پاڻ پٽوريندڙ سنڌ يونيورسٽي جوشاگرد:سروڻ ڪمار

عبدالحق چانڊيو

دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو ٿي گذريا آهن جن پنهنجي زندگي جي سفر کي گذارڻ لاءِ خوشين جي اميد رکي پنهنجي هڪ ڀيرو تحفي طور مليل ڪائناتي حياتي کي اهڙن ته ڏکين موڙن ۽ لاهن چاڙهن کان پار ڪيو، جيڪي کين هزارين اميدن جي اڳ ۾ ڏکن جي سيجن تي سمهي سکن جي سيج جا خواب لهن ٿا. ۽ اميدن کي ئي اولين ترجيح ڏئي ڏکن ۽ ڏولاون جي هندورنِ کي پنهنجي بهادري همٿ ڪشي سان بار بار پنهنجي ميڻ جهڙي نرم هٿن کي لوهي هٿوڙن کان به وڌيڪ سخت ڪري انهيءَ پينگهي کي لوڏيندا ۽ لمائيندا رهن ٿا.

انهن ئي محنت ڪش ۽ پاڻ پتوڙيندڙ ماڻهن مان هڪ غريب ترين خاندان سان تعلق رکندڙ ۽ هڪ پٺتي پيل علائقي جي هڪ نوجوان، جنهن جو نالو سروڻ ڪمار اوڏ آهي ۽ هن جي پيدائش پنهنجي اباڻي ڳوٺ آهوري فارم تعلقو عمرڪوٽ ۾ هڪ غريب خاندان ۾ 1989ع ۾ ٿي جنهن کان پوءِ هن پنهنجي تعليم جو سفر پنهنجي اباڻي ڳوٺ آهوري فارم بوائز پرائمري اسڪول کان شروع ڪيو. هن مئٽرڪ به پنهنجي ڳوٺ مان غريبي هوندي ڪئي ۽ هن پنهنجي غربت کي عيب نه سمجهي پنهنجي معصوم زندگي جي انمول راند روند کيڏندڙ وقت پنهنجي تعليم جي سفر کي وڌائڻ لاءِ پنهنجي فرشتن جي ويهڻ جي جاءِ جنهن کي ڪلها چوندا آهن. انهيءَ محلن کان به وڌيڪ اهميت رکندڙ جاءِ تي شعولن ٿالهه رکي پنهنجي منزل جي رستن کي آسان ڪندڙ ڪتاب خريد ڪندو رهيو ۽ پڙهندو رهيو.

ڏهين درجي جي امتحان ۾ ميرپور خاص بورڊ ۾ پوزيشن ماڻي، جنهن کان پوءِ هو، يارهون ۽ ٻارهون درجو پڙهڻ لاءِ حيدرآباد آيو. اتي ريگيولر ڪلاس هجڻ جي ڪري هن کي پئسن جي ضرورت پئي.

انهيءَ  ٻنهي سالن جي سفر کي گهارڻ لاءِ کيس حيدرآباد کا ڪوٽڙي ايندڙ ويندڙ گاڏين تي شام جي وقت ۾ کيس سوزوڪي جي ڊرائيونگ ڪرڻي پئي جيڪا کيس لاءِ ڏاڍي پريشاني جو سبب بڻي. انهيءَ کان پوءِ ڪجهه مهينا هن حيدرآباد ۾ مختلف سينٽرن تي پڙهائڻ شروع ڪري ڏنو ۽ ائين ئي پنهنجي تعليم ۽ زندگي جي سفر سان ڏکن ڏولاون جي جنگ وڙهندو رهيو. جنهن کان پوءِ هن ٻارهين جو امتحان 2007ع ۾ مسلم سائنس ڪاليج مان اي-ون گريڊ ۾ پاس ڪيو. جنهن کان پوءِ هن 2008ع ۾ مهراڻ ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ ٽيسٽ ڏني جنهن ۾ هن مهراڻ يونيورسٽي ۾ 70 سيڪڙو مارڪون کنيون، پر افسوس غربت!غريب هجڻ سبب هن فيس جا پئسا نه هجڻ ڪري مهراڻ يونيورسٽي ۾ داخلا نه وٺي سگهيو جنهن کان پوءِ هن هارائيندڙن ۾ پاڻ محسوس نه ڪيو هن وري پنهنجي همٿ افزائي جو مظاهرو ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي پري انٽري ٽيسٽ ۾ حصو ورتو جنهن کان پوءِ کيس ڪمپيوٽر سائنس شعبو مليو جنهن ۾ هن دلي ۽ ذهني طور مطمئن ٿي انجنيئر ٿيڻ جا خواب سجائي داخلا ورتي. داخلا ٿيڻ کان پوءِ هن فيس جمع ڪرائي پنهنجي تعليم جو ٻيڙو يونيورسٽي ۾ هلائڻ شروع ڪيو، جنهن لاءِ به سندس خرچ جي ضرورت محسوس ٿي وري به هن پنهنجي ذهن، عقل ۽ هوشيارائپ سان يونيورسٽي اندر ڪالوني ۽ سوسائٽي ۾ ٽيوشن پڙهائڻ شروع ڪئي انهيءَ سفر کي اڄ چار سال مڪمل ٿي گذريا آهن ۽ اڄ سروڻ ڪمار آخري سال جو شاگرد آهي. اڄ به پنهنجي همٿ           سان پڙهي ۽ پڙهائي پيو ۽ اميد جي انهيءَ ٻرندڙ ڏيئي ۾ پنهنجو پگهر واهيندو ۽ انهيءَ /ڏسو صفحو ......4

ڏيئي جي شمع کي برقرار رکندو پيو اچي ۽ اها اميد رکيو پيو اچي ته ڪو ڏينهن کيس اهڙو ايندو جو منهنجي محنت رنگ لاهيندي ۽ مان وقت جو هڪ سٺو آفيسر ٿي ڏيکاريندس ۽ پنهنجي گهر وارن سان سکي زندگي جا پل گذرايندس. جيئن شاهه عبدالطيف ڀٽائيرح فرمايو آهي ته:

ڏکن پويان سک، سک گهوريا ڏکن تان ....*