سادي طبيعت رڪندڙ۽محنت ڪندڙ ڪردار:مامو الهابچايو

عبدالغفار بوزدار

دنيا تنگ مزاج ۽ سست ماڻهن سان ڀري پئي آهي پر ساڳي دنيا ۾ ئي ڪجهه خدا جا بندا اهڙا به هجن ٿا شايد جن سبب ئي دنيا جو ڪاروهنوار هلي پيو. پر ڪجهه ڪردار اسان جي سماج کي اهڙا به مليا آهن جيڪي ڪنهن مقصد ماڻڻ لاءِ جدوجهد ۾ رڌل هوندا آهن. اهڙن ئي ڪردارن مان هڪ ڪردار الهبچايو بهراڻي آهي، جنهن لطيف سرڪار جي ضلعي مٽياري، ڳوٺ تاج پور ۾ 1953ع ۾ جنم ورتو. مامي طور سڃاتو ويندڙ الهبچايو پرائمري پاس ڪئي ۽ محنت مزدوري سان لڳي ويو.

پاڻ لڳاتار محنت ۽ مزدوري کي پنهنجو ايمان سمجهندا آيا ۽ انهي پختي ايمان سبب پاڻ ڊرائيونگ سکي ٽيڪسي هلائڻ لڳا ۽ ڪجهه آمدني آڻڻ لڳا ته سندس والدين پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪندي کيس شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌي ڇڏيو پاڻ وري شادي کي روايت موجب قسمت چون ٿا، ته شادي ٿيڻ بعد جلد ئي سنڌ يونيورسٽي ۾ محمد حسين شيخ(ڊائريڪٽر پلاننگ) وٽ پرائيويٽ گاڏي جي ڊرائيوري ڪئي سندس چوڻ آهي ته چوندا آهن ته رب سائين ڪنهن کي روزگار جو ذريعو بڻائي روزي ڏيڻ فرمائيندا آهن اهڙي انداز سان الهبچايو بهراڻي پاڻ کي محمد حسين شيخ جا احسانمند سمجهندا آهن، ڇو ته انهن جي سفارش تي کيس 1988ع ۾ نوڪري ملي. مامو الهبچايو ٽنڊوالهيار پوائنٽ بس ۾ جيڪڏهن نٿو اچي ته سڀ شاگرد سندس پڇا ڪندا آهن جنهن جو سبب اهو ئي آهي ته پاڻ سادي ۽ مزاحيه طبعيت رکندڙ آهن ۽ هر وقت مذاق ڪرڻ سان گڏوگڏ سمجهائيندا پڻ آهن، پاڻ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ هر شاگرد کي پنهنجي اولاد جيان سمجهن ٿا هن وقت پاڻ اسلامڪ اسٽڊيز جي ڊين ثناءَ الله ڀٽو جو ڊرائيور آهي ۽ پاڻ ڪيترا ڀلوڙ طبيعت آهن، اهو سبب آهي جو  هن کي ڀٽي جو ڊرائيور نه بلڪه گهر ڀاتي سمجهيو ويندو  آهي. هلندڙ مهانگائي جي طوفانن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ يونيورسٽي ۾ ڊيوٽي ڪرڻ بعد واپس پنهنجي گهر 4 بجي تائين پهچڻ بعد وري پنهنجي خاندان جي ضرورتن کي بهتر هلائڻ لاءِ سوزوڪي هلائي گذر سفر ڪن ٿا ۽ رات جو 10 بجي واپس گهر پهچڻ بعد صبح 6 بجي اٿي پوائنٽ بس اسٽاپ تي پهچي ڊيوٽي سرانجام ڏيندا آهن. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هر ملازم موڪل جو ٻڌي ٿو ته خوش ٿئي ٿو. پر پاڻ وري يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ ڇنڇر تي موڪل کي بوريت محسوس ڪن ٿا، ان مان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ ڊيوٽي جا ڪيترا پابند هوندا، ڪهاڻيون ۽ اخبارون پڙهڻ جو شوق رکندڙ آهن جيڪڏهن سندن ڪو ڪتاب هٿ لڳي ٿو ته پاڻ ان کي پوري ڪوشش ڪندا آهن ته ڪتاب پڙهي وٺجي. مصروف زندگي گذارڻ سان گڏوگڏ مامو! قبا اسٽاپ (ڍڱاڻو بوزدار) ويجهو قائم وتايو فقير جي به مسلسل ۽ روزانو حاضري ڀريندڙ آهن شايد اهو سبب هجي جو پاڻ به مزاحيه طبعيت رکندڙ آهن.

اسان جي سماج ۾ اهڙيون شخصيتون گهٽ ملنديون جيڪي هڪ وقت ايترين خوبين جا مالڪ هجن ۽ گڏوگڏ ڊيوٽي سان ٻيو روزگار به ڪن. هتي ته اسن جا نوجوان يونيورسٽي مان ڪلاس وٺي جڏهن گهر پهچن ٿا ته اهو محسوس ڪرائيندا آهن ته ڄڻ ڪو حج ڪري آيا آهن يا وري سمنڊ کي پوئتي ڌڪي آيا هجن، نوجوانن کي اهڙن ڪردارن مان ڪجهه سکڻ گهرجي*