بيئن لا۽ جيئن هي اصل زندگي آهي:محمد بچل ابڙو

سڪندرعلي شاه

هن دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي هميشه ٻين لاءِ جيئن ٿا ۽ اهي پنهنجي سڄي زندگي ٻين جي خدمت ۾ گذارين ٿا. جنهن دوران هنن کي ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، پر پوءِ به، هو انهن تڪليفن کي برداشت ڪري ٻين لاءِ ڀلائي جا ڪم ڪن ٿا ۽ اهي تاريخ ۾ هميشه جي لاءِ اَمر بڻجي ٻين لاءِ بهتر زندگي گذارڻ جو هڪ مثال بڻجن ٿا. اهڙن ماڻهن مان شڪارپور ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ شاهه قلي پور ۾ 1968ع ۾ جنم وٺندڙ استاد محمد بچل ابڙو به هڪ آهي.

استاد صاحب اڄ تائين پنهنجي سڄي جواني ڀلائي جي ڪمن ۾ گذاري آهي. پاڻ مئٽرڪ تائين تعليم ڀر واري ڳوٺ جهلي ڪلواڙي جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان 1984ع ۾ اي گريڊ ۾ پاس ڪئي، انٽر ۽ گريجوئيشن سي اينڊ ايس چيتل داس ۽ سيتل داس ڊگري ڪاليج شڪارپور مان حاصل ڪئي. پاڻ ايم اي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪئي.

پاڻ 1993ع ۾ اسسٽنٽ ورڪشاپ انسٽرڪٽر طور مقرر ٿيا، 1995ع ۾ سماجي مسئلن، تعليم، صحت، غريب ۽ بي سهارا ماڻهن جو سهارو بڻجڻ لاءِ هڪ تنظيم جو بنياد وڌو جنهن جو نالو مهراڻ وليجز ڊولپمينٽ اينڊ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن رکيائون. انهيءَ تنظيم کي 1996ع ۾ رجسٽرڊ ڪرايو ويو ۽ انهيءَ تنظيم جي مدد سان مسلسل جدوجهد جاري رکندي ڪيترن ئي تعليمي توڙي سماجي مسئلن کي حل ڪيو آهي. پاڻ ٻهراڙين جي علائقن ۾ ڪيترائي سٺا ڪم ڪيا آهن، جن ۾ سڀ کان پهريان بند پيل اسڪول کولرائڻ سان گڏوگڏ ڳوٺن ۾ پڪا روڊ رستا ۽ نالا جتي نه هئا ٺهرائڻ ۽ بجلي جي مسئلي کي پڻ حل ڪرايو. انهيءَ سان گڏوگڏ ضلعي شڪارپور جي قبائلي جهيڙن ۾ ٺاهه ڪرائڻ ۾ به مک ڪردار ادا ڪيو آهي، تازو شڪارپور ۾ جولاءِ جي مهيني ۾ مگسي قمبراڻي برادرين ۾ ٿيل رت جي راند کي بند ڪرائڻ شڪارپور جي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍرايون ۽ سنڌي ادبي سنگت سان گڏجي انهن علائقن ۾ امن جي ميڙ منٿ وارو قافلو پڻ وٺي ويا، جتي هاڪاري موٽ ملي.

10 فيبروري 2010ع تي علائقي جي شاگردن کي پڙهائي جي سهولت نه هجڻ جي ڪري هڪ لائبريري جو بنياد وڌو جنهن جو نالو ”مهراڻ پبلڪ لائبريري“ رکيائون. جيڪا صبح جو 9 بجي کان رات 8 بجي تائين کليل رهندي آهي، جنهن ۾ اٽڪل 100 شاگردن جي ويهڻ جي جڳهه آهي. لائبريري ۾ 500 کان 600 جي لڳ ڀڳ ڪتاب موجود آهن، جتي علائقي جا شاگرد اچي مطالعو ڪن ٿا.

سندس چوڻ آهي ته: ڪتاب ۽ استاد راهه ڏيندڙ رستو آهن جيڪي اوهان کي ڄاڻ ڏين ٿا، لائبريريون مقدس عبادت گاهه مثل آهن. جتي اوهين سکڻ لاءِ داخل ٿيو ٿا، ان ڪري ٻنهي جو احترام اوهان تي لازم ۽ فرض آهي.

محمد بچل ابڙي کان زندگي جي مقصد جي باري ۾ پڇيو ويو ته وراڻيائين ته: ”دنيا ۾ ڪا به شيءِ پنهنجي لاءِ ناهي هوندي. درياهه خود پنهنجو پاڻي ناهي پيئندو، وڻ پنهنجو ميوو ناهن کائنيدا، گل پنهنجي لاءِ خوشبو ناهن پکيڙيندا، ڇو ته ٻين جي لاءِ جيئڻ ئي اصل زندگي آهي“.*