هر شعبي ۾ مهارت رڪندڙ:محمد شريف

عابد الرحمان جٽ

هر پيدا ٿيندڙ شخص کي ڪنهن نه ڪنهن شعبي ۾ خدائي ڏات به هوندي آهي  ته جذبو،همت ۽ طاقت به .  پر شايد دنيا ۾چند ماڻهو ئي هوندا آهن جيڪي خدا داد صلاحيتون استعمال ڪري پنهنجي ڪٽنب ۽ پنهنجي قوم لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪندا آهن. اهڙو ئي شخص جنهن کي خدا جي طرفان نه صرف هڪڙي شعبي ۾ صلاحيت عطا ٿيل آهي. بلڪه هر ڪنهن فيلڊ ۾ مهارت حاصل آهي.

سائين محمد شريف بوزدار ، جنهن کي ڌڻي تعالي طرفان هر شعبي ۾ مهارت حاصل آهي اها فيلڊ چاهي ٽيڪنيڪل جي  هجي يا کڻي نان-ٽيڪنيڪل.

هي اهو شخص آهي، جيڪو ريڊيو ۽ ٽي وي جي مشنري جوڪم به ڄاڻي ٿو. بجلي جي فٽنگ هجي يا وري پاڻي جي پائيپن جي فٽنگ (پلمبرنگ جوڪم) ۽ انهي سان گڏوگڏ پاڻ  موٽر ڪار جي انجڻ جي ڪم ۾ به  وڏي مهارت رکن ٿا. سندن ميڊيڪل جهڙي ڏکي فيلڊ ۾ به نه صرف وسيع مطالعو اٿن پر انهي سان گڏو گڏ ساڳئي شعبي ۾ مفت پريڪٽس پڻ رکن ٿا.

محمد شريف بوزدار  پهرين  جنوري،1960ع ۾ ضلعي ٽنڊي الهيار جي  ڳوٺ ڌڱاڻو بوزدار ۾ جنم ورتو . پرائمري کان مڊل تائين تعليم سندن ڳوٺ مان ئي ورتائين.  انٽر ۽ بي اي سنڌ ماڊل ڊگري ڪاليج ٽنڊوالهيار ۾ ڪيائون.

پاڻ پڙهائي دوران  غربت واري زندگي گذاري رهيا هئا، سچ چيو اٿن ته ڏکن پٺيان سک به ايندا آهن، بلڪل ائين هن شخص تي ڌڻي تعالي راضي جو راز ٿي پيو ۽ پاڻ  بيچلر جي ڊگري پوري ڪيائون ته کين تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور  نوڪري جو آرڊر آيو ته ٻئي طرف پوليس کاتي ۾ به اي ايس آءِ جو آرڊر مليو. پاڻ ٻڌائين ٿا ته جڏهن کين پوليس کاتي ۽ تعليم کاتي ۾ نوڪري جا آرڊر مليا ته مون ڌڻي تعالي جو بيحد شڪريو ادا ڪيو. ٻه ٻه نوڪريون ملڻ بعد ڪافي ماڻهن چيو ته پوليس کاتي ۾ وڃجو، پر جڏهن مون ٿورو غور ڪيو ته مونکي يڪدم پيغمبري وارو پيشو ذهن ۾ آيو ۽ مون عهد ڪيو ته تعليم کاتي ۾ ئي استاد طور خدمتون ڏئي پنهنجي قوم جي خدمت ڪندس.پاڻ استاد طور 1981ع ۾ تعليم کاتي ۾ داخل ٿيا.

سائين محمد شريف تعليم کاتي کي جوائن ڪيو ۽  معصوم ٻارڙن کي تعليم سان آراسته ڪرڻ شروع ڪيو. نوڪري ڪرڻ ۽ گهر جي ذميواريون سنڀالڻ باوجود پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان اڪنامڪس1983ع ۽ سنڌي1990ع ۾ ماسٽرس ڪيائون.  علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان تعليم جي شعبي ۾ بيچلر ۽ سنڌ ايگريڪلچرل ٽنڊوڄام مان ماسٽرس ڪيائين.

محمد شريف پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ گرلس مڊل اسڪول نه هئڻ سبب تمام فڪرمند ٿيا، کين  هر وقت خيال ايندو هيو ته ڳوٺ ۾ مڊل اسڪول نه هجڻ  ڪري ڪافي  ڇوڪريون پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد  گهر ۾ ويهي رهن ٿيون ۽ غريب هجڻ سبب شهر ۾ وڃي وڌيڪ تعليم به حاصل نٿيون  ڪري سگهن . ان وقت  پاڻ بوائز مڊل اسڪول جا انچارج هئا  ڳوٺ جي نياڻين جي والدين سان ملي کين پنهنجي نياڻين کي وڌيڪ تعليم ڏيارڻ لاءِ راغب ڪيائون  ۽ مسلسل ڪوششن سبب پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ويا پوءِ اهو سلسلو هلي پيو.  اڄ به سندن ڳوٺ  ۾گرلس مڊل اسڪول ته نه آهي پر سندن ڳوٺ جون سوين نياڻيون بوائز مڊل اسڪول مان تعليم پرائي  وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ شهر ۾ پڻ تعليم حاصل ڪن پيون. ڏسجي ته  پاڻ ان وقت  بنيادي طور تي  هڪ پرائمري استاد  هئا. پر چوندا آهن ته همتِ بندا مددِ خدا .... واقعي ائين ئي ٿيو جو سندن ڪوشش سبب اڄ سندس ڳوٺ مان نياڻين جون ٻه بسون ڀرجي شهر جي اسڪولن ۾ پڙهائي لاءِ وڃن ٿيون.

پاڻ معاشي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت واپار به ڪيو، ۽ پارٽ ٽائيم سماجي تنظيمن ۾ پڻ ڪم ڪيو.

سندن خواهش هئي ته تعليم کاتي ۾ سپروائيزر ٿي پرائمري  اسڪولن جي بهتري لاءِ ڀرپور ڪم ڪجي.سندن ڳالهه ڌڻي تعالي کي منظور ٿي شروع ۾ پاڻ ايڇ ايس ٽي ٿيا بعد ۾ جلد ئي تعليم کاتي ۾ سپروائيزر ٿي ويا.

پاڻ هينئر ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ پرائمري تعليم جي بهتري لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رهيا آهن ۽ پاڻ ضلعي ۾ هڪ تعليمدان طور سڃاتا وڃن ٿا. انتهائي سادي طبيعت رکندڙ  ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ تي شديد ڪاوڙ  رکندڙ شخص آهن. سندن چوڻ آهي ته هر هڪ فرد تعليم جي واڌاري لاءِ پنهنجي علائقي جي سطح تي ڪم ڪري ته اسان جي تعليم سڌري ويندي ۽ اسان جي قوم آسمان جي بلندين تائين پهچي ويندي*