تعليمي دنيا ۾ نمايا ڪارڪردگي ڏيڪاريندڙ:پروفيسر عبدالخلجي

عطا الله

       معاشري ۾ استاد جي وڏي اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته استاد ٻار کي اونداهي جي غار مان ڪڍي علم جي روشن راهه ڏيکاري ٿو. استاد همدرد، ايماندار ۽ هڏڏوکي هجڻ سان گڏ هڪ اعليٰ اخلاق ۽ وڏي مرتبي جو نالو آهي.

استاد هميشه اهو چاهيندو آهي ته سندس شاگرد ڪاميابي ماڻن ۽ انهن جون زندگيون سنوارجي وڃن. اهڙين حسين سوچن جو مالڪ ”پروفيسر عبدالحي مورياڻي به آهي. هن پهرين اپريل 1950ع ۾ شڪارپور شهر جي مردم خيز مٽي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ئي خانداني مدرسي مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ جو امتحان 1966ع ۾ پاس ڪيائين، اعليٰ ثانوي تعليم سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مان 1968ع ۾ حاصل ڪيائين اهڙي طرح انٽر جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيو، انهيءَ اعزاز سبب ٻن سالن لاءِ اسڪالرشپ منظور ڪئي وئي ۽ 1970ع ۾ بي اي جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڊگري ڪاليج سکر مان ايم اي (سياسيات) ۾ ڪيائين.

ان کان سواءِ ايم اي اسلامڪ ڪلچر 1975ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاسz ڪئي. پاڪستان اسٽڊي جو ڪورس علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان 1985ع ۾ پاس ڪيو. پنهنجي سروس ڪيريئر جو آغاز ليڪچرار کان شروع ڪيو. هو 9 اپريل 1973ع تي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. جتي 21 نومبر 1973ع تائين پنهنجا فرض نڀائيندو رهيو، 7 سال پنهنجي ئي شهر جي ڊگري ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر رهيو ۽ بعد ۾ گورنمينٽ اسلاميه ڪاليج بدين ۾ رکيو ويو، بدين ۾ 2 سال خدمتون سرانجام ڏيڻ کان پوءِ 1992ع ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور ۾ اچڻ کان پوءِ ترقي ملڻ کان پوءِ ايسوسئيٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو.

2007ع ۾ پرنسپال جي عهدي تي فائز ٿيو. هن زندگي جو ڪافي حصو ٻارن کي پڙهائڻ ۾ گذاريو جنهن مان 35 سال سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شڪارپور ۾ گذاريا. پروفيسر عبدالحي پڙهائڻ کان علاوه لکڻ جو عمل به جاري رکيو پاڻ علم سياسيات بي اي لاءِ ڪتاب لکيو جيڪو يادگار پبلشر حيدرآباد شايع ڪرايو. ايم اي پوليٽيڪل سائنس جي شاگردن لاءِ زباني امتحان جو ڪتاب لکيو جنهن کي الفاروق پبليڪيشن شايع ڪيو. ايم اي اسلامڪ ڪلچر جي شاگردن لاءِ زباني امتحان جو ڪتاب سوالن جوابن جي صورت ۾ لکيو. پاڻ اسلام جي اقتصادي نظام شهيد محمد خطب مصر واري جو لکيل ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪيو جنهن کي محمد بن قاسم سوسائٽي حيدرآباد 1981ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.

پروفيسر عبدالحي مورياڻي شڪارپور جي اهم شخصيتن کي به پنهنجي قلم سان روشناس ڪيو جيڪو سي اينڊ ايس ڪاليج جي نخلستان ۾ شايع ٿيو آهي. ان کان علاوه سندن تعليمي توڙي انتظامي خدمتون وسيع آهن. پروفيسر عبدالحي مورياڻي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي پوليٽيڪل سائنس شعبي جي بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر به آهي.

پاڻ 1997ع ۾ لاڙڪاڻو بورڊ جي ڊسيپلين ائڪشن سب ڪميٽي جو 2 سال لاءِ ميمبر ۽ 3 سال لاءِ ڪنوينر رهيو آهي. ان کان علاوه لاڙڪاڻو بورڊ جي ايفيليئيشن ڪميٽي جو ميمبر پڻ رهي چڪا آهن. ان سان گڏوگڏ 2008ع ۾ سڪرونٽي ڪميٽي جو ميمبر ۽ سکر بورڊ ۾ سيڪريٽريٽ ڪميٽي جو ميمبر به رهيو.*