صدرالدين ٽنيو

اصغر ٽنيو

هن دنيا ۾ اعليٰ انسان موجود آهن جيڪي پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا آهن ۽ انسان ذات جي خدمت سرانجام ڏيندا آهن، اهي ماڻهو ڪڏهن به ڪنهن کان نه وسرندا آهن، مطلب ته محنتي ماڻهو هميشه لاءِ پنهنجو نالو روشن ڪرڻ لاءِ نه پر پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مصروف هوندا آهن، اهڙين شخصيتن جو اصل مقصد انسان ذات جي خدمت ڪرڻ آهي، جيئن ڏيئو پاڻ کي ساڙي ٻين جي ڀلائيءَ لاءِ روشني مهيا ڪندو آهي، اهڙي طرح اهڙا ڪيترائي ماڻهو آهن جن پنهنجي زندگي ٻين جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، انهن منجهان ڊاڪٽر حڪيم صدر الدين تنيو به هڪ آهي.

هن ضلعي خيرپور جي مشهور تعلقي ڪنگريءَ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ محمد صفر تنيي ۾ 1971ع ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پاڙي جي اسڪول پير فتح علي شاهه ۾ حاصل ڪري احمد پور هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين، جتان هن ميٽرڪ جو امتحان سال 1986ع ۾ اي گريڊ ۾ پاس ڪيو. ان کانپوءِ پير ڳوٺ جي ڊگري ڪاليج ۾داخلا ورتائين، اتان هن پري ميڊيڪل ۾ انٽر پاس ڪئي، جنهن ۾ اي گريڊ مان ڪجهه مارڪون گهٽ هجڻ ڪري ڊاڪٽري ۾ داخلا نه ٿي سگهي، پوءِ به هن هار نه مڃي، پنهنجي محنت جاري رکندي غريب حال کي ڏسي بي ايس سيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ هوميوپيٿڪ ڪاليج موري مان ”بيچلر آف يوناني ميڊيڪل سرجريءَ“ (حڪمت) جي ڊگري 1994ع ۾ حاصل ڪئي، ان سان گڏوگڏ هو پنهنجي پڙهائيءَ کان علاوه رات جي وقت پير ڳوٺ جي هڪ سرڪاري ڊاڪٽر وٽ ڊاڪٽري سکندو هو، جتان هن تمام گهڻي ڄاڻ حاصل ڪئي. ٻن سالن کان پوءِ جڏهن هن حڪمت يعني طب جي ڊگري حاصل ڪئي. تڏهن هن پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ ۾ هڪ اسٽور به کوليو ۽ ماڻهن جو علاج به ڪندو هو، جيڪا سهولت ماڻهن لاءِ تمام گهڻي فائديمند ثابت ٿي، جيڪا اڄ تمام گهڻي ترقي ڪري هڪ خانگي اسپتال جي حيثيت ۾ روشن ٿيڻ لڳي آهي.

هي شخص ان ڳوٺ جو پهريون فرد آهي جنهن محنت ڪري پنهنجي ڳوٺ وارن کي ميڊيڪل جهڙي انمول سهولت مهيا ڪئي آهي، اتي هن پنهنجي خرچ تي ڪيتريون ئي طب جون مفت ڪئمپون لڳايون، جنهن مان غريب ماڻهن کي تمام گهڻو لاڀ حاصل ٿيو، جن مان اکين جي ڪئمپ، دل، بلڊ پريشر، شگر، ۽ ڪاري ڪامڻ وغيره جي علاج لاءِ ڪئمپ قائم ڪئي، جتي علاج جا مشهور ڊاڪٽر گهرائي / ڏسو صفحو...4 ماڻهن جو مفت علاج ڪيو ويندو آهي، جڏهن مون حڪيم صاحب کان پڇيو اوهان جيڪو ڪجهه ڪم ڪيو ٿا ان مان ڳوٺ وارن جو ڪيترو تعاون آهي، هن ٻڌايو ته آئون ڳوٺ وارن جي ڀلائيءَ لاءِ ۽ الله تعاليٰ جي راضپي لاءِ ڪم ڪيان ٿو، اهي مون سان هر وقت ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪندا آهن.

اڄوڪي قيمتيءَ دور ۾ به هيءَ ان خانگي اسپتال کي 4 ڪلاڪ وقت ڏيندو آهي ۽ ان کان پوءِ پنهنجي اسپتال کوليندو آهي، مطلب ته هن شخص جو ڪم تمام حيرت انگيز ۽ همٿائيندڙ آهي.

حڪيم صاحب جو چوڻ آهي ته محنت ڪڏهن به ناڪام نه ٿيندي آهي، ”همٿ مردان مدد خدا“ هن جو چوڻ آهي ته اڄوڪي دور ۾ محنت ۽ کوجنا تمام گهڻي ضروري آهي، ان لاءِ اسان سڀني کي محنت ڪري پنهنجي قوم، ملڪ ۽ پاڙيسرين جي خدمت ڪريون.*