سنڌي ادب لا۽ جاڪوڙيندڙ:مور خاصخيلي

الطاف سيال

سنڌ جنهن جي تاريخ 5 هزار سال پراڻي آهي ۽ سنڌ سٻاجهڙي هميشه پنهنجي ڪک مان اُملهه موتي پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي ساري زندگي سنڌي ادب لاءِ جاکوڙ ڪندي گذاري آهي ۽ جيڪي پنهنجي شعر ذريعي پنهنجي ڌرتي لاءِ هميشه امن، محبت، ڀائيچاري ۽ سنڌ جي حفاظت لاءِ پيغام عام ڪندا رهيا آهن.

 اهڙي سوچ رکندڙ خيرپور رياست جي ٺري ميرواهه جي هڪ واهڻ ۾ جنم وٺندڙ سدا ملوڪ شاعر مور خاصخيلي جو نالو سرفهرست آهي.

 مور خاصخيلي جو اصلي نالو محمد علي آهي، جنهن رسول بخش پليجو جي ويجهي ساٿي محمد صالح خاصخيلي جي گهر ۾ تاريخ 1987 – 02 – 26 تي جنم ورتو.

ايم اي سنڌي ۾ ڪئي اٿس ۽ هن استاد بخاري کان متاثر ٿي شاعري جي باقائده شروعات 2003 کان ڪئي ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺري ميرواهه جو جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو آهي ۽ سندس شاعري روزاني تعمير سنڌ، ايڪسپريس سان گڏ ڪيترن ئي رسالن ۽ مئگزينن ۾ پڻ شايع ٿيندي رهندي آهي.هن پنهنجي شاعري جي شروعات سنڌ جي هن شعر سان ڪئي.

جنهن وقت به جيجل سنڌ گهرائي اينداسين،

رکي سر اڏيءَ تي ڪفن پائي اينداسين،

سندس چوڻ آهي ته منهنجو اڻ ٽٽندڙ عشق پنهنجي جيجل سنڌ سان آهي، جيڪو ڪڏهن به ٽٽي ڪونه ٿو سگهي. مور خاصخيلي انسان دوست ڪچهري جو ڪوڏيو ملنسار ۽ ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ آهي.

هن جي گفتگو ۾ ايتري ته ڪشش آهي جو جيڪو به هڪ دفعو ساڻس ڪچهري ڪندو ته سدائين ڪچهري ڪرڻ لاءِ سندس لاءِ ماندو رهندو.

شاعر گويا درد ۽ الم جو پيڪر آهي ۽ هر موچاري شئي جو عڪس سندس دل جي آرسي ۾ نقش ٿيل هوندو آهي ۽ ڪي چون ٿا ته شاعر انساني جذبن ۽ احساسن جي اظهار جو نالو آهي، وزن ۽ بحر جي چڱي ريت ڄاڻ رکندڙ آهي ۽ حقيقت ۾ شاعر اهو آهي، جنهن جا لفظ معنى جي تابع هجن ۽ مور جي شاعري جي وڏي لسٽ آهي، جنهن ۾ غزل،  وايون، چوسٽا، آزاد نظم، ٽيڙو اچي وڃن ٿا، مور پنهنجي محبوب سان مخاطب ٿيندي کيس چنڊ کان وڌيڪ حسين ٿو چويس.

تو چڱي طرح ڏٺو ناهي پرين،

چنڊ به توکان چٽو ناهي پرين.

پاڻ محبوب جي اڳيان ايترو ته فنا ٿيو وڃي ٿو جو چويس ٿو ته

ائين ڪُسي ويو آهيان تنهنجي قرب ۾،

مون جيان ڪو ڪٺو ناهي پرين.

آ وساري ڇڏيو مون پنهنجو پاڻ پيارا،

اهڙو چاهه جو ڪو چڪر ٿي ويو آ.

پنهنجي محبوب سان توڙ نڀائڻ جو وچن ڪندي هڪ هنڌ چوي ٿو ته

ڪيئن ٿو سگهان وساري مان ”مور“ مٺڙا توکي،

واسي ويو تون آهين وارن جي واس ۾.

پنهنجي محبوب جي اکين جي ساراهه ڪندي چوي ٿو ته

مرڪي نهاري مٺا مريد ڪري وئين تون،

ديدن دونالين سان شهيد ڪري وئين تون.

اکڙين جي اشارن ۾ تو پيار ڏنو مون کي،

سڪ سيني ۾ اهڙي شديد ڪري وئي تون.

اڳتي ائين به چوي ٿو ته

نظر سان نظر جو ٽڪر ٿي ويو آ،

پنهنجي محبوب کي لباس ۾ ڏسي بيخود چئي ٿو ڏئي ته

ڏاڍو سڄڻ وڻي ٿو ڪاري لباس ۾،

آ چنڊ اڀريو ڄڻ ڪو آڌي اماس ۾.

جنهن به کنيون نگاهون بخملي بدن ڏي،

نه هوندو هوش ۾، نه هوندو حواس ۾.

(جيڪو مرحوم غلام علي سنڌيلو ريڊو خيرپور تي پڻ ڳايو آهي)

آخر ۾ پنهنجي پڙهندڙ لاءِ پيغام ۾ چوي ٿو ته پاڻ ۾ ايڪو ٻڌي ڪريو. پيار ۽ محبت سان رهو، حسد ۽ ڪيني کي اندر ۾ هرگز جاءِ نه ڏيو، علم حاصل ڪري محنت ڪريو ڇو ته محنت ۾ عظمت آهي.