غربت۾مرڻ ڪي ڏوهه سمجهندڙذولفقارعلي سيال

رضا علي ڀٽي

هن دنيا جي نقشي تي اهڙا مهذب ۽ عظيم انسان آيا آهن جن پنهنجي ڏاهپ ۽ ڪارنامن سان انقلاب آڻي سوچن جا رخ ئي تبديل ڪري ڇڏيا. جيڪي پنهنجي علم جي طاقت سان عام انسان کي اعلى بڻائي ڪري هن ڌرتي تي مثال بڻائي بيهارن ٿا.

هڪ معلم ڪنهن به قوم لاءِ تمام ضروري هوندو آهي. تنهن ڪري هڪ اهڙي استاد جو ذڪر اچي ٿو. جيڪو سنڌ جي مشهور شهر نصير آباد ۾ پنهنجي اڻٿڪ محنت سان ٻاهرن نوجوانن بالخصوص نياڻين کي علم جي نور سان نوازي رهيو آهي.

اهڙي ئي هڪ شخصيت جن کي ذوالفقار علي سيال جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. جن جي پيدائش 20 مارچ 1966ع تي ٿي.

 شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ وڌو ڪلهوڙو ۾ حاصل ڪيائين. مئٽرڪ 1983ع ۾ جڏهن ته گريجوئيشن 1990ع ۾ شاھ عبدالطيف خيرپور ميرس مان ڪيائين.

 ان ئي سال گورنمينٽ هاءِ اسڪول واسو ڪلهوڙو ۾ ڊرائنگ ٽيچر طور مقرر ٿيا. پر ان جي باوجود ڪاليج سائيڊ کان ساڳي يونيورسٽي مان سنڌي ۾ ماسٽر ڪئي.

 هن پنهنجي سخت محنت سان آرٽ ماسٽر سرٽيفيڪيٽ جي 1994ع ۾ ٽريننگ ڪئي. جنهن ۾ پوزيشن حاصل ڪيائين جنهن جي ڪري هن کي انعام ڏنو ويو. جدودجھد جاري رکندي 2010ع ۾ 18 گريڊ جي عهدي تي فائز ٿيو.

ذوالفقار علي سيال اسڪول جي فرض سرانجام ڏيڻ کانپوءِ نصيرآباد شهر ۾ آڪسفورڊ انگلش ڪوچنگ سينٽر کوليو. جتي نياڻين کي ٽيوشن پڙهڻ جي بلڪل اجازت نه هوندي هئي.

 هن جي سٺي رويي ۽ اخلاق کي ڏسي ڪري هتان جا ماڻهو متاثر ٿيا. جنهن ڪري سڄي نصير آباد شهر جون نياڻيون انگلش کي بهتر بنائڻ لاءِ وٽس اينديون آهن.

 سڄي شهر ۾ هي واحد انگلش سينٽر آهي. جتي نياڻيون علم جي روشني مان فيضياب ٿينديون آهن پر جيڪي شاگرد غربت سبب سينٽر جوائن نه ٿا ڪري سگھن انهن کي ڪلاسن کانپوءِ اسڪول ۾ ئي انهن جي حوصلن کي بلند ڪرڻ لاءِ فري ۾ ڪلاس وٺي ڪري مستقبل سنوارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

 ايتري قدر جيڪي شاگرد تمام گھڻي مسڪيني حالت ۾ پڙهي ناهن سگھندا. انهن جي مالي مدد ڪري چوندو آهي ته غربت ۾ ڄمڻ ڏوھ نه آهي بلڪه غربت ۾ مرڻ وڏو جرم آهي.

زندگي عجيب ۽ حيرت انگيز ڏسڻ ۾ اچي ٿي. صبح جو پابندي سان اسڪول ۾ اچڻ بعد ۾ انگلش سينٽر ۽ ان مان فارغ ٿي ڪري شام کانپوءِ اسٽيٽ لائف ۾ ڪم ڪرڻ جتي سيلز آفيسر جي عھدي تي فائز آهن.

هن پنهنجي زندگي ۾ ڪيترائي ادبي ڪتاب پڙهيا. انهن مان ”وهشي جيوت جا نشان“ ، شاھ، سچل ۽ سامي، سائين جو رسالو، استاد بخاري جي شاعري، تاريخ سنڌ ۽ انگريزي ۾ ”ايڪسپلورنگ دي ورلڊ آف انگلش“ جيڪو سيد سعادت علي شاھ جو لکيل آهي ۽ پسنديده فنڪار مهدي حسن، عابده پروين، سرمد سنڌي ۽ اردو ۾ ڪمار سانو، الڪا ياگنڪ آهي.

هر انسان ڪنهن نه ڪنهن شخصيت کان متاثر ٿي ڪري اڳتي وڌندو آهي پر ذوالفقار علي سيال شاھ سائين جي رسالي جي سر سسئي مان متاثر ٿي ڪري ڪڏهن به قدم پوئتي نه هٽايو. ڇو ته بزدلي ۽ مايوسي انسان کي ناڪام بڻائيندي آهي.