ڊاڪٽرانور فگار هڪڙو

قنديل مسرور بدوي

 هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن منهنجي سنڌ جي مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ۾ شعبي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز ۾ داخلا ٿي هئي ۽ مان پنهنجي والد صاحب سان گڏ محترم ڊاڪٽر محمد انور فگار هڪڙو صاحب سان ملڻ جي لاءِ سنڌي شعبي ڏانهن سندن آفيس ويل هئس.

ڊاڪٽر فگار هڪڙو نهايت پيار ۽ پاٻوهه سان مليو ۽ منهنجي همت افزائي ڪندي سهڻيون صلاحون ڏنائين ۽ چيائين ته جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪا تڪليف يا مسئلو پيش اچي ته مون کي ٻڌائيندا مان ان کي حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندس.

ڊاڪٽر صاحب جا اهي لفظ روح کي راحت ڏيڻ لڳا ۽ مون کي ائين محسوس ٿيو ته جولاءِ جي جهولي ۾ ڄڻ ڏکڻ جي هير گُهلي هجي.

ڊاڪٽر محمد انور فگار 1961-04-01ع ۾ محمد صديق هڪڙو جي گهر ۾ جنم ورتو سندس والد پرائمري استاد هو.

ڊاڪٽر صاحب پرائمري، مئٽرڪ ۽ انٽر جي تعليم شڪارپور شهر ۾ حاصل ڪئي، بي اي ۽ ايم اي جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين.

ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو پهريائين پرائمري استاد ٿيو، پڙهائڻ جي دوران بي ايڊ ڪيائين ۽ هاءِ اسڪول جو استاد بڻيو.

ان دوران به محنت سان پڙهندو رهيو ۽ پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ داخلا ورتائين (رجسٽريشن ڪرايائين) سندس پي ايڇ ڊي جي مقالي جو عنوان شڪارپور شهر جي سنڌي ادب ۾ حصو 1873 کان 1970ع تائين هو.

ان مقالي جو رهبر مرحوم ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي هو. ميمڻ صاحب 11 فيبروري 1996ع تي وفات ڪري ويو.

ان کان پوءِ ڊاڪٽر فگار جو ٻيو رهنماءُ ڊاڪٽر مرحوم تنوير عباسي مقرر ٿيو، جنهن جي رهنمائي ۾ مقالو (ٿيسز) مڪمل ڪري شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتائين ۽ ساڳئي سال سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو.

ڊاڪٽر انور فگار لاءِ محروم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته: ”محمد انور فگار هڪڙو جو شڪارپور جي لاءِ پيار مثالي آهي. هو شڪارپور ائين گهمائيندو آهي ڄڻ شهر ٺهرايل ئي سندس هجي.

هرهڪ گهٽي ۽ گهر، ان وٽ گهڻي اهميت رکن ٿا. محمد انور فگار هڪڙو جڏهن ماڻهن جو ذڪر ڪري ٿو ته هرهڪ جي اهميت، قابليت، اصليت، شخصيت ۽ قومي خدمت جو نقشو سامهون آڻي ٿو.“ ڊاڪٽر انور فگار جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن جن مان ڪجهه خاص ڪتاب هيٺ ڏجن ٿا.

سمنڊ سمايو بوند ۾، (کيئل داس خاني جو ڪلام)

سون برابر سڳڙا (عمر بن محمد دائود پوٽي جا مضمون)

جنم جنم جيت، اياز

پٽ جون ڳنڍيون ريشم جا ويڙها، ڊاڪٽر عبدالقيوم طراز جو ڪلام

شڪارپور جي صحافتي تاريخ

سنڌ جي شهرن جي تاريخ

ادب، سماج ۽ زندگي

سامي ساگر بوند ۾

جي تند برابر نوريان (شيخ اياز جون ڪهاڻيون)     

سنڌي ٻولي بابت مضمون شيخ اياز ايڪ جائزه (اردو ڪتاب)

ڊاڪٽر انور فگارشڪارپور ليکڪ يادگار ڪاميٽي جو ميمبر، مهراڻ پبلشر جو پڻ ميمبر رهيو آهي. هن وقت ڊسٽرڪٽ هسٽوريڪل سوسائٽي جو صدر ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر جو سيڪريٽري پڻ آهي ۽ هن وقت پاڻ سنڌي شعبي جو چيئرمين آهي.

ڊاڪٽر انور فگار نهايت ئي ڀلوڙ محقق ۽ تنقيد نگار آهي. سندس ڪيترائي مضمون، مقالا اشاعتي مخزن رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپجندا رهن ٿا.*