استاد،دانشور،لکيڪ۽محقق:پروفيسرمحمد يوسف پرديسي

صابرعلي

 

 

محمد يوسف پرديسي پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ جئندل ڪوٽ مان حاصل ڪئي. ڊي سي هاءِ اسڪول مٽياري ۾ نائين ڪلاس تائين پڙهيو، مئٽرڪ 1968ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪئي، انٽرميڊيئيٽ ۽ بي اي مسلم ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين.

1974ع ۾ ايم اي پوليٽيڪل سائنس سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي. ان کان پوءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا ويو. 1982ع ۾ ايڊين بورو يونيورسٽي آف پينسلوينيا، آمريڪا مان (ايم ايس) ڪئي، پاڻ وري هڪ ٻي يونيورسٽي پينسلوينيا اسٽيٽ يونيورسٽي آمريڪا مان ماسٽر آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن (ايم پي اي) ڪيائين.

محمد يوسف پرديسي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڪيترن عهدن تي فائز رهي چڪو آهي.

2000ع کان 2001ع تائين ڪنٽرول آف ايگزيمينيشن رهيو، ان وقت جي وائيس چانسلر کين هڪ مئنيجمينٽ جي استاد جي حيثيت سان ڪنٽرولر مقرر ڪيو.

پرديسي صاحب ڪاليجن کان فارم فين بجاءِ ڊي ڊي چالان جو طريقيڪار متعارف ڪرايو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي. سندن اهو به هڪ ڪارنامو آهي، ان وقت ڪاليجن تي رهيل هڪ ڪروڙ روپيا واپس ڪرايا.

محمد يوسف پرديسي 15 سالن کان وڌيڪ ڊپارٽمينٽ آف ايم پي اي ۾ چيئرمين جي عهدي تي فائز رهيو ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ يونيورسٽي ريزيڊينشل ڪالوني جو چيئرمين پڻ رهيو.

محمد يوسف پرديسي جي تعليمي خدمتن کي مدنظر رکندي 1996ع ۾ سنڌ يونيورسٽي طرفان کيس گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو.

انهيءَ کان علاوه محمد يوسف پرديسي کي ٻيا ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ جو ائڊميشن ڪئٽالاگ پڻ هنن جي هٿن جي محنت آهي ۽ اهو پهريون دفعو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1996ع ۾ متعارف ٿيو.

سنڌ يونيورسٽيءَ جي پهرين پري انٽري ٽيسٽ پڻ پرديسي صاحب منعقد ڪرائي. انهن ڪارنامن کان پوءِ کيس 2000ع ۾ سرٽيفڪيٽ آف ايڪسيلينس اينڊ شيلڊ جو ايوارڊ پڻ مليو.

محمد يوسف پرديسي سينيٽ اڪيڊمڪ ڪائونسل بورڊ آف ائڊوانس ۽ بورڊ آف اسٽڊيز سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو ميمبر پڻ رهيو آهي.

محمد يوسف پرديسي 1995ع کان 1997ع نيشنل ڪرڪيولم ڪاميٽي آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن اسلام آباد جو سيڪريٽري رهيو.

محمد يوسف پرديسي جو سنڌي ادب ۽ شاعري سان تمام گهڻو لڳاءُ رهيو آهي. پاڻ ڪيترائي مضمون ۽ ڪهاڻيون لکي چڪا آهن.

هن وقت محمد يوسف پرديسي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ وزيٽنگ پروفيسر آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۽ بيورو آف اسٽيگس ايڊوائيزر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.*