ٻاراڻي ادب جوشاعر:مولا بخش قمبراڻي

جاويد چانڊيو

 جيئن ته سنڌ ڌرتي مختلف اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن سان ڀري پئي آهي، ان خزاني مان هڪ انمول موتي وفا مولابخش قمبراڻي، جنهن جو تخلص ”وفا“ آهي. کيس اعليٰ شاعر ۽ ليکڪ جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو.

 وفا مولابخش قمبراڻي 18 جون 1980ع ڌاري ڳوٺ ڀنڀرو شريف تعلقه ۽ ضلع حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو گل محمد قمبراڻي آهي.

 هن غريبي حال ۾ پنهنجي فرزند کي پڙهائي لکائي جو رجحان ڏيڻ ۾ ئي پنهنجي عظمت سمجهي.

وفا مولابخش پنهنجي شروعاتي تعليم سندن اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ هاءِ اسڪول شيخ حافظ موري مانگر اسڪول مان 1997ع ۾ ڪيائين 1999ع ۾ انٽر ڪرڻ کان پوءِ پاڻ پنهنجي تعليم کي جاري رکندي ايم-اي سنڌي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان 2008ع ۾ پاس ڪيائين.

وفا مولابخش قمبراڻي پاڻ هڪ سٺو شاعر، ليکڪ ۽ ادب تي ڪم ڪندڙ آهي، وفا مولابخش ٻاراڻي ادب تي تمام سٺو ڪم ڪيو آهي ۽ شاعري ۾ مختلف قسمن جي شاعري مطلب ته انقلابي فڪري ۽ جمالياتي شاعري پڻ ڪئي آهي.

وفا مولابخش قمبراڻي ميڊيا جي مختلف پهلوئن ۾ 1963ع کان مصروف رهيو آهي، هن صحافت جي شروعات روزانو تعمير سنڌ ۾ پروف ريڊر طور خدمتون سرانجام ڏنيون.

”وفا“ روزاني هلچل جي رسالي ”سرهاڻ“ ۾ انچارج طور 2002ع ۾ روزاني ڪاوش ۾ پڻ پروف ريڊر، انچارج پروف ريڊر روزاني سوڀ، سب ايڊيٽر ماهوار ادبي منظر يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو، 2009ع ۾ انسائيڪلو سيل ۾ ريسرچ فيلو سنڌي ليئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، ميمبر ايڊيٽوريل بورڊ ماهوار امرتا حيدرآباد، ميمبر سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد، طور ڪم ڪيو.

وفا مولابخش ڪيتريون ئي ٽريننگون پڻ ڪيون جن ۾ نوجوان ليکڪ طور شامل ٿيو. پاڻ 5 ڏينهن اليڪٽرانڪ ميڊيا ورڪشاپ، ۽ ستن ڏينهن لاءِ نوجوانن جي ليکڪ طور ورڪشاپ ۾ اسلام آباد ۾ پڻ شريڪ ٿيا.

وفا ان سلسلي کي اڳتي وڌائيندي ڪيترين ئي ڪانفرنس ۾ هڪ اديب طور شرڪت ڪئي جن ۾ شاهه لطيف ڪانفرنس، شيخ اياز انٽرنيشنل ڪانفرنس جيڪا ٻولي ۾ ادب تي 2008ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ منعقد ٿي هئي.

وفا مولابخش قمبراڻي کي ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مڃتا طور ملي چڪا آهن جن ۾ ساٿي ليکڪ ايوارڊ (ساٿي پبليڪيشن حيدرآباد)، بيسٽ اسٽوري ايوارڊ، سرٽيفڪيٽن ۾ ٻاراڻي ادب تي (سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن، ٻالڪ ادبي فورم حيدرآباد، ماهوار گل ڦل ڄامشورو) شامل آهن.

هن وقت وفا، سنڌي ليئنگويج اٿارٽي ۾ پبليڪيشن اسسٽنٽ طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي.*