هڪ فرض شناس شخصيت:سليم اختر ڪورائي

راشد سولنگي

استاد ايندڙ نسلن جا سنواريندڙ ۽ تربيت ڏيندڙ آهن. اهي استاد ئي آهن جيڪي مستقبل جا ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان ۽ سياستدان توڙي سماجي سائنسدان، صحافي، زرعي ماهر ۽ طبعي ماهر پيدا ڪندا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جي سماج ۾ استاد کي اها اهميت، عزت ۽ مان نٿو ڏنو وڃي، پر سڌريل سماجن ۾ استادن کي جيڪو مان ملي ٿو / ملڻ گهرجي اهو اسان جهڙيون ٽين دنيا جون ڏتڙيل قومون سوچي به نٿيون سگهن. استاد کي جيڪو مان ملڻ گهرجي ان جا مثال اسان کي يورپ، اوڀر ايشيا، چين، آمريڪا ۽ لاطيني آمريڪا مان ملن ٿا. جنهن مان ڪجهه پرائي اسان نه رڳو پنهنجو سماج سڌاري سگهون ٿا، پر ان کي اڳتي وڌائي کيس هڪ سڌريل سماج جو درجو به ڏياري سگهون ٿا. اهڙن ئي استادن مان مانوارو سليم اختر ڪورائي به هڪ آهي.

پاڻ 28 فيبروري 1952ع ۾ خيرپور ميرس شهر ۾ جنم ورتو، سندن تعلق هڪ سٺي خاندان سان آهي. ننڍي هوندي کان ئي ذهين ۽ هوشيار رهيو آهي. پاڻ ابتدائي تعليم خيرپور ميرس جي هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي شهر ۾ اچي رهيو جتي هن هائير سيڪندري ۽ گريجوئيشن جو امتحان پاس ڪيو. ان کان پوءِ 1975ع ۾ ايم ايس سي مئٿميٽڪس فرسٽ ڪلاس مان ڪيائون، ساڳئي سال ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مئٿميٽڪس جو ليڪچرر مقرر ٿيو. تنهن کان بعد سال 2008ع ۾ پاڻ ساڳئي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جو پرنسپال مقرر ٿيو. سندس پرنسپال جي عهدي تي فائز ٿيڻ کان پوءِ ڊگري ڪاليج ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آيون.

استادن، شاگردن ۽ ڪاليج انتظاميه کي ريگيولر بڻايو ۽ انهن جي حاضري تي سختي سان عمل ڪرايو ويو. شاگردن تي يونيفارم لازمي ڪيو، هن جي سٺي ڪارڪردگي جي ڪري ڪاليج جو تعليمي معيار تمام سٺو ٿيندو ويو. جتي اڳ ۾ شاگردن جو تعداد گهٽ هو. اتي هينئر تقريباً 2000 شاگرد ريگيولر آهن ۽ ڪاليج جو پورو ٽائيم ورتو وڃي ٿو. ڪنهن به شاگرد جي حاضري گهٽ هئڻ جي صورت ۾ ان جو امتحاني فارم نه ٿو ڀريو وڃي. اڳ جيڪي ماڻهو ڊگري ڪاليج ۾ پنهنجن ٻارن کي داخل ڪرائڻ کان لنوائيندا هئا، انهن پنهنجن ٻارن کي خوشيءَ سان ڊگري ڪاليج ۾ داخل ڪرائڻ شروع ڪيو. سليم اختر ڪورائي پنهنجي محنت ۽ جدوجهد سان ڪاليج ۾ تنظيمي ماڻهن جي تعليمي نظام خراب ڪرڻ سان انهن جو ڪم تمام ڪري ڇڏيو. ڪاليج کي جهيڙن ۽ بائيڪاٽ کان صاف سٿرو ڪري ڇڏيو، ڪاليج جو ترقياتي ڪم تمام تيزيءَ سان هلي رهيو آهي ۽ وڌيڪ ڪلاس ٺاهيا ويا آهن ۽ ان سان گڏ سائنس ليبارٽري ۾ تجربو ڪندڙ سامان ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.

سليم اختر ڪورائي پنهنجي فرض ۽ ڪمن ۾ سخت آهي اهڙا انسان هن سماج ۾ گهٽ هوندا آهن. معاشري ۾ سڀ اهڙا ئي ماڻهو هوندا ته معاشرو هڪ سٺي ترقي ۾ هوندو. سليم ڪورائي هڪ سٺو ۽ ايماندار استاد آهي پاڻ ڪيترن ئي غريب شاگردن کي بنا معاوضي پڙهائيندو آهي ۽ ڪيترن ئي غريب شاگردن کي پڙهائي ۾ گهٽ هجڻ جي ڪري پڻ مدد ڪندو آهي ۽ ڪيترن ئي شاگردن کي اسڪالرشپ طور ٻاهرين ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڻ موڪليو.

سليم اختر ڪورائي ڪيترن ئي شخصيتن کي پنهنجي قلم سان روشناس ڪيو ۽ پاڻ مختلف ڊگري ڪاليجن جي پرنسپالز جو صدر رهيو ۽ هڪ ٺهيل يونين تحت تعليمي نظام کي هلايو، ڪاميٽي جوڙي نئين پاليسين تحت ڪاليج جي پڙهائي واري ماحول کي ظاهر ڪيو. تعليم انسان جو بنيادي حق آهي. اهو حق حاصل ڪرڻ ضروري آهي دنيا جو هر تعليمي ادارو پڙهائي سان روشناس تڏهن هوندو آهي جڏهن ان اداري ۾ استاد ۽ شاگرد توڙي انتظاميه هڪ سٺي طريقي سان پڙهائي واري ماحول کي اڳتي وڌائين ۽ ان کي ڪاميابي جي طرف وٺي وڃن ۽ پنهنجي فرض ۾ پابند رهن. ڊگري ڪاليج جي سائنس جي ٻنهي شعبن، ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ليبارٽري ۾ پڻ شاگردن کي پرڪيٽيڪل تجربو ڪري ڪيترائي شاگرد ڀرپور فائدو وٺي رهيا آهن ۽ ڊگري ڪاليج جي پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي سليم اختر ڪورائي انعام ۽ اسڪالرشپ ڏني آهي. پاڻ ڪجهه ڪتاب به لکيا ۽ مختلف اخبارن ۽ مئگزين ۾ ناول ۽ آرٽيڪل لکيا آهن. کيس هڪ ادبي ليکڪ جو درجو به حاصل آهي غريب شاگردن ۾ مفت درسي ڪتاب ۽ پين بڪ به تقسيم ڪيائون ۽ ڪاليج جي غريب شاگردن کي مفت يونيفارم به ڏنو. بغير يونيفارم جي شاگرد کي ڪلاس ۾ ويهڻ جي اجازت نه ٿي ڏني وڃي ۽ جنهن شاگرد جي حاضري نه هوندي ان کي امتحان ۾ نه ويهڻ ڏنو ويندو. سليم ڪورائي پنهنجي ڊيوٽي هوندي به پوئتي پيل شاگردن جي مدد ڪندو آهي ۽ انهن جي هر مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

ڪاليج جي انتظاميه سان سٺو سلوڪ سان پيش ايندو آهي ۽ ڪاليج ۾ اڳ جيڪي ايڊمنسٽريشن بلاڪ ڪلاسن ۾ هلايو ويندو هو. ان لاءِ الڳ بلڊنگ ٺهرائي وئي آهي. تعليمي ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ سليم اختر ڪورائي محنت ڪئي، تعليمي ادارن ۾ سليم اختر ڪورائي جهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي.*