انساني حقن لا۽ پتوڙيندڙ عورت:نور ناز آغا

مظهرعلي جسڪاڻي

اسانجي معاشري ۾ تمام گهٽ عورتون اهڙيون آهن جن ڪنهن به شعبي کي چئلينج سمجهي اختيار ڪيو ۽ پوءِ ان ڏکئي رستي تي ثابت قدم ٿي اڳڀرو رهيون آهن.

 خوش اخلاق ۽ مٺو لهجو رکندڙ نور ناز آغا جو شمار به اهڙين عورتن ۾ ٿئي ٿو. پهرين جولائي 1960ع ۾ حيدرآباد جهڙي تاريخي شهر ۾ جنم ورتو اتي ئي هن پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي سندس جو والد آغا نورالدين جيڪو چاليهن سالن تائين حيدرآباد ڪئنٽونمينٽ بورڊ جو وائيس پريزيڊنٽ ٿي رهيو.

هوءَ مشهور قانوندان ۽ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن آهي. قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن اڪنامڪس ۾ پوسٽ گريجوئيٽ جي ڊگري حاصل ڪري 1984ع کان پنهنجي ليگل پروفيشن جو آغاز ڪيو. ڪراچي ۾ پريڪٽس دوران عورتن، ٻارن ۽ اقليت جي حفاظت لاءِ هيومن رائيٽس جي حوالي سان سرگرم رهي.

نه رڳو اهو پر ڪراچي بار ڪائونسل جي سرگرمين ۾ به ڀرپور نموني سان حصو وٺندي رهي ۽ ان جي نتيجي ۾ 1995ع کان 2000ع تائين سنڌ بار ڪائونسل جي پهرين وائيس چيئرپرسن ٿيڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيو.

2005ع کان 2009ع تائين هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر پڻ چونڊي وئي. ان کانسواءِ 2006ع لاءِ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر پڻ چونڊي وئي.

نور ناز آغا هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي وائيس چيئرپرسن ۽ ان جي باني ميمبرن مان هڪ آهي. هيومن رائيٽس جي حوالي سان نور ناز آغا 1995ع ۾ هالينڊ ۽ فرانس ۾ هڪ سيمينار اٽينڊ ڪيو ۽ ان کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا هيومن رائيٽس جي سلسلي ۾ آمريڪا، لنڊن جينيوا، کٽمنڊو ۽ جڪارتا ۾ ٿيل سيمينارن ۽ ورڪشاپ ۾ پڻ شرڪت ڪئي.

 نور ناز آغا کي 2002ع ۾ يونائيٽيڊ نيشن ايسوسيئيشن آمريڪا پاران ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. اهو ايوارڊ کيس ظلم، جبر ۽ نا انصافين جو شڪار عورتن، هارين ۽ مزدورن جي حقن لاءِ انهن جي ليگل ايڊ ۽ وسيع خدمتن عيوض ڏنو ويو.

1966ع ۾ ڪجهه ساٿين سان گڏ انساني حقن جي تحفظ جي خاطر هيومن رائيٽس ڪميشن تشڪيل ڏنو.

2007ع ۾ نور ناز آغا قانون جي سربلندي ۽ آزادي خاطر جيل به ڪاٽيا ۽ پنهنجي گهر ۾ نظر بند پڻ رهي. جڏهن جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي ته ان دوران ججن ۽ وڪيلن جي اڪثريت ۾ گرفتاريون عمل ۾ آيون.

هن پنهنجي زندگي جي مشڪل حالتن ۾ همٿ نه هاري ۽ هميشه پنهنجي ذات مان ٻين کي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي.

نور ناز آغا جي پسنديده شخصيت آنگ سانگ سوچي آهي جيڪا غير مواقف حالتن ۾ به پنهنجي مقصد تي قائم رهي. ان جو اهڙو حوصلو نور ناز آغا لاءِ بهترين رهبر ثابت ٿيو.*