ماس ڪميونيڪيشن شعبي جو سفر۽ڪميابيون

ذيشان لنڊ

 مادرعلمي سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪيترائي شعبا آهن جتي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان شاگرد اچي تعليم پرائين ٿا. انهن مان هڪ شعبو ماس ڪميونيڪيشن به آهي جيڪو  1952ع ۾ قائم ٿيو پر ڪجهه ئي وقت ۾ استادن، اسٽاف ۽ ڪجهه ٻين مسئلن جي ڪري هي شعبو بند ٿي ويو. ان کان پوءِ 1977ع ۾ وري نئين سر هي شعبو کوليو ويو جنهن جو نالو صحافت (Journalism) جي نالي سان رکيو ويو.

 هن شعبي جو پهريون چيئرمين ڊاڪٽر خان محمد پنهور هو. ان کان پوءِ چيئرپرسن ڊاڪٽر فوزيه جعفري جي سرپرستي ۾ هن شعبي جو نالو بدلائي ماس ڪميونيڪيشن رکيو ويو.

پروفيسر عبادالله راشدي، پروفيسر هر بخش (سريش) ماکيجاڻي، ۽ آغا رفيق هن شعبي جا سربراهه رهي چڪا آهن، جڏهن ته هن وقت پروفيسر ڊاڪٽر رضوانه چانگ شعبي جي سربراهه طور پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهي آهي.

هن شعبي جي پهرين بئچ جا ڪجهه اهڙا شاگرد هن وقت اهم عهدن تي فائز آهن جن مان ڪجهه نالا هي آهن.

انهن شخصيتن مان مڪيش ڪمار پي ٽي وي تي پروڊيوسر طور ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ نصير مرزا بيگ، علي اڪبر هنڱورجو، عابد حسين ۽ ٻيا سينئر پروڊيوسر پنهنجن عهدن تي فائز آهن.

 محمد علي، عاليه انجم سومرو، مجيب الرحمٰن شيخ، صدف بلوچ ۽ شوڪت چانڊيو APP ۾ ڪم ڪندڙ آهن، جڏهن ته ڪي ٽي اين ۾ مصطفيٰ جروار، مختيار جمالي پنهنجو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن.

 انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ شبانه چنا، ارشاد چانڊيو، جاويد ڳوراهو، فدا حسين بالادي، صابر ڪاڪا، سارنگ لطيف چانڊيو، عاطف وگهيو، سليم شيخ، ان کان علاوه فدا حسين ڀاڳت جيڪو پهرين سنڌ ٽي وي تي بعد ۾ ڊان نيوز چئنل تي پنهنجا فرائض انجام ڏنا ۽ سبين فاروقي ايڪسپريس ٽي وي ۾ ضمير شاهه ۽ شيراز ڏاهري پي ٽي وي تي ۽ اي آر واءِ ڊجيٽل چئنل تي صفدر ميمڻ پڻ ڪم ڪري رهيو آهي.

شروعات ۾ هي شعبو آرٽس فيڪلٽي ۾ هو، ان عمارت ۾ اسٽوڊنٽس ليب هڪ ڪمري تي مشتمل هئي جنهن جي ڪري پريڪٽيڪل ڪم استاد ڪلاس دؤران ئي ڪرائيندا هئا.

شروع ۾ هي شعبو نيوز ليٽر شايع ڪندو هو. ان کان پوءِ هن شعبي جي الڳ عمارت قائم ڪئي وئي، جنهن جو افتتاح سنڌ جي گورنر ۽ سنڌ جي يونيورسٽين جي چانسلر ڊاڪٽر عشرت العباد 15 ڊسمبر 2006ع تي ڪيو.

هن شعبي ۾ پرنٽ ميڊيا ليب، اليڪٽرانڪ ميڊيا ليب ۽ اسٽوڊيو شاگردن کي پريڪٽيڪل ڪرائڻ لاءِ قائم ڪيا ويا. هن شعبي ۾ هڪ سيمينار لائبريري پڻ آهي جنهن ۾ هن وقت 3500 ڪتاب رکيل آهن.

37 اڪيڊمڪ ڪائونسل گڏجاڻي ۾ ايم ايس/ ايم فل پروگرام شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، هي پروگرام ٻن سالن تي مشتمل هوندو.

 ان سان گڏ شعبي جي نالي ۾ تبديلي آڻڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪو ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ مان تبديل ڪري ”ڊپارٽمينٽ آف ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز“ رکيو ويو آهي.

هن شعبي مان هفتيوار روشني اخبار شايع ڪئي ويندي آهي جنهن جو پهريون پرچو آڪٽوبر 2005ع تي شايع ڪيو ويو ۽ اڃا تائين ريگيولر شايع ٿي رهي آهي، جڏهن ته هن شعبي مان ماهوار شعور ميگزين پڻ شايع ڪيو ويندو آهي، جنهن جو پهريون پرچو مارچ 2006ع ۾ شايع ڪيو ويو. هن شعبي ۾ ايڊورٽائيزنگ ليب پڻ قائم ڪئي پئي وڃي جنهن جو ڪم جاري آهي.

هتان يونيورسٽي جو آفيشل نيوز ليٽر ”ڪئمپس ڪميونيڪيٽر“ جي نالي سان پڻ شايع ڪيو ويندو. پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو هن شعبي جا شاگرد انفارميشن ڊپارٽمينٽ لاءِ چونڊيا ويندا آهن.

ماس ڪميونيڪيشن شعبو شاگردن کي صحافت ڪرڻ جي اهڃاڻ ڏئي پيو، جيئن شاگردن ۾ شعور پيدا ٿي سگهي.*