صحافي۽سماجي ڪارڪن:پاويل جوڻيجو

ساجد علي سولنگي

پاويل احمد جوڻيجو جو اصل نالو الهڏنو جوڻيجو آهي هن دادو ضلعي جي تعلقي ميهڙ جي ڀرسان ڳوٺ گهاڙي محمد سليمان جي گهر ۾ جنم ورتو.

هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ ڀرسان وليداد چانڊئي مان اٺ درجا پاس ڪيائين، جنهن کان پوءِ هن گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 1 ميهڙ ۾ ايڊميشن ورتي جتان مئٽرڪ A” گريڊ ۾ پاس ڪئي ۽ پوءِ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج خيرپور ناٿن شاهه (ڪي اين شاهه) ۾ داخلا ورتي جتان انٽر پاس ڪيائين ۽ پڙهائي دوران شاگردن جي ترقي پسند تنظيم ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ 1982ع ۾ شامل ٿيو، ان جي پليٽ فارم تان 1983ع ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ هلايل ايم آر ڊي جي جيل ڀريو تحريڪ ۾ حصور ورتو ۽ ميهڙ ۾ گرفتاري ڏني.

1984ع تائين سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد رهيو. اتان آزادي کان پوءِ شاگرد سياست ۾ ڀرپور حصو ورتو 1984۽ 1985ع ۾ ڊي ايس ايف سنڌ جي صوبائي ڪابينا ۾ جوائنٽ سيڪريٽري رهيو شاگردي واري دور کان پوءِ ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان جي طرفان پاڪستان نيشنل پارٽي ۽ بعد ۾ عوامي نيشنل پارٽي ۾ دادو ضلعي جي اهم عهدن تي رهيو.

عالمي ڪميونسٽ تحريڪ ۾ ٽوڙ ڦوڙ کان پوءِ جڏهن پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ ان جا ساٿي پارٽي کان ڌار ٿي ويا ته پاويل احمد جوڻيجو به ڪميونسٽ پارٽي کان ڌار ٿي ويو ۽ ميڊيا سان وابسته ٿيو پر فڪري طور اڄ به سوشلزم ۽ ڪيمونزم کي غربت، بک، بيروزگاري سماجي تحفظ وارو فڪري نظريو سمجهي ٿو.

پاويل احمد جوڻيجو ننڍپڻ کان وٺي ذهين ۽ استادن جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو، هن کي ننڍپڻ کان وٺي ڪهاڻيون ۽ غزل لکڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو.

هن پنهنجي صحافت جي شروعات 1983ع ”سنڌ“ اخبار ۽ ”مهراڻ“ اخبار ۾ ڪئي جنهن ۾ ڪجهه وقت خدمتون سرانجام ڏنيون.

ٿوري وقت گذرڻ کان پوءِ هن سرڪاري نوڪري لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ استاد ٿيو ۽ اڄ به پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول گهاڙي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ 1992-93ع دوران حيدرآباد ۾ اخبار پڪار جو ”بيورو چيف“ به رهيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ اخبار ”تعمير سنڌ“ ۽ اخبار ”سچ“ لاڙڪاڻي ضلعي ۽ دادو ضلعي جو رپورٽر به رهيو آهي، هن وقت ميهڙ ۾ ”ڪوشش“ اخبار ۾ رپورٽر طور فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.

پاويل احمد جوڻيجو جا ڪجهه ڪتاب لکيا آهن، جن جا نالا هي آهن. 1. باک ڦٽي جي ڳالهه، 2. ڏينهن ڏٺي جا سپنا، 3. پاڪستان جي سياست ۽ سياسي پارٽيون.*