هر ميدان ۾ پاڻ ميحرائيندڙ:سلطان لغاري

هرچندميگهواڙ

الله تعاليٰ هر انسان کي مخصوص ذهانت ۽ مهارت عطا ڪئي آهي. جنهن خوبين جي مدد سان ماڻهو حيرت انگيز ڪم ڪري سگهي ٿو جيڪي ان جي تصور ۾ به نه هوندا آهن.

هتي آئون جنهن شخص جي باري ۾ لکي رهيو آهيان اهو ملڪاڻي شريف جي اهم شخصيت آهي. جيڪو پنهنجي ڪوششن سان تعليم جي معيار کي بهتر بنائڻ لاءِ ملڪاڻي شريف جي ايندڙ نسل لاءِ اهم خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

 سندس نالو سلطان علي لغاري ۽ هن جي والد جو نالو محمد خان لغاري آهي هي 1987ع ۾ بدين ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ ملڪاڻي شريف ۾ ڄائو ميٽرڪ تائين تعليم اتان کان حاصل ڪئي انٽر ٽنڊو جان محمد ڪاليج مان ڪيائين ۽ ايم اي انگلش سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائين.

 هن شخص 2011ع ۾ ملڪاڻي شريف ۾ مهراڻ پبلڪ جي نالي سان اسڪول کوليو آهي. جتي نرسري کان اٺين ڪلاس تائين ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي تعليم ڏني وڃي ٿي.

جنهن جي سربراهي به هي خود ڪري رهيو آهي ۽ هتي شام جي وقت شاگردن کي مفت ٽيوشن ڏني ويندي آهي.

 عام طور ڏٺو وڃي ته شاگرد صرف پڙهائي جي سرگرمين ۾ مصروف هوندا آهن پر سلطان علي پنهنجي اسڪول جي دور کان ويندي يونيورسٽي تائين هر قسم جي سرگرمين ۽ مقابلن ۾ حصو وٺندو هو.

انهيءَ دوران هن کي ڪيترائي ميڊل ۽ انعام ڏنا ويا. هن پڙهائڻ جي شروعات مختلف خانگي اسڪولن کان ڪئي جنهن کان پوءِ پنهنجو اسڪول کوليائين.

هن وقت هي ان اسڪول ۾ ئي پڙهائي رهيو آهي جتي هميشه ڪم ۾ ئي مشغول نظر ايندو! ۽ اڪثر ڪري شاگردن کي تعليمي معيار بابت همٿائيندو رهندو آهي. هن جي ذهانت، رحمدلي ۽ سچائي جي ڪري گهرڀاتي، اُستاد ۽ پاڙيسري تمام گهڻي عزت ڪندا آهن.

هي شخص اڻٿڪ محنت ۽ معاشري ۾ تعليمي سڌاري لاءِ وس آهر ڪوششون ڪندو رهي ٿو. اهڙن ماڻهن کي ساراهي سندن همٿ افزائي ضرور ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهڙا ماڻهو وڌ کان وڌ سماج لاءِ تعليمي خدمتون سرانجام ڏين.*