الله لوڪ،سماجي ورڪر۽خداشناس:وجود علي شر

اسد محمد خان

اڃان بي ڪي آهين - ڪل جُڳَ ۾ ڪاپڙي

سنڌ سونهاري جي مانائتي مٽيءَ جوڌا، ارڏا، بيباڪ، بهادر، خدا شناس، سُکن سچارا، مَئي مارڻ وارا، خود کي خاڪ ڪندڙ ۽ ڪيئي املهه ماڻڪ موتي پيدا ڪيا آهن ۽ سنڌو نديءَ جي سيرآبيءَ سنڌ جي مٽيءَ کي جيڪا جوت ۽ جلا بخشي آهي ان جو مظهر شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح، سچل سرمست، ميان نانڪ يوسف، شاهه عنايت، دولهه درياهه خان ۽ مخدوم بلاول سميت ڪيترائي ڪردار ڳڻجن جن هستي هوڏ وڃائي مستيءَ جو نغارو وڄايو.

اهڙن ڪردارن جي سرجڻ ۾ درازيءَ جي ديس مان فيضياب ٿيل شر فقير حضرت غلام حيدر گودڙيا ۽ فقير علي فولاد شر به آهن. انهن جي پيڙهيءَ مان موجوده دور جو الله لوڪ، خدا شناس سماجي ورڪر وجود علي شر جنهن 1965-10-20ع تي فقير جمشيد شر جي گهر ۾ اک کولي.

بنيادي تعليم سندس ڳوٺ مينگهو فقير تعلقو ٺري ميرواهه مان حاصل ڪيائين ۽ هائير سيڪنڊري گورنمينٽ ڪاليج خيرپور ميرس ۽ اعليٰ تعليم شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪامرس شعبي ۾ ماسٽرس ڪيائين.

شاگردي جي زماني ۾ شاگرد جدوجهد دوران شهيد نظير عباسي کان متاثر ٿي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيو.

جيڪو اڳتي هلي ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ڊي ايس ايف) جي شڪل اختيار ڪري وئي. جنهن ۾ پاڻ مرڪزي ڪاميٽيءَ جو رڪن ۽ ضلع خيرپور ميرس جو آرگنائيزر ٿيو.

بنيادي طور صوفي گهراڻي سان تعلق هجڻ، ترقي پسند ادب ۽ صوفي شاهه عنايت شهيد جي جدوجهد کان متاثر ٿي پنهنجي ڳوٺ ۾ ينگ ويلفيئر ايسوسيئيشن جي نالي سان هڪ سماجي تنظيم قائم ڪيائون.

جنهن تحت غريب ٻارن کي مفت ڪتاب مهيا ڪرڻ، ٽيوشن ڏيڻ ۽ سماجي طور پٺتي پيل ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان رهيو.

موجوده طرز حڪومت ۽ جاگيرداري نظام سان ٽڪر کائڻ لاءِ هارين جي هلچل ۾ شامل ٿيو. جنهن ۾ زرعي جنسن جي گهٽ اگهن، عام واهپي جي شين ۾ ملاوٽ ۽ ذخيرا اندوزي خلاف آواز اٿاريائون.

ترقي پسند ادب ڏانهن رغبت ۽ صوفي ادب ڏانهن ذهني لڳاءُ رهيو اٿن. پنهنجي والد فقير جمشيد علي شر جي خدمت ۾ اڪثر طور رهڻ جي ڪري عام ماڻهن وارو ڏيک ويک ڇڏي ڏنائون، اڄ به سندن لڳاءُ صوفين سان آهي.

 جن وٽ انسانيت عين اسلام آهي. جيڪي ذات پات، رنگ نسل، دين ڌرم جي پڃرن کان آزاد آهن.

پيري مريديءَ بابت ٻڌايائون ته غريبن، بيواهن ۽ مسڪينن جي مدد ڪندڙ منهنجي لاءِ مرشد وانگر آهن. سندن هڪ چواڻي آهي ته ”علم ريءَ فقيري جي واريءَ منجهه پروڻ“ ان ڪري علم کان بغير نه ته پاڻ کي سڃاڻي سگهجي ٿو، نه ئي حق حاصل ڪري سگهجي ٿو.

سڀني انسانن کي علم جو ذوق ۽ شوق ضرور رکڻ گهرجي. دعا، دوکي ۽ ڪنهن جي مجبوري مان فائدو حاصل ڪرڻ کان پاڻ کي پري رکجي ته جيئن انسانيت جو معراج ماڻي سگهجي ۽ ان لاءِ صوفي درس و تدريس سان لڳاءُ رکڻ ضروري آهي ته جيئن سنڌ مان ڏک ڏولاپا ۽ بيحسيون هميشه لاءِ ختم ٿي وڃن ۽ بيحسين کي جنم ڏيندڙ نظام خلاف شاهه عنايت شهيد واري جستجو ۽ واٽ وٺڻ هر نيڪ دل انسان تي لازم آهي ته جيئن جاگيرداري جي جبر ۽ رشوتي راڄ کان رعيت آجي ٿي پوي.*