مزاحمتي شاعرارباب مٺل منگي

آصف علي شيخ

سنڌ ڌرتي ڪيترائي شاعر، اديب ۽ دانشور پيدا ڪيا آهن، انهن مان ارباب مٺل منگي به هڪ آهي. مٺل منگي ضلعي خيرپور ميرس جي ننڍڙي شهر تعلقي سوڀيديري ۾ جنم ورتو.

اتان ئي پرائمري تعليم حاصل ڪيائين، ان کان پوءِ مئٽرڪ ۽ انٽر ڪنڊيارو ڪاليج مان پاس ڪيائين، جنهن کان پوءِ گريجوئيشن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين بعد ۾ ايم اي سنڌي به ساڳي يونيورسٽي مان ڪيائين.

 سندن والد جي وفات کان پوءِ پنهنجي گهر جون ذميواريون پاڻ سنڀالڻ لڳو، ان سان گڏوگڏ پنهنجي تعليم به جاري رکي.

 ان کان پوءِ پاڻ محرابپور ۾ لڏي آيو ۽ ڪجهه سال رهڻ کان پوءِ 1997ع ۾ اسڪول جو بنياد رکيو جنهن جو نالو ايورشائين پبلڪ اسڪول رکيو، محنت ۽ سچائي سان ان اسڪول کي هلائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيائين.

 مٺل منگي جو تعليم سان لڳاءُ تمام گهڻو آهي، سندن سوچ آهي ته اسڪول معياري هجي ۽ ان ۾ عملي تعليم ڏني وڃي ته جيئن اتان جي ماڻهن ۾ شعور پيدا ٿئي.

مٺل منگي جو شاعري ۽ ادب سان تمام گهڻو لڳاءُ آهي. هن وقت تائين پاڻ ڪيترائي شعر ۽ غزل لکيا آهن جن جو مجموعو موجود آهي.

 هن وقت هو هڪ شاعر، اديب هئڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺو استاد آهي. هن پنهنجي اڻٿڪ محنت سان شاگردن جي خدمت ڪئي ۽ انهن کي تعليم ۾ اڳتي وڌايو.*