نوجوان گلوڪار عبدالوحيد سروهي

جان محمد شيخ

ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،

ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي.

سنڌ جي عظيم ڌرتي هونئن ته پنهنجي ڪُک مان ڪيترائي ناليوارا فنڪار پيدا ڪيا آهن، جنهن ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پنهنجي سنڌ امڙ جو نالو روشن ڪيو آهي، اهڙن فنڪار ۾ نوجوان فنڪار عبدالوحيد سروهي به هڪ آهي، جنهن پنهنجي مٺڙي آواز ذريعي مقبوليت ماڻي آهي.

عبدالوحيد سروهي خيرپور ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ علي بخش سروهي ۾ جنم ورتو. هن پنهنجي ابتدائي تعليم جي.

آر او ڪالوني ماڊل اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي. ۽ انٽرميڊيٽ مسلم ڪاليج حيدرآباد مان حاصل ڪئي. جنهن ۾ پوزيشن ماڻي، جنهن تي کيس استادن، دوستن ۽ مائٽن پاران ساراهيو ويو.

عبدالوحيد سروهي راڳ جي سکيا پنهنجي والد محترم صوفي عبدالحق سروهي کان حاصل ڪئي، ان کانپوءِ هن استاد رمضان جي سرپرستي ۾ وڌيڪ فن سکيو.

نوجوان گلوڪار عبدالوحيد سروهي جو شمار سنڌ جي بهترين نوجوان گلوڪارن ۾ ٿئي ٿو. هن اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي وي تي پرفارم ڪري سٺي شهرت ماڻي، سنڌ جي ناليواري راڳين منظور سخيراڻي، شمن ميرالي، ممتاز لاشاري ۽ ٻين عبدالوحيد سروهي جي آواز ۽ راڳ جي انداز جي ساراهه ڪئي آهي ۽ کيس سنڌ جو بهترين گلوڪار قرار ڏيندي کيس مستقبل ۾ ڪامياب فنڪار قرار ڏنو آهي.

عبدالوحيد سروهي سنڌ ٽي وي جي پروگرام وائيس آف سنڌ جي بهترين راڳي طور پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جنهن تي کيس دبئي جي ٽڪيٽ ۽ 5 لک رپيا نقد انعام ڏنو ويو هو.

گلوڪار عبدالوحيد سروهي جا پسند جا شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه، استاد بخاري، شيخ اياز ۽ فيض احمد فيض آهن، جن مان هو تمام گهڻو متاثر آهي.

گلوڪار عبدالوحيد سروهي جي پسند جا گلوڪار استاد محمد مهدي حسن، استاد غلام علي ۽ استاد محمد جمن آهن.

سنڌ جو ناليوارو نوجوان گلوڪار عبدالوحيد سروهي لوڪ ۽ ڪلاسيڪل ميوزڪ مان گهڻو متاثر آهي، هن ڪيترن ئي پروگرامن ۾ ڀارتي گيت ڳائي به خوب داد وصول ڪيو آهي.

عبدالوحيد سروهي جا ”دل جون ڳجهيون ڳالهيون توکي ڪيئن نه چوان“ ۽ ” پيار ڪر، اقرار ڪر، آهسته آهسته“ سندس ڪلامن تمام گهڻي شهرت ماڻي آهي، جنهن جي ذريعي هو عوام جي دلين ۾ ڇائنجي ويو آهي.

سنڌ جو نوجوان طبقو عبدالوحيد سروهي جي راڳ کي گهڻو پسند ڪري ٿو، اهو ئي سبب آهي جو سندس هر پروگرام ۾عوام وڏي انگ ۾ شريڪ ٿئي ٿي.

 نوجوان راڳي عبدالوحيد سروهي هن وقت پنهنجي تعليم ۽ گلوڪاري کانسواءِ حيدرآباد ميوزيڪل اسٽوڊيو ۾ ڊائريڪٽر طور پڻ ڪم ڪري رهيو آهي.*