منافقت ڪان چڙيندڙ انور علي شاه

برڪت علي شيخ

سنڌ يونيورسٽي جي زولاجي شعبي جو ايسوسيئيٽ پروفيسر انور علي شاهه سادگي ۽ سچائي رکندڙ شخصيت آهي، ماڻهو جي تمام گهڻي عزت ڪندڙ ۽ صوفي ازم تي پختو يقين رکندڙ انور علي شاهه کي منافقت کان چڙ آهي، هو اڄ جي شاگرد سياست ۽ شاگردن ۾ اخلاق نه هئڻ جي شڪايت به ڪري ٿو.

انور علي شاهه ضلعي خيرپور ميرس جي محلي سائده ڳوٺ ۾ 1955ع ۾ جنم ورتو، 1965ع ۾ پرائمري تعليم بعد هن خيرپور جي ناز پائليٽ هاءِ اسڪول مان 1970ع ۾ ڏهون درجو پاس ڪيو. سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان انٽر ميڊيئيٽ ۽ بي ايس سي ڪندڙ انور علي شاهه ڪاليج ۽ پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان شاگرد سياست به ڪئي، هو ڪاليج ۾ يونين جو جنرل سيڪريٽري به رهيو. ڪاليج ۾ راندين جي سرگرمين ۾ انور علي شاهه ڀرپور حصو ورتو هو، انور علي شاهه ڪاليج جي ڪٻڊي ٽيم جو ڪپتان ۽ فٽ بال ٽيم جو به حصو رهيو.

انور علي شاهه سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا جي به دلچسپ ڪهاڻي آهي، هو ٻڌائي ٿو ته جڏهن آئون زولاجي شعبي ۾ داخلا لاءِ آيو هئس ته شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر احمد محمد الدين وڏا شهپر، ڪپڙا ۽ چهري ۾ دهشت هئڻ سبب داخلا نه ڏني، بعد ۾ شعبي جي استاد معرفت مون کي داخلا ملي. هو ٻڌائي ٿو ته ڊاڪٽر احمد محمد الدين بعد ۾ جڏهن قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد جو وائيس چانسلر ٿيو ته شعبي پاران هن کي الوداعي پارٽي ڏني وئي جنهن ۾ ڊاڪٽر احمد محمد الدين تقريب جو ڪيڪ مون کان ڪٽرايو ۽ چيو ته انور علي شاهه کي مون غلط سمجهيو هو. انور علي شاهه 1977ع ۾ ايم ايس سي ڪئي ۽ 1979ع ۾ شيخ اياز جي وائيس چانسلري دوران زولاجي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو.

انور علي شاهه اڄ جي شاگردن کي معيار ڏيندي چوي ٿو ته اڄ جي شاگردن ۾ ادب نه رهيو آهي، اڳي شاگرد ۾ اخلاق هو ۽ عزت ڪرڻ ڄاڻندو هو، پڙهڻ ڄاڻيندو هو، هاڻي شاگرد جو ڳلو کليل هوندو آهي ۽ سگريٽ پيئي ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته مون شاگردي دوران ڪنهن کي نه ٿڦڙ هنئي ۽ نه وري ڪڏهن بائيڪاٽ ڪرايو، انور علي شاهه ٻڌائي ٿو ته سياسي سرگرمين جي حد هئڻ گهرجي، روز بائيڪاٽ نه هجن، ادارن ۾ سياسي مداخلت بند ٿيڻ گهرجي، اختلاف جي بنياد تي ڪنهن تي تشدد نه ٿيڻ گهرجي.

انور علي شاهه چوي ٿو ته شاگرد يونين جي چونڊ ٿيڻ گهرجي ته جيئن خبر هجي ته ذميواري ڪنهن وٽ آهي، ماضي ۾ شاگرد يونين ۾ اهو حصو وٺندو هو جيڪو فيل نه هجي. انور علي شاهه جي موجب استاد اڄڪلهه پڙهائي نٿو ۽ شاگردن جا والدين پنهنجو فرض پورو نٿا ڪن، انهن کي اهو ڏسڻ گهرجي ته سندن اولاد پڙهي رهيو آهي يا نه پيو پڙهي.

سنڌي ٽوپي ۽ آڱرين ۾ پٿر پائيندڙ انور علي شاهه عزت ڪرڻ ۽ ڪرائڻ ۾ يقين رکي ٿو. ان بابت هو چوي ٿو ته الله تعاليٰ انسان کي خوبصورت ٺاهيو آهي. انسان کي گهرجي ته ٻئي ڪنهن جي عزت ڪرڻ سکي، آئون امير ۽ غريب کي ساڳئي عزت ڏيندو آهيان. مون ڪڏهن به وڏائي نه ڪئي آهي، اهڙي ڳالهه ٻولهه دوران انور علي شاهه ڪبير جون هي سٽون زبان تي آڻي ٿو:

نمت نمت ڪا ڦير هي، نمت نمت ڪا مان هي

دغاباز دوران جهڪي چيتا چور ڪمان

انور علي ٻڌائي ٿو پيري فقيري ۾ تمام گهڻو يقين آهي، ان ڪري اوليائن ۽ بزرگن جي درگاهن تي ويندو آهيان، آئون خياروي شريف (نوابشاهه) جو مريد آهيان، درگاهه خياروي شريف گادي پير حماد الله آهي، صوفي ازم سان لڳاءُ سبب سهراب فقير ۽ مانجهي فقير راڳي پسند آهن، هو چوي ٿو ته لطيف ۽ سچل جي شاعري کان پوءِ شاعري جو معيار نه آهي. سيد انور علي شاهه 1985 ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرز طور به خدمتون سرانجام ڏنيون، ان کان پوءِ وائيس چانسلر عبدالقادر انصاري جي دور ۾ ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرز (هاسٽل سائيڊ) به رهيو، جڏهن ته انور علي شاهه لاڳيتو 16 سالن کان ٽيچرز هاسٽل تي وارڊن آهي.*