مصور،لڪيڪ۽انجنيئر:شفقت حسين وڌو

سرفراز وڌو

ھن دنيا ۾ جنم ته ھر انسان جو ٿيندو آھي، پر اڳتي ھلي ڪو انسان معاشري جو محتاج ٿيندو آھي، ته وري ڪنھن جي لاءِ معاشرو محتاج ھوندو آھي، ڪنهن جي زندگي بي معنٰي ھوندي ئي گذري ويندي آھي ته ڪن جي زندگي با معنٰي ھوندي آھي. ساڳي ريت ھڪ نھايت پرڪشش، سنجيده طبعيت جو مالڪ، پروفيشن جي لحاظ کان انجنيئر، مصور ۽ ليکڪ شفقت حسين وڌو به اھڙن انسانن مان ھڪ آھي. شفقت حسين جو جنم 15 مئي 1963ع ۾ سيوھڻ شريف ۾ ٿيو. ان وقت شفقت حسين جو والد مرحوم اسحاق خان وڌو سيوهڻ شريف ۾ گورنمينٽ ملازم ھو جنھن کان بعد ھو لڏي اچي سندن اباڻي ڳوٺ چاڪياڻي ۾ اچي رھيا. ننڍپڻ کان ئي شفقت حسين نھايت ذھين ۽ ھوشيار ھئا، ان ذھانت کي نظر ۾ رکندي سندس والد کيس بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پرائمري اسڪول چاڪياڻي ۾ داخل ڪرايو. جنھن کان پوءِ ميٽرڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول شھداد ڪوٽ ۾ ڪئي ۽ انٽر ڪراچي جي ڪاليج ۾ ڪئي. جنھن کان بعد 1976ع ۾ NED  يونيورسٽي ڪراچي ۾ سندس داخلا ٿي.

يونيورسٽي ۾ داخلا ٿيڻ سان ئي سائين جن پنھنجي مقصد کي اڳيان رکي وڌيا. ۽ تعليمي سرگرمين ۾ ٻين شاگردن جي به ھمٿ افزائي ڪندا ھئا. NED يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ جلدئي شفقت حسين وڌو کي سيف الله مگسي برانچ سرڪل لاڙڪاڻو تي ايريگيشن انجنيئر طور مقرر ڪيو ويو. پنھنجي پيشي کي صحيح انداز ۾ نڀائيندي ، سردي ھجي يا گرمي مطلب ته ھر حالت ۾ ڊيوٽي تي حاضر رھيا ۽ عمده ڪارڪردگي جي سبب کيس پروموشن ڏنو ويو ۽ ھن وقت ساڳي سيف الله مگسي سرڪل برانچ لاڙڪاڻو تي S.E (Superintendent Engineer ) جا فرض سر انجام ڏئي رھيا آھن.

ڊيوٽي کان علاوه کيس ڪتاب لکڻ ۾ به وڏو شوق رھيو. ڪيترن ئي مشھور ڪتابن جو ترجمو پڻ ڪيو. جن ۾ آبشار (جنوري 2000ع) ، ڪامياب زندگي ڪئين گذارجي (نومبر 2002ع)، ٻه ئي جام پيئڻ کانپوءِ (جنوري 2004ع)، ڳولا (جون 2007ع) ۽ پرئير آف پوئٽري (Prayer of Poetry) شامل آھن. ڪتابن کي پڙھندڙن طرفان ڀرپور موٽ ملي. ڇو ته انجنيئر شفقت حسين دنيا جي مڃيل ترين ليکڪن جي ڪتابن جو مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪيو، انھن ليکن ۾ ٽيلر ڪالڊ ويل، فٽز حيرالڊ، جارج خيرالله، شيخ اياز ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آھن.

ان کان علاوه مصوري جي دنيا ۾  انجنئير شفقت وڌي تقريبن ۾ ھڪ سو کان وڌيڪ پينٽنگس ٺاھيون جن جي پھرين تقريب 10 جنوري 2001ع ۾ مڌر گئلري لاڙڪاڻي ۾ ٿي. جنھن ۾ ڏسندڙن طرفان سندس پينٽنگس کي ساراھيو ويو ۽ ڪيترائي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا. ان کانپوءِ 2009ع ۾ پينٽنگس جي نمائش ساڳي گئلري ۾ رکي وئي، جنھن ۾ سائين جن پوزيشن حاصل ڪئي. مصوري کيس قدرتي ڏات طور مليل ھئي.

انجنيئر شفقت حسين جا ڪتاب ۽ سندس پينٽنگس سندس ماحول، شاھ عبدالطيف جي شاعري، شيخ اياز، عمر خيام جون رباعيون ۽ ٻين به ڪافي مضمونن تي لکيل ۽ ٺھيل آھن.

شفقت حسين وڌو لفظن سان گڏ رنگن جي ٻولي ڳالھائيندڙ به آھي. سندس ھميشه اھا ڪوشش رھي آھي ته سنڌي ماڻھو اڳتي اچن ۽ قوم جو نالو روشن ڪن.*