اجتمائي سوچ رڪندڙ:زلفي سهارڻ

عبدالحق چانڊيو

سنڌ صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي آهي ۽ اها صدين کان امن جي علامت رهي آهي. سنڌ ۾ ڪيترائي شاعر، اديب ۽ دانشور ڌرتي جا سفير آهن. جڏهن هڪ نظر سنڌ جي شاعرن، اديبن ۽ دانشورن تي وجهبي ته ڪيترن ئي اميدن کي کڻي اجتماعي سوچ رکي انهن پنهنجن ذهنن ۽ قلم تي زور رکي هر شيءِ کي هڪ نئون انوکو روپ ڏنو آهي انهن مان ذوالفقار عرف ذلفي سهارڻ به هڪ آهي.

ذوالفقار سهارڻ ڳوٺ ٻيلو پتڻ ۾ 1971ع ڌاري تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ضلع دادو ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم ڳوٺ ٻيلو پتڻ مان حاصل ڪئي، هن پڙهائي دوران شاعري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ هن شاعري جي سکيا استاد روشن علي جسڪاڻي کان ورتي. ذوالفقار سهارڻ جو والد 1960ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو ملازم هو ۽ 1995ع کان پاڻ به سنڌ يونيورسٽي جي شعبي سوشل ورڪ ۾ ملازمت ورتي.

سنڌ جي نوجوان قلمڪار زلفي سهارڻ خطي ۾ امن جي شاعري وسيلي به تمام گهڻي جدوجهد ڪئي ۽ ذلفي سهارڻ جا ڪلام سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن پڻ ڳايا جنهن ۾ عرس چانڊيو، عارف هاليپوٽو، ثمينه ڪنول، آخري جلال، سوز علي چانڊيو ۽ ٻيا ڪيترا ئي فنڪار شامل آهن. جڏهن هي بيماري ۾ مبتلا هو ته سندس دوستن جو چوڻ آهي ته هن وري هڪ درد وندي شاعري ۾ پير پاتو جيڪا سندس دردن کي وڌيڪ ڏکايو پئي. جڏهن به هي هوش ۾ ايندو هيو ته پاڻي به شاعري جي انداز ۾ گهرندو هو ۽ جڏهن چوي پيو ته ٽيٽنس جي بيماري مان ڪونه بچندس تڏهن هي هر گهڙي شاعري جا ڪجهه هي لفظ چوندو هو ته:

روڳ سيني ۾ سانڍي سگهيو ڪونه هي،

ڪيڏو سادو هو کلجي ويو ذوالفقار.

ذوالفقار انفرادي نه پر اجتماعي سوچ رکڻ وارو شخص آهي، اڄ به پنهنجي شاعري جو انوکو ڪردار ۽ خدا طرفان ڏنل ڏات کي ڳائي ۽ قلمبند ڪري پنهنجي دوستن ۽ ڪچهري ۾ ويٺل ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندو آهي ۽ هن جاگيرداري نظام جي ڌاڪي ۽ غربت سبب ويڙهه بدران قلم کي ترجيح ڏنائين، ڇو ته هن کي قلم جي طاقت تي يقين آهي. هن جا ڏک درد سڀ پنهنجي شاعري ۾ سمايل آهن هن يونيورسٽي جي زندگي تي به ڪيترائي شعر لکيا ۽ پاڪستان ٽيليويزن تي پڻ ڊراما ڪيا جن ۾ ڪُن ۽ ڪنارا، بند دروازو ۽ ٻيا ڪيترائي ڊراما رليز ٿيا.

هن سوچيو ته مظلوم قومن جي نجات ۽ آزادي لاءِ قلم وڏو ذريعو آهي زلفي پنهنجي غربت سان جهيڙيندي سخت پورهيو به ڪيو ۽ شهر ۾ سماجي سڌارن لاءِ هلچل هلائي ۽ حقن جي حاصلات لاءِ پنهنجي ڄمار جا ڪيترائي سال وقف ڪيا جيڪو سلسلو اڃا جاري آهي ۽ هن وٽ هر شاعر لاءِ هڪ جيتري عزت آهي هي جن شاعرن مان متاثر ٿيو تن مان استاد بخاري، راشد مورائي، شيخ اياز آهن. هن جي چوڻ مطابق ته شايد اهڙا شاعر وري وري اچن ۽ تا قيامت هنن جو وجود هجي جن قلم ذريعي جاڳرتا پيدا ڪئي. سندس جي شاعري جو ڪجهه نمونو هيٺ پيش ڪجي ٿو.

تنهنجي وارن ۾ الجهي ويو ذوالفقار

ڄڻ هوائن ۾ گهلجي ويو ذوالفقار

توکي پائڻ جو سپنو نه پورو ٿيو

تنهنجي راهن ۾ ڀلجي ويو ذوالفقار

تنهنجي نالي جو تاثر آهي اهو

تر سڄي ۾ جو هلجي ويو ذوالفقار.*