استاد ۽اديب:ڊاڪٽرنور افروز

شاهنواز پٽاڻ

سنڌ صدين کان انمول هيرا پيدا ڪندي رهي آهي، چاهي اهي ڪردار مرد جي روپ ۾ هجن يا عورت جي روپ ۾. مائي مڪلي کان مائي بختاور تائين، مائي بلڙي کان شهيد بينظير ڀٽو تائين اهڙا ڪيترائي ڪردار آهن، جيڪي اتساهه جو سبب بنجدا رهيا آهن ۽ اهڙا ڪردار اڄ به سنڌ ڌرتي جي اندر موجود آهن. اهڙو ئي هڪ ڪردار سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر نور افروز خواجه پڻ آهي. جنهن 5 جولاءِ 1953ع ۾ احمد علي خان جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي ادب سان سلهاڙيل رهي ، پاڻ پرائمري تعليم حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج مان حاصل ڪئي.

پنجين درجي ۾ ئي پنهنجي ذهانت سبب سڄي سنڌ جي اسڪالرشپ امتحان ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي. اتان ئي مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ ڪرڻ کان پوءِ پاڻ زبيده ڪاليج مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو. ان دور ۾ سنڌ جي اندر عورتن ۾ ادب جي طرف لاڙو تمام گهٽ هوندو هو. پر ڊاڪٽر نور افروز خواجه ادب سان چاهه سبب سنڌي شعبي ۾ داخلا ورتي ۽ اتان ئي 1976ع ۾ پوري فئڪلٽي مان فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي. هن کان پوءِ پاڻ سنڌي شعبي ۾ بطور ليڪچرار ڀرتي ٿي. پنهنجي سچائپ سان استاد جي پيغمبري پيشي کي سرانجام ڏيندي رهي. ان عرصي دوران پاڻ ڪيترن ئي مختلف موضوعن تي تحقيقي مڪالا پڻ لکيا.

پاڻ ايم فل ڪرڻ کان پوءِ 1997ع ۾ علامه قاسمي جي گائيڊنس (ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر) جي موضوع تي پي ايڇ ڊي پڻ ڪئي آهي. پاڻ سنڌي شعبي جي چيئرپرسن سان گڏ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي ميمبر پڻ آهي. ان سان گڏ پاڻ هن وقت تائين بهترين 5 ڪتاب لکيا آهن. جيڪي شايع ٿي چڪا آهن.

1. ورهاڱي کان اڳ سنڌي ناول جي اوسر، 2. پائي پٽ ڪڻان، 3. پرڏيهي آکاڻيون، 4. اگهيا سٽ سندا، 5. مشڪ کٿوري مڻ. هي ڪتاب سنڌي ادب جي بهترين واڌاري جي اهڃاڻ پڻ آهن.*