عاشق نظاماڻي جي زندگي تي هڪ نظر

واجد علي

اها ته ڪنهن کي به خبر نه هئي ته ڪچي ۽ درياهه جي ڪپن تي نئون آباد ڳوٺ ۾ پيرن اگهاڙي ٻڪرين کي چاريندڙ عاشو اڳتي هلي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي موسيقي جي دنيا ۾ هڪ الڳ آواز ۽ رنگ ڍنگ کڻي عاشق نظاماڻي جي نالي سان هڪ نئين ڪلاسيڪل راڳي جي حيثيت ۾ اڀرندو، جنهن پنهنجي ذهن سان فوڪ ڌنن کي نئون موڙ ڏنو. عاشق نظاماڻي جو پورو نالو عاشق علي نظاماڻي ولد خير محمد نظاماڻي آهي. عاشق ضلع لاڙڪاڻي، تعلقي ڏوڪري ۾ 3 مارچ 1965ع ۾ پيدا ٿيو. سندس ننڍپڻ به روايتن کان هٽي ڪري ڏاڍو ڏتڙيل، رليل ۽ اجڙيل گذاريو، اک کلڻ سان سندس والد خدا کي پيارو ٿي ويو. عاشق ڪڏهن ماءُ وٽ ته ڪڏهن ڀائرن وٽ رهندو هو، جيڪي پاڻ مشڪلاتن جو شڪار هئا.

عاشق جو انهيءَ سفر ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو، پر انهيءَ تلخ سفر ۾ ٿڙندو ٿاٻڙجندو رهيو جنهن جي ڪري تعليم جي ميدان ۾ گيپ ٿيندو ويو. عاشق شروعاتي چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهيا پر ڪتابن جي کوٽ، کاڌو، لٽو، ايستائين جو پيرن ۾ چپل به نه هئس سو سندس امڙ پنهنجي مرشدن سيوهڻ جي پيرن حقائي جي ڪافي سائين گل محمد شاهه وارن وٽ ڪڍيو، جتي هو حويلي جو ڪم ڪار ڪندو هو ۽ رات جو فقيرن سان گڏ سمهي پوندو هو.

1976ع ۾ عاشق پنج درجا پاس ڪري علامه دائود پوٽه هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. هو ٻڌائي ٿو انهيءَ حالت ۾ ڪجهه سال گذريا ۽ 1978ع ۾ اٺين ڪلاس ۾ اتان ڇڏي ڳوٺ آيس ۽ ڳوٺ کان ميل ڏيڍ پري مڏباهو اسڪول مان پاس ڪيو. گرمي جي شدت جي ڪري پيرن ۾ چپل نه هئڻ ڪري انين جي وڻن جا پن ٻڌي هلندو هئس. عاشق نظاماڻي ميٽرڪ لاڙڪاڻي مدرسه اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ اتي ڳوٺ جي وڏيري ۽ وڪيل عبيدالله انڙ جي گهر رهندو هو ۽ گهر جو ڪم ڪار ڪندو هو ۽ وڪيل صاحب عاشق کي 30 روپيه مهينو ۽ ٽي ويلا ماني کارائيندو هو ۽ اوطاق تي سمهندو هو.

پر ڪڏهن ڪڏهن اوطاق تي مهمان ايندا هئا ته عاشق وڃي ويجهو واري اسٽيشن تي سمهي رهندو هو. عاشق مئٽرڪ 1982ع ۽ انٽر 1984ع ۾ ڊگري ڪاليج مان پاس ڪيائين ۽ مزدوري ڪندو رهيو. 1986ع ۾ بي اي پاس ڪيائين ۽ 1988ع ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. 1990ع ۾ ماستر ٿيو، 1993ع ۾ شادي ڪيائين ۽ پاڻ هن وقت پنهنجي ٻارن سان گڏ زندگي گذاري رهيو آهي. عاشق اڄ به انهيءَ سموري سفر کي پنهنجو سرمايو سمجهي ٿو. اهي نقش ۽ عڪس اڄ به هن جي ذهن تي چِٽا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن جي دل ۾ ڪنهن غريب لاءِ وڌ کان وڌ عزت ۽ احترام آهي.

چوندا آهن ته تنگي ۾ ماڻهو گهڻو ڪجهه سکندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو عاشق گلوڪار ٿي ويو. ڇو جو عاشق مفلسي واري زندگي ۾ ماءُ سان گڏ جيڪا قلندر جي فقيرياڻي هئي ۽ پاڙي جي شادين ۾ ڳائڻ ويندي هئي. هو به ساڻس گڏ ويندو هو تنهنڪري انهيءَ مفلسي جو اثر هن تي به پيو.

عاشق ستين ڪلاس کان ڳائڻ شروع ڪيو. 1977ع تي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تي قومي گيتن جي صرف ڍولڪ ۽ باجي تي ڪيسٽ رڪارڊ ڪري اسٽالن تي رکي جيڪا تمام گهڻي مشهورٿي. اهڙي طرح عاشق مڪمل ڳائڻ جي سکيا لاڙڪاڻي جي نظر محلي ۾ استاد انور علي خان کان ورتي ۽ 1980ع ۾ پهرين ڪيسٽ رڪارڊ ڪرائي جيڪا مارڪيٽ ۾ عام هئي ڇو جو اها نيم ڪلاسيڪل ڌنن تي مشتمل هئي. انهيءَ عرصي دوران عاشق پنهنجي گانن جون ڌنون ڪڏهن به انڊين گانن جون نه ٺاهيون.

عاشق راڳ جي سرن ۾ استاد شفيع وانگر پيروي کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو. ان کان علاوه تلنگ، ڪلياڻ، درباري، ڪوهياري، پهاڙي، راڻو وغيره به ڳائيندو آهي.

عاشق پنهنجي پاڻ کي هڪ محبتي ماڻهو سمجهي ٿو ڇو جو هو هڪ فنڪار آهي ۽ هڪ گلوڪار جو ڪم ته اهو آهي ته هو محبت ورهائي. هو هميشه ماڻهن کي محبت ڪرڻ جو درس، هدايت ۽ تلقين ڪندو رهندو آهي، ڇو جو ان ۾ ئي فهم ۽ امن سمايل آهي.